صحيح فيصلو ڪئين ڪجي؟

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏14 فيبروري 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]


    صحيح فيصلو ڪئين ڪجي؟
    مترجم ؛ نثار ابڙو

    [JUSTIFY]زندگي هڪ رستي جيئان آهي ... ڊگها، ننڍا ۽ سوڙها... سولا ۽ پٿرن وارا ... سڌا ۽ ورن وڪڙن وارا. اسانجي زندگيءَ جي سفر ۾ ڪيترائي رستا اچن ٿا ... جيڪي عزت ڀرئي مقام تائين پهچائن ٿا، شاديءَ طرف وٺي وڃن ٿا ... دين جي سمجهه ۽ ادائگي طرف رهنمائي ڪنٿا ... ۽ نه بلڪ ايترو پر خوشي ۽ ڏک طرف به اهي ئي رستا وٺي وڃن ٿا ... فتح، ڪاميابي ۽ خوشيءَ طرف وڃن ٿا ... ۽ اهي ئي رستا شڪست ڏيکارن ٿا ۽ دل شڪسته ڪنٿا ...

    [​IMG]
    .

    زندگيءَ ۾ پڻ رستن جيئان ڪنڊو. پاسا، موڙ ۽ چو واٽا اچنٿا ... ممڪن سڀ کان منجهائيندڙ يا ڏکيو ڪو چو واٽو سامهون اچي وڃي ... جنهن ۾ چئن طرفن ڏانهن ويندڙ رستن مان ڪو هڪ رستو پنهنجي محدود ڄاڻ ۽ خبر جي ته اهي سڀ ڪيڏانهن وڃن ٿا ۽ ڪهڙي جي چونڊ ڪرڻي آهي؟ ۽ ڪهڙي پڪ آهي ته جيڪو رستو چونڊ ڪيو آهي اهو صحيح آهي ۽ منزل ڏانهن ويندڙ آهي .... ڇا اوهان ڪوبه رستو وٺي هلي پوندا، يا ان چوراهي ته اچي ٿوري دير لاءِ بيهندا ته ڪٿي آهيو...؟

    ڪا پڪ ناهي هوندي ...؟

    سچ به ڪا پڪ ناهي هوندي ته رستو ڪهڙي منزل ڏانهن وٺي ويندو جيستائين ان رستي تي هلي نه پئجي ... ڪا پڪ يا ڪا ضمانت ناهي هوندي ... اها زندگيءَ جي هڪ اهم حقيقت آهي جنهن کي سمجهڻو پوندو آهي. ڪو به ائين نٿو چئي سگهي ته هُنَ جيڪو به رستو اختيار ڪيو تنهن کيس منزل تائين پهچايو يا کيس خوشي ميسر ڪئي. ڪنهنکي پنهنجي سموري چاهتن سان چاهجي ۽ پيار ڪجي پر ضروري ناهي ته ان جي موٽ به اوتري ئي ملي وڃي ... پئسي يا قسمت جو واڌارو خوشيءَ کي يقيني ٺاهڻ جي پڪ ناهي هوندو ... ڪنهن اعلا ۽ پر اثر شخصيت جا ڪجهه لفظ ئي اوهانجي چال ۾ تيک آڻي اوهانکي زندگيءَ جي ڏاڪڻ ڪڏڻ جي همٿ پئدا ڪري سگهنٿا، خاص طور تي جڏهن اوهان اعلا تعليم يافته ۽ اهل هوندا آهيو ... ڪيترائي ممڪن نتيجا موجود هوندا آهن، جن کي سچ به پنهنجي وس ڪري نٿو سگهجي. ها اسانکي رڳو هڪ شئي جي سگهه آهي ته اسين فيصلو ڪري سگهون ته اسين ڪيئن عمل ڪنداسون يا ڪيئن مختلف حالتن ۾ پاڻ سنڀالينداسون.

