نثارابڙو
نائب منتظم
زندگي هڪ رستي جيئان آهي ... ڊگها، ننڍا ۽ سوڙها... سولا ۽ پٿرن وارا ... سڌا ۽ ورن وڪڙن وارا. اسانجي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيترائي رستا اچن ٿا ... جيڪي عزت ڀرئي مقام تائين پهچائن ٿا، شاديءَ طرف وٺي وڃن ٿا ... دين جي سمجهه ۽ ادائگي طرف رهنمائي ڪنٿا ... ۽ نه بلڪ ايترو پر خوشي ۽ ڏک طرف به اهي ئي رستا وٺي وڃن ٿا ... فتح، ڪاميابي ۽ خوشيءَ طرف وڃن ٿا ... ۽ اهي ئي رستا شڪست ڏيکارن ٿا ۽ دل شڪسته ڪنٿا ...
زندگيءَ ۾ پڻ رستن جيئان ڪنڊو. پاسا، موڙ ۽ چو واٽا اچنٿا ... ممڪن سڀ کان منجهائيندڙ يا ڏکيو ڪو چو واٽو سامهون اچي وڃي ... جنهن ۾ چئن طرفن ڏانهن ويندڙ رستن مان ڪو هڪ رستو پنهنجي محدود ڄاڻ ۽ خبر جي ته اهي سڀ ڪيڏانهن وڃن ٿا ۽ ڪهڙي جي چونڊ ڪرڻي آهي؟ ۽ ڪهڙي پڪ آهي ته جيڪو رستو چونڊ ڪيو آهي اهو صحيح آهي ۽ منزل ڏانهن ويندڙ آهي .... ڇا اوهان ڪوبه رستو وٺي هلي پوندا، يا ان چوراهي ته اچي ٿوري دير لاءِ بيهندا ته ڪٿي آهيو...؟
ڪا پڪ ناهي هوندي ...؟
سچ به ڪا پڪ ناهي هوندي ته رستو ڪهڙي منزل ڏانهن وٺي ويندو جيستائين ان رستي تي هلي نه پئجي ... ڪا پڪ يا ڪا ضمانت ناهي هوندي ... اها زندگيءَ جي هڪ اهم حقيقت آهي جنهن کي سمجهڻو پوندو آهي. ڪو به ائين نٿو چئي سگهي ته هُنَ جيڪو به رستو اختيار ڪيو تنهن کيس منزل تائين پهچايو يا کيس خوشي ميسر ڪئي. ڪنهنکي پنهنجي سموري چاهتن سان چاهجي ۽ پيار ڪجي پر ضروري ناهي ته ان جي موٽ به اوتري ئي ملي وڃي ... پئسي يا قسمت جو واڌارو خوشيءَ کي يقيني ٺاهڻ جي پڪ ناهي هوندو ... ڪنهن اعلا ۽ پر اثر شخصيت جا ڪجهه لفظ ئي اوهانجي چال ۾ تيک آڻي اوهانکي زندگيءَ جي ڏاڪڻ ڪڏڻ جي همٿ پئدا ڪري سگهنٿا، خاص طور تي جڏهن اوهان اعلا تعليم يافته ۽ اهل هوندا آهيو ... ڪيترائي ممڪن نتيجا موجود هوندا آهن، جن کي سچ به پنهنجي وس ڪري نٿو سگهجي. ها اسانکي رڳو هڪ شئي جي سگهه آهي ته اسين فيصلو ڪري سگهون ته اسين ڪيئن عمل ڪنداسون يا ڪيئن مختلف حالتن ۾ پاڻ سنڀالينداسون.