    غلط فيصلا خام خياليءَ سبب ٿين ٿا

    ڇا اوهانکي اها خبر پئي ته غلط فيصلا ڪيا ويا هيا ۽ اوهان انهن غلط فيصلن سان هلندا رهيا آهيو؟ شايد نه، اوهان اهڙو رستو ڇو اختيار ڪندا جڏهن اوهانکي خبر هجي ته ان تي هلڻ سان گهاٽو ٿيندو؟ اهڙا فيصلا ڇو ڪندا جن جي اوهانکي شروع کان ئي خبر هجي ته اهو صحيح ناهي؟ اهو سڀ ڪجهه تڏهن ئي ممڪن هوندو آهي جڏهن اوهان فيصلا ڪيا هوندا آهن ۽ انهن تي عمل ڪيو هوندو آهي ۽ پوءِ ئي انهن فيصلن جي موٽ جو اثر محسوس ڪيو هجي ... هاڻ جيڪڏهن نتيجا يا ڦل اوهانجي فائدي ۾ ٿيا آهن ته اوهان فيصلو صحيح ڪيو آهي، ۽ ان جي ابتڙ آهي ته فيصلو غلط ٿيل آهي ...

    خطرو کڻو ؛ فيصلو ڪيو.

    جڏهن ته زندگي اوهانکي ڪا پڪ نٿي ڏي ۽ اوهين پڻ بي خبر رهو ٿا ته اوهانجو ڪيل فيصلو غلط آهي جيستائين ان تي عمل نٿا ڪريو. انڪري خطرن کي قبول ڪندي فيصلو ڪرڻو پوندو ... يقين سان اهو پاڻکي موڳائپ يا تذبذب ۾ رکڻ واري حالت کان بهتر هوندو آهي. جيتوڻيڪ اها به حقيقت آهي ته هڪ غلط فيصلو وڏي نقصان ۾ وجهي سگهي ٿو پر اهو به سچ آهي ته اهو فيصلو ڪنهن اڻ ڏٺي ڪاميابيءَ جي طرف پڻ وٺي وڃي سگهي ٿو ۽ نوان رستا کولي وجهي ٿو. اهي سڀ سوچ ۽ خيال جا مسئلا ٿين ٿا، اوهان وٽ پسند موجود آهي ته اوهين پنهنجي زندگيءَ ۾ پاڻ کي گم ٿيل مسافر جيئان سمجهو يا وري هڪ اهڙي مسافر جيئان جيڪوحادثن سان منهن ڏيڻ جو شوق رکندو هجي. پوءِ به احتياط اهو ڪرڻو آهي ته ڪو به فيصلو تڪڙ ۾ يا هڙبڙيءَ ۾ ناهي ڪرڻو، خطرا کڻڻ ڪا بي عقلي يا بي احتياطي ناهي هوندي، هيٺ ڪجهه نقطا آهن جنکي نظر ۾ رکجي ته ممڪن خطرن واران رستن تي هلڻ واري عمل کي پنهنجي فائدي ۾ ڪري وٺجي ۽ زندگيءَ جي پرخطر چوراهي مان ممڪن حد تائين صحيح رستي جي چونڊ ڪري سگهجي.

    1. پنهنجي مسئلي ۽ منزل بابت ممڪن حد تائين معلومات ڪٺي ڪريو.

    مختصر يا ٿورڙي ڄاڻ اعتماد پئدا ٿيڻ نه ڏيندي آهي ته اوهان پنهنجي منزل بابت ڪو فيصلو ڪري سگهو. بلڪل هڪ اخباري نمائيندي جيئان جيڪو پنهنجي ذهن ۾ هميشه هي سوال رکندو آهي ته؛ ڇا، ڪير، ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڇو ... ڪهڙي حالت آهي؟ ڪهڙا ماڻهون ملوث آهن؟ اهو ڪڏهن ٿيو؟ معاملو ڪهڙيءَ طرف پيو وڃي؟ اوهين هن حالت ۾ ڇو آهيو؟ اهي ڪجهه ممڪن سوال ٿي سگهنٿا جنهن سان اوهان پنهنجي صحيح حالت معلوم ڪري سگهو. اهي اهم هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن گهٽ ڄاڻ اوهانکي اهم فيصلن ڪرڻ کان روڪيندي آهي.

    2. سڃاڻو ۽ اختيار پئدا ڪريو

    اها مخصوح حالت اوهانکي ڪهڙا اختيار يا وس ڏي ٿي؟ ڪڏهن ڪڏهن اوهان وٽ ڪي مختصر اختيار هوندا آهن ته وري ڪڏهن کوڙ ساترا هوندا آهن. پر اوهان تڏهن ڇا ڪندا جڏهن ڪا حالت اوهانکي ڪو به اختيار نه ڏيندي آهي؟ اهو ئي وقت هوندو آهي جڏهن اوهان پنهنجي تخليق کان ڪم وٺندا آهيو، پنهنجي تخليقي دماغ جو استعمال ڪريو، تمام آسان ۽ منجهيل سڀني خيالن جي مهماني ڪيو، خيالن کي دماغ ۾ اچڻ ڏيو ۽ انهن کي ڪنڌ ڌوڻي ختم نه ڪيو، ڪڏهن ڪو ڪنو يا ننڍڙو خيال به آخر ۾ صحيح ثابت ٿي پوندو آهي. پنهنجن دوستن/عزيزن سان دل جي ڳالهه ڪريو ۽ نقطن ۽ اختيارن کي سامهون رکو بلڪه کيس وڌيڪ اختيارن جي صلاح لاءِ سهڪار ڪرڻ جو چئو جيڪڏهن اوهانکي مونجهارو ٿئي ٿو پر هڪ شئي جي پڪ ڪريو ته آخر ۾ فيصلو اوهانکي ئي ڪرڻو آهي.

    3. هر هڪ اختيار جي هرهڪ پاسي جي تور تڪ ڪيو

    هرهڪ اختيار جي ماپ ڪيو، انهن اختيارن سبب ايندڙ فائدن ۽ نقصانن جي ماپ ڪريو. اهڙي طريقي سان، اوهانکي انهن اختيارن ۽ نقطن جي نتيجن جو گهرائيءِ سان پتو پوندو.

    4. پاڻ تي اعتماد ڪريو ۽ فيصلو ڪريو

    اوهان سڀ نقطا ۽ اختيار گهرائيءَ سان جاچي ورتا آهن، هاڻ اوهانکي پاڻ تي اعتماد ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، ڇاڪاڻ هڪ ڳالهه ياد رکو ته ڪنهن به فيصلي جي يقينيت ناهي هوندي ۽ غلط فيصلا خام خياليءَ سبب ٿين ٿا، انڪري چونڊ ڪريو ... فيصلو ڪريو ... اعتبار ڪريو ته اوهين سڀ کان اعلا اختيار يا نقطي جي چونڊ ڪئي آهي.
    [​IMG]

    هاڻ جڏهن اوهان فيصلو ڪري ورتو آهي ته انجي نتيجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃو، سٺا يا خراب، شايد اهي اوهانکي مطلوبه جنت ڏانهن وٺي وڃن ۽ ممڪن اوهانکي سخت مشڪلاتن ڏانهن. پر اهم ڳالهه اها آهي ته اوهان زنده آهيو ۽ زندگيءَ کي اختيار ڪيو آهي انجي بجاءِ جو اوهين زندگيءَ جا تماشبين آهيو يا بس ٻڌڻ واري حد تائين پنهنجا ڪن استعمال ڪريو ٿا. صحيح فيصلو آهي يا غلط انجو فيصلو پڻ وقت ڪندو آهي، انجي مخالفت نه ڪيو جيڪي ڪجهه اوهانجي فيصلي مان پئدا ٿئي، ان کي قبول ڪريو، ان مان سکو ۽ ياد رکو ته اوهان وٽ اڃان موقعا آهن ته اوهين صحيح فيصلا ڪري سگهو ...