غلط فيصلا خام خياليءَ سبب ٿين ٿا
ڇا اوهانکي اها خبر پئي ته غلط فيصلا ڪيا ويا هيا ۽ اوهان انهن غلط فيصلن سان هلندا رهيا آهيو؟ شايد نه، اوهان اهڙو رستو ڇو اختيار ڪندا جڏهن اوهانکي خبر هجي ته ان تي هلڻ سان گهاٽو ٿيندو؟ اهڙا فيصلا ڇو ڪندا جن جي اوهانکي شروع کان ئي خبر هجي ته اهو صحيح ناهي؟ اهو سڀ ڪجهه تڏهن ئي ممڪن هوندو آهي جڏهن اوهان فيصلا ڪيا هوندا آهن ۽ انهن تي عمل ڪيو هوندو آهي ۽ پوءِ ئي انهن فيصلن جي موٽ جو اثر محسوس ڪيو هجي ... هاڻ جيڪڏهن نتيجا يا ڦل اوهانجي فائدي ۾ ٿيا آهن ته اوهان فيصلو صحيح ڪيو آهي، ۽ ان جي ابتڙ آهي ته فيصلو غلط ٿيل آهي ...
خطرو کڻو ؛ فيصلو ڪيو.
جڏهن ته زندگي اوهانکي ڪا پڪ نٿي ڏي ۽ اوهين پڻ بي خبر رهو ٿا ته اوهانجو ڪيل فيصلو غلط آهي جيستائين ان تي عمل نٿا ڪريو. انڪري خطرن کي قبول ڪندي فيصلو ڪرڻو پوندو ... يقين سان اهو پاڻکي موڳائپ يا تذبذب ۾ رکڻ واري حالت کان بهتر هوندو آهي. جيتوڻيڪ اها به حقيقت آهي ته هڪ غلط فيصلو وڏي نقصان ۾ وجهي سگهي ٿو پر اهو به سچ آهي ته اهو فيصلو ڪنهن اڻ ڏٺي ڪاميابيءَ جي طرف پڻ وٺي وڃي سگهي ٿو ۽ نوان رستا کولي وجهي ٿو. اهي سڀ سوچ ۽ خيال جا مسئلا ٿين ٿا، اوهان وٽ پسند موجود آهي ته اوهين پنهنجي زندگيءَ ۾ پاڻ کي گم ٿيل مسافر جيئان سمجهو يا وري هڪ اهڙي مسافر جيئان جيڪوحادثن سان منهن ڏيڻ جو شوق رکندو هجي. پوءِ به احتياط اهو ڪرڻو آهي ته ڪو به فيصلو تڪڙ ۾ يا هڙبڙيءَ ۾ ناهي ڪرڻو، خطرا کڻڻ ڪا بي عقلي يا بي احتياطي ناهي هوندي، هيٺ ڪجهه نقطا آهن جنکي نظر ۾ رکجي ته ممڪن خطرن واران رستن تي هلڻ واري عمل کي پنهنجي فائدي ۾ ڪري وٺجي ۽ زندگيءَ جي پرخطر چوراهي مان ممڪن حد تائين صحيح رستي جي چونڊ ڪري سگهجي.
1. پنهنجي مسئلي ۽ منزل بابت ممڪن حد تائين معلومات ڪٺي ڪريو.
مختصر يا ٿورڙي ڄاڻ اعتماد پئدا ٿيڻ نه ڏيندي آهي ته اوهان پنهنجي منزل بابت ڪو فيصلو ڪري سگهو. بلڪل هڪ اخباري نمائيندي جيئان جيڪو پنهنجي ذهن ۾ هميشه هي سوال رکندو آهي ته؛ ڇا، ڪير، ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڇو ... ڪهڙي حالت آهي؟ ڪهڙا ماڻهون ملوث آهن؟ اهو ڪڏهن ٿيو؟ معاملو ڪهڙيءَ طرف پيو وڃي؟ اوهين هن حالت ۾ ڇو آهيو؟ اهي ڪجهه ممڪن سوال ٿي سگهنٿا جنهن سان اوهان پنهنجي صحيح حالت معلوم ڪري سگهو. اهي اهم هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن گهٽ ڄاڻ اوهانکي اهم فيصلن ڪرڻ کان روڪيندي آهي.