    انڪري هلندا رهو ... فيصلا ڪندا رهو ۽ زندگيءَ کي پنهنجي انداز سان سينگاريندا ۽ وڌائيندا رهو...

    نصرمن الله وفتح قريب


    نوٽ؛ هڪ انگريزي ليک تان ترجمو ٿيل
    [/JUSTIFY]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: صحيح فيصلو ڪئين ڪجي؟

    تمام بهترين ليک آهي سائين

    ان سان اها خبر به پئي ٿئي ته توهان پنهنجي زندگي جا فيصلا پاڻ ڪري

    وک وڌائيندا رهو


    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: صحيح فيصلو ڪئين ڪجي؟



    نصرمن الله وفتح قريب
    سائين جنهجو به ليک آهي ونڊيو اوهان آهي اوهان جا احسان الله اوهان جي ڇانوَ اسان جهڙن طالب علمن تي دائم و قائم رکي ۔
    وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: صحيح فيصلو ڪئين ڪجي؟

    سائين ڏاڏل، لک ٿورا، بلڪل سهي چيو اوهان ته جنهن جاءِ تي اوهانکي محسوس ٿئي ته اوهانجو فيصلو غلط آهي ته اتان واپس ٿيو ۔۔۔

    مٿي ڏنل مضمون جو تت آهي؛
    پاڻ تي ڀروسو ڪيو
    فيصلا ڪريو
    نتيجا انسان جي وس ۾ ناهن
    زندگي ڀرپور گذاريو

    1۔ اسانجا ڪجهه دوست يا عزيز يا قوم جا ماڻهون پاڻ تي اعتماد نه ڪندا آهن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ناهن ڪندا، انڪري هن مضمون ۾ ڪوشش ٿيل آهي ته ماڻهن کي پنهنجو پاڻ تي ڀروسي واري سگهه کي اجاگر ڪجي۔

    2۔ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ تي اعتماد هوندي به انسان ڪو فيصلو ڪري ناهي سگهندو ۽ ٻڏتر جو شڪار رهندو آهي، هن مضمون ۾ اها ڳالهه سمجهايل آهي ته ٻڏتر ۾ نه رهو ايئن ڪرڻ سان اوهانجي صلاحيت ۽ سگهه متاثر ٿئي ٿي ۔۔۔ فيصلي ڪرڻ کان اڳ تورتڪ ڪيو، مشورا ڪريو پر آخر ۾ فيصلو ڪريو ۔۔۔

    3۔ انسان جي وس ۾ هوندو آهي ڪوشش ڪرڻ يا اڳتي وڌڻ، پر اصل نتيجي جي ڄاڻ ناهي هوندي، ڇاڪاڻ نتيجن جو مالڪ ڪو ٻيو هوندو آهي، هن مضمون ۾ حت الامڪان احتياط جو سبق به آهي ۽ فيصلن ڪرڻ جي صلاح ڏنل آهي ته جئين نتيجا سٺا نڪرن پر جيڪڏهن نتيجا خراب به نڪرن ته انهن نتيجن کي قبول ڪرڻو آهي ۔۔۔ پوءِ واڌو هجن يا ڪاٽو ۔۔۔

    4۔ هي سماجي زندگي آهي ئي زنده رهڻ لاءِ، انسان اشرف المخلوقات آهي ئي انڪري ته هو سماجي مسئلن ۾ اڳتي وڌي، فيصلا ڪري، عمل ڪري، حيوان جي زندگيءَ کان ٻاهر نڪري انسان جي زندگي گذاري ۔۔۔

    عمل ٿيندو ته غلطيون به ٿينديون ۽ جي عمل نه ٿيندو ته غلطي به ناهي زندگي به ناهي ۔۔۔ انڪري غلطين کان گهٻرائڻو ناهي ۔۔۔ زنده رهڻو آهي ۔۔۔

    رب العالمين اسانکي ڪامياب زندگي گهارڻ ۽ ڪامياب فيصلن ڪرڻ جي سگهه عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: صحيح فيصلو ڪئين ڪجي؟