2. سڃاڻو ۽ اختيار پئدا ڪريو
اها مخصوح حالت اوهانکي ڪهڙا اختيار يا وس ڏي ٿي؟ ڪڏهن ڪڏهن اوهان وٽ ڪي مختصر اختيار هوندا آهن ته وري ڪڏهن کوڙ ساترا هوندا آهن. پر اوهان تڏهن ڇا ڪندا جڏهن ڪا حالت اوهانکي ڪو به اختيار نه ڏيندي آهي؟ اهو ئي وقت هوندو آهي جڏهن اوهان پنهنجي تخليق کان ڪم وٺندا آهيو، پنهنجي تخليقي دماغ جو استعمال ڪريو، تمام آسان ۽ منجهيل سڀني خيالن جي مهماني ڪيو، خيالن کي دماغ ۾ اچڻ ڏيو ۽ انهن کي ڪنڌ ڌوڻي ختم نه ڪيو، ڪڏهن ڪو ڪنو يا ننڍڙو خيال به آخر ۾ صحيح ثابت ٿي پوندو آهي. پنهنجن دوستن/عزيزن سان دل جي ڳالهه ڪريو ۽ نقطن ۽ اختيارن کي سامهون رکو بلڪه کيس وڌيڪ اختيارن جي صلاح لاءِ سهڪار ڪرڻ جو چئو جيڪڏهن اوهانکي مونجهارو ٿئي ٿو پر هڪ شئي جي پڪ ڪريو ته آخر ۾ فيصلو اوهانکي ئي ڪرڻو آهي.
3. هر هڪ اختيار جي هرهڪ پاسي جي تور تڪ ڪيو
هرهڪ اختيار جي ماپ ڪيو، انهن اختيارن سبب ايندڙ فائدن ۽ نقصانن جي ماپ ڪريو. اهڙي طريقي سان، اوهانکي انهن اختيارن ۽ نقطن جي نتيجن جو گهرائيءِ سان پتو پوندو.
4. پاڻ تي اعتماد ڪريو ۽ فيصلو ڪريو
اوهان سڀ نقطا ۽ اختيار گهرائيءَ سان جاچي ورتا آهن، هاڻ اوهانکي پاڻ تي اعتماد ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، ڇاڪاڻ هڪ ڳالهه ياد رکو ته ڪنهن به فيصلي جي يقينيت ناهي هوندي ۽ غلط فيصلا خام خياليءَ سبب ٿين ٿا، انڪري چونڊ ڪريو ... فيصلو ڪريو ... اعتبار ڪريو ته اوهين سڀ کان اعلا اختيار يا نقطي جي چونڊ ڪئي آهي.
هاڻ جڏهن اوهان فيصلو ڪري ورتو آهي ته انجي نتيجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃو، سٺا يا خراب، شايد اهي اوهانکي مطلوبه جنت ڏانهن وٺي وڃن ۽ ممڪن اوهانکي سخت مشڪلاتن ڏانهن. پر اهم ڳالهه اها آهي ته اوهان زنده آهيو ۽ زندگيءَ کي اختيار ڪيو آهي انجي بجاءِ جو اوهين زندگيءَ جا تماشبين آهيو يا بس ٻڌڻ واري حد تائين پنهنجا ڪن استعمال ڪريو ٿا. صحيح فيصلو آهي يا غلط انجو فيصلو پڻ وقت ڪندو آهي، انجي مخالفت نه ڪيو جيڪي ڪجهه اوهانجي فيصلي مان پئدا ٿئي، ان کي قبول ڪريو، ان مان سکو ۽ ياد رکو ته اوهان وٽ اڃان موقعا آهن ته اوهين صحيح فيصلا ڪري سگهو ...
انڪري هلندا رهو ... فيصلا ڪندا رهو ۽ زندگيءَ کي پنهنجي انداز سان سينگاريندا ۽ وڌائيندا رهو...
نصرمن الله وفتح قريب
نوٽ؛ هڪ انگريزي ليک تان ترجمو ٿيل