    ادا نثار ابڙا صاحب تمام بهترين سمجهاڻي آهي۔​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: صحيح فيصلو ڪئين ڪجي؟



    سائين اميد ته تعميري بحث تي اوهان ناراض نه ٿيندؤ ان حسنِ ظن جي بنياد تي اڳتي هلڻ جي جسارت ڪري رهيو آهيان۔
    ڪام ڪي آغاز پر خيال رکو انجام ڪا
    دُور انديشي رخ بدل ديتي هي آلام ڪا
    انسان کي ڀلائي ۽ برائي جو علم ته ڏنل آهي پر خواهشاتِ نفساني جي ردِعمل ۾ انسان کان اها راه گم ٿي ٿي وڃي ۽ نتيجي ۾ اها نعمتِ فرقان انسان کان گم ٿيو وڃي۔
    جب ڪبهي گناھ ڪرني سي روڪ ديتا هي تجھ ڪو تيرا ضمير
    بس سمجھ لو ڪه يهي امامِ وقت ڪي آواز هي ۔

    هاڻي جي ان کي لطيف سرڪار جي هن شعر مان سمجهجي ته آسان ٿي پوندو جنهن ۾ سائين جن پنهنجي ڪاميابي جو تذڪرو ڪيو آهي ته،
    جو مون پڙهيو پاڻ لئي ،سبق سابق جو
    پهرين سڃاتم پاڻ ۾ نفس جو نهو
    جِتِ عرفان اصل ۾ ٿي روز روحن ڪيو
    وري ورق پيو ، گڏيم وَڍَ وصال جو۔
    هاڻي سائين جي هن شعر جي جي تشريح ڪجي ته اها اها ٿيندي جي مونکان اڳ گذري چڪا آهن جڏهن نهن جو سبق مون پنهنجي لاءِ پڙهيو ته مونکي ان جو عرفان ٿي پيو ٻين لفظن ۾ جي ائين چئجي ته اتان ئي عرفان جي شروعات ٿيندي آرهي ۔ هاڻي دل ٿي چوي ته حضرت علي عه جو فرمانِ اطهر پيش ڪري اوهان جي طرفان پنهنجي اصلاح جو منتظر رهان پان عه فرمائين ، پنهنجي بزرگن جي تججربي مان فائدو وٺو نه ته وقت جو زيان به ٿيندو ۽ دولت جو زيان به ٿيندو۔ ڇوجو الله جو فطرتي نظام آهي ان جي ردِ عمل کان نه ڪو ڪالھ بچيو هو نه ڪو اڄ بچيو آهي نه ڪو سڀاڻي بچندو۔
    آهي گهڻو اگهن جو ترس طبيبن
    وس ڪيا ويڄن تان ڪري ري نه ٿئي


    وسلام​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: صحيح فيصلو ڪئين ڪجي؟

    سائين بهترين معلوماتي ونڊ ۽ سهڻو ترجمو آهي، واقعا جيڪا قوم پاڻ تي اعتماد نه ڪندي اها ڪڏهن به عزت جي سربلندي تي نه پهچندي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: صحيح فيصلو ڪئين ڪجي؟

    سائين منهنجا ،توهان جو ترجمي ڪيل آرٽيڪل مان ظاهرو ٿئي ٿو ته هن نفسانفسي جي دور م صحيحي فيصلي ڪرڻ جي ماڻهن ۾ گهٽ پروڙ آهي ۔لڳي ايئن رهيو آهي ته آسان پنهنجي ڊسٽينشن کان ويجهو ٿيڻ جي بدران پري پيا ٿيندا وڃون انڪري صحيحي ۽ غلط ۾ تميز نه ٿا ڪري سگهون، انڪري اسانجا فيصلآء صحيحي نه ٿا ٿين۔جيڪڏنهن ڪو به فيصلو ڪرڻ کان آڳ اسان پنهنجي نيت صاف رکي آلله پاڪ کان رهنمائي گهرون ته انشاآلله اسان جا فيصلاء به صحيحي ٿي ويندا ۽ اسانجون منزلون به اسان ٿي وينديون۔
    علام اقبال جو هي شعر شايد هنن حالتون جي طرف توجه ڏياري رهيو آهي۔
    ۔۔۔۔۔مسجد تو بنا دي شب بهر م ايمان کي حرارت والو نئ ۔۔۔ من اپنا پرانا پاپي ٿا برسون م نما زي بن نه سکا۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: صحيح فيصلو ڪئين ڪجي؟

    پاڻ وٽ هميشه تڪڙي فيصلي ڪرڻ جي قوت نه هوندي اٿم۔۔۔ حساس طبيعت هجڻ ڪري هميشه ان ڳالهه جو سبب خود اعتمادي جي گهٽتائي سمجهيم۔۔ اهو ئي سبب آهي جو جڏهن پنهنجي ٻارن جي تربيت ڪرڻي پئي آهي ته انهن کي سڀ ڪجهه خود ڪرڻ لاءِ زور ڀريندو رهندو آهيان۔۔۔ سندن لاءِ ڪڏهن به ڪم مڪمل ڪري نه ڏنو اٿم۔۔۔ هميشه کين اڌورو يا اڻ پوري ڪم ڏانهن توجه ڏياري اٿم۔۔۔
    توهانجي هن سنجيده ۽ همت ڏياريندڙ موضوع کي پڙهڻ کان پوءِ اعتماد وڌڻ لڳو آهي۔۔۔
    تمام ڀلو۔۔ موضوع آهي۔۔۔ جنهن جي درجي ۾ مون 5 ستارن جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: صحيح فيصلو ڪئين ڪجي؟

    بهترين سائين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: صحيح فيصلو ڪئين ڪجي؟


    [justify]الله تعالي فرمايو آهي(اهدنا الصراط المستقيم) يعني : اي الله اسان کي صحيح رستي تي هلڻ جي توفيق ڏي يا صحيح رستو ڏيڪار.



    رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن مٽيءَ تي هڪ لائن ٺاهي سڌي ۽ وري ان ۾ الڳ الڳ شاخون ساڄي ۽ کاٻي پاسي بڻايون، ۽ فرمايائون ته هي سڌو رستو آهي جيڪو ڊائريڪٽ جنت ڏانهن ٿو وڃي، باقي رستا جهنم ڏانهن او ڪما قال عليه الصلات والسلام يعني حديث جو تت يا مفهوم مٿيون هو.

    اوهان مٿي جيڪي به ڳالهين جو ترجمو ڪيو آهي سو سڀ هزارين سال اڳ پاڻ ڪريم جن قرآن مجيد ۽ پنهنجي فلسفي ۾ بيان ڪري چڪا آهن، هاڻ اڄ ڪو انگريز يا ان کان پهريان به ڪافي شخصيتون اچي انهن ڳالهين کي پنهنجي لفظن ۾ پيش ڪرن ته انهن کي اسان وڏي اهميت ٿا ڏيون جڏهن ته اصل فلسفو اسان وٽ اڳ ئي موجود آهي، جيڪڏهن ان فلسفي تي ڳالهائڻ تي اچون ته نه اوهان ٿڪندا نه آءُ ٿڪندس ان شاءَ الله پر وقت جي ڪمي آهي، دعاء آهي ته ڌڻي صحيح واٽ ڏيکاري، اوهان جي انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ رواني سان ترجمو ڪرڻ متاثر ڪيو، مولا اوهان کي آباد ڪري.[/justify]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جڏهن به هن موضوع کي پڙهندو آهيان نوان فائدا نظر ايندا آهن۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    واه واه! واه جي ڳالهه ڪئي اوهان۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    الله پاڪ اسان ۾ خود اعتمادي جو حوصلو پيدا فرمائي ۽ صحيح واٽ تي هلائي آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بيشڪ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو