منهجو نالو شبانا

'تعارف' فورم ۾ shabana nawaz panhwar طرفان آندل موضوعَ ‏14 فيبروري 2011۔

  1. shabana nawaz panhwar

    shabana nawaz panhwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسلام عليڪم؛

    دردوندي جي ديس ۾ آء خوشي جي لهرن جون اميدون کڻي پنهنجي تعارف جو آغاز ڪريان ٿي ان دعا سان ته شال سنڌ سموري شاد ۽ آباد هجي۔

    منهجو نالو شبانه نواز پنهور آهي ۽ دادو شهر جي رهاڪو آهيان ۽ سماجي فلاحي اداري ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ ۾‌ڪوشان آهيان۔

    تعليمي لحاظ سان منهجي ماسٽرس سنڌي ۾ ٿيل آهي ان ڪري ادب سان پڻ‌ سٺي دلچسپي آهي۔ پڙهڻ ۽ لکڻ سان گهرو تعلق رهيو آ ۽ شاعري ، ڪالم وغيره ڪافي شمارن ۾ ڇپجي چڪا آهن۔

    اميد آهي ته اوهان ڀائرن ۽ ڀينرن جي ساٿ سان وڌيڪ رهنمائي حاصل ٿيندي۔

    سنڌ سلامت، ساٿ سلامت :-h
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: منهجو نالو شبانا

    ڀيڻ شبانه نواز پهنور صاحبه، اوهانکي دل جي گهراين سان سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار

    سنڌ جون ڀينرون هونءَ ته تمام ڏاهيون ۽ سنڌ سان چاهه رکندڙ آهن، ۽ سندن قابليت به پنهنجي مٽ پاڻ آهي، اڄ اوهانجي قابليت، سنڌي ٻوليءَ سان چاه ۽ اوهانجي ادبي حيثيت پڙهي، دل کي آٿت ۽ سڪون ٿيو ته اسانجون ڀينرون، پنهنجن سنڌي ڀائرن سان گڏ سنڌ ۽ سنڌيت جي خدمت جو جذبو ۽ ايمان رکن ٿيون۔

    دادوءَ جا پهنور اسانجا تمام سٺا دوست رهيا آهن ۽ پهنور سنڌ جي تعليم يافته ۽ سنڌ دوست ذات آهي، اوهانجو ساٿ اسانجي هن سنڌ دوست اوطاق لاءِ فخر جو باعث آهي ۔۔۔

    اميد ته اوهان پنهنجي ڏاهپ ۽ علم معرفت سان سنڌ سلامت جي اڱڻ کي سنوارينديون ۽ سنڌي ڀينرن جي ڪالم کي چار چنڊ لڳائينديون ۔۔۔

    هڪ ڀيرو ٻيهر دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: منهجو نالو شبانا

    ڀيڻ شبانه نواز پهنور صاحبه، اوهانکي دل جي گهراين سان سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار

    اهو پڙهي ڪري خوشي ٿئي ته توهان شاعري ۽ ڪالم نگار سان پڻ دلچسپي رکون ٿيون

    ادي توهان کي هتي پڙهڻ لا۽ ڪافي ڪالم ۽ محترم سائين نثار ناز صاحب جن جي شاعري پڙهڻ لا۽ ملندي

    جيڪڏهن توهان کي ڪو ڪمپيوٽر جي حوالي سان يا فورم جي حوالي سان ڪو مسئلو درپيش هجي ته توهان پڇهڻا نه منجهڻا سيڪشن ۾ سوال ڪري سگهو ٿيون

    سدائين گڏ
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: منهجو نالو شبانا

    ادي شبانه نواز پنهور۔۔ سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اوهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿو چئجي۔۔ اسان جي اڱڻ تي سنڌي ڀائر ته تمام سٺي تعداد ۾ آهن ۽ ڪچهري کي مچائي ويٺاآهن پر سنڌي ڀينرن جي ڪمي محسوس ٿيندي آهي۔۔ اميد ته اوهان سنڌ سلامت جي اڱڻ تي سنڌي سرتيءَ جي حيثيت سان فعال رهي سنڌ سلامت تي هڪ سٺي تبديلي آڻيندو۔۔ اوهان جي ادب سان دلچسپي ڄاڻي اسان سڀني رڪنن کي سرهائي ٿي آهي، اميد ته اوهان جا ليک سنڌ سلامت جي زينت ضرور بڻبا۔۔۔​
     
  5. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: منهجو نالو شبانا

    ادي توهان کي هن اوطاق تي منڌري طرفان ڀليڪار
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: منهجو نالو شبانا

    ڀيڻ شبانه نواز پهنور صاحبه، اوهانکي دل جي گهراين سان
    سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار

    ڀيڻ هون ته سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ مان ڪو سنڌي هن اڱڻ تي پير ڀريندو آهي ته مون کي ته تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي ۽ سموري سنڌ منهنجو پنهنجو گهر آهي، سنڌ سان منهنجي جند الا، ٻيا سڀ نعارا وسري ويا، ۔۔۔ پر جڏهن منهنجي جنم ڀومي دادو جو ڪو سنڌي ڀاءُ يا ڪا اسان جي سنڌي ڀيڻ هن اڱڻ سنڌ سلامت تي پير ڀريندو آهي ته منهنجي خوشي ٻيڻي ۽ ٽيڻي ٿئي ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته دادو منهنجي ( راقم ممتاز علي وگهيو جي) ۔۔۔۔ " ( توهان شايد دادو جي وگهين کي سڃاڻندا به هجو ) پيدائش جو شهر آهي، ۽ منهنجو ننٓڍپڻ دادو شهر ۾ دادو جي انهن گهٽين ۾ گذريو آهي جنهن شهر ۾ سنڌ جي عوامي شاعر استاد بخاري پيدا ٿيو هو،
    ڀيڻ اسان جڏهن دادو پرمانند هرداس پائليٽ سيڪنڊري اسڪول دادو ۾ پڙهندا هئاسين ته اتي هڪ استاد محمد نواز پنهور صاحب جن هوندا هئا، جيڪي اسان جا به استاد رهيا آهن ڪاٿي توهان انهن جون نياڻيون ته نه آهيو۔ ڇو جو توهان جي نالي پويان نواز به اچي ٿو ۽ ذات پنهور به اچي ٿي،
    خير ڀيڻ توهان هن اڱڻ تي آيو ان جي اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي، خاص ڪري ان ڪري ته توهان ايم اي سنڌي آهيو ۽ سنڌي ادب سان پڻ چاهه رکو ٿا، اميد ته توهان هن سنڌ سلامت جي فورم تي پنهنجي سنڌي ماسٽرس جي حوالي سان پڻ ڪم ڪندا،
    اسان طرفان توهان کي وري به دل جي گهراين سان سنڌ سلامت جي فورم تي ڀليڪار هجي۔
    ۔


    [​IMG]
     
  7. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: منهجو نالو شبانا

    ادي هن محبتي اڱڻ تي اوها کي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئجي ٿو۔۔۔۔
     
  8. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: منهجو نالو شبانا

    ادي هن سنڌي پرچارڪ فورم تي اوهان کي ڀليڪار۔ اميد ته اوهان پنهنجي ادبي قابليت سان هن اڳڻ کي بهتر کان بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو حصو ملائيندو۔ يقينا هر قوم جي ترقي جو دارومدار سندس علمي سرمائي تي آهي۔
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: منهجو نالو شبانا

    ڀيڻ شبانه نواز پهنور صاحبه، اوهانکي دل جي گهراين سان سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار
     
  10. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: منهجو نالو شبانا

    اسلام عليڪم
    ادي شبانه نواز پنهور۔۔ سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اوهان کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿو۔

    اميد ته سنڌ سلامت تي فعال رهي ڪري سنڌ ء سنڌ سلامت لاء اسان جو ساٿ ڏيندو
     
  11. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: منهجو نالو شبانا

    ادي شبانا آسلام عليڪم آسان کي بي آنتها خوشي ٿي آهي ت اسانجي آباڻي شهر جي هڪ پڙهيل لکيل ۽ سلهجيل خيالن جي مالڪ هن آوطاق تي آيون آهن جن حالتن مان آسان جي سنڌي قوم گذري رهي آهي ان حالتن ۾ اسانجي سنڌي ادڙين کي اڳتي اچي پنهنجي سنڌي ڀائن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملآئي ڪم ڪرڻو پوندا۔آسان کي اميد آهي ت توهان جي آچڻ جي ڪري هن آوطاق تي هڪ سٺي ميمبر جو اضافو ٿيندو۔سدا خوش هجو۔
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: منهجو نالو شبانا

    ڀيڻ شبانه اوهان کي سنڌ سلامت جي فورم تي ڀليڪار ڪجي ٿي

    اوهان جو تعارف پڙهي خوشي ٿي۔ اوهان کي علم ، ادب ۽ شاعريء سان لڳاء ڏسي اها اميد اڃان وڌيڪ مضبوط ٿي وئي ته اسان جون ڀينرون سنڌ جي ترقي ۽ سنڌي ٻوليء لاء ڪم ڪرڻ ۾ ڀائرن سان گڏ آهن۔

    اسان کي اوهان جي شاعري ۽ لکڻين جو انتظار رهندو۔ اميد ته جلد سنڌ سلامت تي پڙهڻ لاء اوهان جي شاعري موجود هوندي۔


    [​IMG]
     
  13. ريحان ڪيريو

    ريحان ڪيريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    345
    ورتل پسنديدگيون:
    141
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مان ايم بي اي جو شاگرد آهيان
    ماڳ:
    سڪرند، سنڌ
    جواب: منهجو نالو شبانا

    ادي توهان کي هن ڀا جا به سلام ڪبول هجن ۽ توهان کي هن فورم ۾ اچڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿا چون ۽ ها دوستن جي لا ادي شبانا جو عبرت اخبار ۾ هڪ ليک آيو هو جيڪو آئون دوستن کي ڏيکارڻ چاهيندس بيشڪ ادي تمام زبردست محنت ڪري رهي آهي اميد آهي توهان دل نه لااهيندا ۽ ائين محنت ڪري سنڌ جو نالو روشن ڪندا،


    عبرت ايڊيشن


    ڇا اسان ڪڏهن سوچيو آهي ته ....!؟

    شبانه نواز پنهور دادو


    --------------------------------------------------------------------------------

    انسان ۽ انسانيت ۾ بظاهر ته صرف ي ۽ ت جو فرق آهي پر جيڪڏهن ڪنهن انسان مان انسانيت جهڙو املهه جذبو ختم ٿي وڃي ته سچ ته اهو انسان انسان ئي نه آهي پر شايد اڄڪلهه اسان ان مقصد جذبي کي وساري ويٺا آهيون ۽ پنهنجي ذات ۾ ايترا ته گم ٿي ويا آهيون جو اسان کي ٻيو ڪجهه نظر ئي نه ٿو اچي. خود غرضي احسان فراموشي ۽ سنگدلي جو اهڙو ته واءُ وريو آهي جنهن جي مٽي اسان کي شايد اسان کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. ڇا اسان ڪڏهن سوچيو آهي ته الله تبارڪ و تعاليٰ اسان کي هن سرزمين تي اشرف المخلوقات جو بلند درجو عطا ڪري موڪليو آهي پر ڇا اسان ان درجي جو مان رکيو آهي؟ ڇا اسان حقوق العباد جا فرائض سرانجام ڏنا آهن؟ ڇا هن صرف روزو رکڻ ۽ نماز پڙهڻ ئي انسانيت آهي؟ ڇا هن ڪائنات جي مخلوق غريب، يتيمن، مسڪينن، لاوارثن، مجبورن، رشتيدارن، پاڙيسري جا اسان تي ڪي به حق نه آهن؟ اهڙا هزارين سوال جڏهن ننڍڙي دماغ جا دروازا ٽوڙي من ۾ مانڌاڻ مچائيندا آهن ته ڪيترائي سور ۽ پور جاڳي پوندا آهن ۽ نيٺ مجبور ٿي پنهنجي دائمي همراز، دوست، قلم ۽ ڪاغذ جو سهارو وٺڻو پوندو آهي.

    ايئن مانڌاڻ آ من ۾، جيئن مهراڻ جون ڇوليون.

    ايئن تاريخ جا طعنا، جيئن رينجرز جون گوليون.

    ڇا اسان ڪڏهن سوچيو آهي ته هڪ الله جي مخلوق هئڻ جي باوجود ان پروردگار جي احڪامن جي خلاف ورزي ڇو؟

    هڪ آدم جي اولاد هجڻ جي باوجود هي وڇوٽيون ڇو؟

    هڪ حضرت محمد صه جا پوئلڳ هئڻ جي باوجود طبقاتي نظام ڇو؟

    هڪ ڪتاب قرآن مجيد جا پڙهندڙ هئڻ جي باوجود اسان ڀٽڪيل ڇو؟ انسان جي هٿان انسان جي تباهي ڇو؟ انسان جي هٿان انسانيت جو قتل ڇو؟ ڪاري، ڀوري، امير، غريب جو هي فرق ڇو؟

    ايماندار کي بيوقوف ۽ دوکيباز کي چالاڪ ڇو ٿو سمجهيو وڃي؟ سچ جو رستو ايترو مشڪل ۽ ڪوڙ کي ايترو ڊگهو رستو ڇو ٿو ڏنو وڃي؟

    اهڙا ڪيترائي سوال هيمشه ذهن ۾ وجود وٺي نوان الڪا اڌما پيدا ڪري وجود کي ريزا ريزا ڪري ڇڏيندا آهن ته اهي گردشون ڏسي سنڌ، امڙ جي سدا حيات شاعر مخدوم زمان طالب الموليٰ جي شاعري جون سٽو ذهن تي تري اينديون آهن ته عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا.

    وڏا سردار مٽجي ويا، وڏا ڀوتار متجي ويا،

    ويو ويچارو سچ گم ٿي پيو اڄ ڪچ وڪامي ٿو.

    لڏي ويا وير واپاري ۽ خود واپاري مٽجي ويا

    شايد انهن سڀني سوالن جو جواب ته اسان پنهنجي ضمير ۽ دل کان پڇون پر هڪ جواب اهو به آهي ته شايد اسان اعليٰ اسلامي، اخلاقي قدرن جو ماڳ وڃائي چڪا آهيون ۽ ذات پات، ننڍ وڏائي، طبقاتي نظام ۽ مغربي ڪلچر ۾ ايترا ته گم ٿي ويا آهيون جو اسان پنهنجي مذهب اسلام وڃائي چڪا آهيون.

    پر شايد اڄ به اسان ڪجهه ناهي وڃايو ان لاءِ جو اسان وٽ ڪلام الاهي حديث نبوي قول علي عليه اسلام ايمان، شعور، تعليم موجود آهي، ضرورت آهي ته صرف ان ڳالهه جي ته اسان خود غرضي جا ڪوڙا ڪوٽ ٽوڙي حقيقت جي دنيا ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪريون ته اڄ به اسان کي لکين ماڻهو اهڙا نظر ايندا، جيڪي بي گهر، لاچار، بيوس ۽ پراميد نطرن سان اسان ڏي مدد لاءِ واجهائي رهيا آهن پر افسوس اڄ جڏهن سڄي سنڌ سيلاب جي زد ۾ آهي اڄ جڏهن ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪئمپن ۾ اچي ويٺا آهن ته انهن جي پرگهور لهڻ وارو ڪوبه نه آهي. اڄ انهن کي ٻه ويلا ماني ڳڀو ڏيڻ لاءِ ته ڪوبه تيار نه آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڪجهه يزيدي ڪردار جا ماڻهو انهن ٻو ڏ ستايلن جي قافلن تي هلا ڪري انهن کان سونا زيور ۽ روڪ رقم ڦر ڪري رهيا آهن انهن کان ڳاٽي ڀڳا ڀاڙا وٺي کين منزل تي پهچائڻ بجاءِ راهه ۾ رولي ڦٽو ڪري وڃن ٿا. ڪئمپن ۾ ڳورهاريون عورتون تڙپي تڙپي مري رهيون آهن. معصوم ٻار بک، اڃ ۾ ڦٿڪي رهيا آهن پر سندن واهر ڪرڻ وارو ڪوبه نه آهي. درياهه بادشاهه جي پاڻي گهرن، ورن سان گڏ اميدون به لوڙهي کڻي ويو آهي پر پوءِ به هن مشڪل وقت ۾ اسان کي پنهنجي وت ۽ وس آهر پنهنجون خدمتون ۽ محبتون انهن لاچار ۽ بيوس ماڻهڻ لاءِ وقف ڪرڻ گهرجي. 1859ع ۾ سولفيرنيو جي جنگ کي اکين سان ڏسي” هينري ڊيويسنٽ هڪ ڪتاب” Memory of solferino لکيو ان ۾ پيغام ڏنائين ته

    We Should Formed an international relief organization for the victims of war and he gathered men women even girls and boys to help an feeding and caring for the worded solders and as a result those book was read many ruled and statesmen and a conference of all the countries of the world held at Geneva and it was decided to form on international relief organization and this agreement was signed in1864 and red cross Come in to being

    تاريخ گواهه آهي ته هر ملڪ ۾ اهي آفتون ۽ آزمائش جون گهڙيون آيون آهن پر انهن سٺي منصوبه بندي ۽ يڪجهتي ۽ همت سان ان جو مقابلو ڪيو آهي ۽ اسان کي به وچن ڪرڻ گهرجي ته نه صرف حڪومت پر حڪومت سان اسان به هرمشڪل ۾ قدم تي ساٿ ڏئي هن مشڪل گهڙي کي خوشحالي ۾ بدلائينداسين ۽ معصوم ٻارن کي بک وگهي به موت مرڻ کان بچائينداسين.
     
  14. ريحان ڪيريو

    ريحان ڪيريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    345
    ورتل پسنديدگيون:
    141
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مان ايم بي اي جو شاگرد آهيان
    ماڳ:
    سڪرند، سنڌ
    جواب: منهجو نالو شبانا

    ادي شبانا جو عوامي آواز ۾ به هڪ ليک آهي جيڪو عورت جي حق ۾ آهي ، اميد آهي دوستن کي ضرور وڻندو،


    عورت کي گهٽ درجو ڏيڻ واري سوچ تبديل ٿيندي؟

    شبانه نواز پنهور


    ”عورت“ عورت ڌيءُ به آهي ته ڀيڻ به، زال به آهي ته ماءُ به............ جڏهن هن معاشري ۾ عورت پنهنجا ايترا ڪردار ايمانداري ۽ سچائي سان نڀائي ٿي ته پوءِ مردن جي مقابلي ۾ عورت کي ايترو گهٽ درجو ڇو.............؟ ڇو عورت کي بي زبان جانور، دنيا تي بار ۽ سماج کان بي دخل سمجهيو وڃي ٿو.......؟ ڇو عورت کي مظلوم رعيت ۽ مرد کي هن ظالم سماج جو بي تاج بادشاهه سمجهيو وڃي ٿو......؟ جڏهن هڪ نياڻي جنم وٺي ٿي ته ان کي پنهنجي بدنصيبي سمجهي ماحول سوڳوار بڻايو وڃي ٿو ۽ هڪ پٽ جي پيدائش تي پنهنجي حيثيت، سهپ ۽ وت کان وڌيڪ خرچ ۽ خوشيون ملهايون وڃن ٿيون...........؟ پٽ جي هوش سنڀالڻ تي ان کي حڪمراني ۽ نياڻي کي وري ان جي فرمانبرداري جو درس ڏنو وڃي ٿو..... هڪ نياڻي کي ان جا فرض ته ٻڌايا وڃن ٿا پر حق نه........ ۽ شايد ان ئي لاشعوري ۽ اڻ ڄاڻائي جي ڪري اڄ به عورت ڪنهن اجنبي مسافر وانگر اونداهين جي گمراهين ۾ ڀٽڪندي نظر اچي ٿي، جنهن کي نه رستي جي خبر اهي ۽ نه وري پنهنجي منزل بس ڄڻ زندگي کي بار سمجهي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪرڻا هجنس......... هر روز شهرن ۾ اخبارن وانگي، ۽ ڳوٺن ۾ افواهن وانگي نوان قصا، نيون ڪهاڻيون، نيون زيادتيون ۽ نوان ظلم عورتن لاءِ جنم وٺن ٿا. اڄ به سماج جي ٺيڪيدارن جي حويلين ۾ عورت سان جانورن جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو........... اڄ به عورت کي صرف گهر سنڀالڻ جي مشين سمجهيو وڃي ٿو......... اڄ به عورت کي پنهنجي مفاد لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو........ جڏهن ڪنهن مرد کي پنهنجي جاگير جي حصي ڏيڻ جو خوف ٿئي ٿو ته عورت جو حق هضم ڪرڻ لاءِ ان جو حق ”قرآن پاڪ“ سان بخشرائي سڄي زندگي شادي نه ڪرائڻ ۽ ان کي دنيا ۽ سماج کان بي دخل ڪرڻ واري رسم جو بنياد وڌو وڃي ٿو.... ته ڪڏهن وري ڪاروڪاري جو ڊرامو سماج آڏو پيش ڪري عورت کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي ”هڪ گولي ٻه شڪار“ واري راند کيڏي وڃي ٿي، يعني پنهنجي دشمن کي قتل ڪري دشمني جي باهه اجهائڻ لاءِ پنهنجي ڌيءُ يا ڀيڻ کي ان سان ڪارو قرار ڏئي بدلو ۽ ڏنڊ طور ملڪيت به وصول ڪئي وڃي ٿي......... عورت سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪرڻ کان اڳ ڪنهن کي ”سورة النساءِ“ يا رسول پاڪ صه جو آخري خطبو ۽ عورتن جي حقن لاءِ تنبيهه ڪرڻ واريون حديثون ياد ڇو نه ٿيون اچن.............؟ جڏهن هر مخلوق پنهنجي حق لاءِ جدوجهد ڪري ٿي ۽ زندگي آرام سان گذارڻ چاهي ٿي ۽ اهو انهن جو حق به آهي ته پوءِ ڇا عورت جو اهو حق ۽ اسان جو اهو فرض نه آهي ته انهن کي به پنهنجا پورا پورا حق ڏيون............

    عورت هر دؤر ۾ ثابت ڪيو آهي ته هوءَ به مردن سان گڏ، ڏک، سک، غم، جدوجهد ۽ هر ترقي لاءِ پاڻ پتوڙي سگهي ٿي ۽ پتوڙي رهي آهي........... يا وري شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ضياءُ الحق جهڙي ڊڪٽيٽر سان مهاڏو اٽڪايو جيل جون سختيون، پنهنجي والد محترمه جي شهادت، ڀاءُ جو قتل، پنهنجي اکين سان ڏٺائين جلاوطني جهڙي اذيت جي زندگي گذاريائين پر پوءِ به هار نه مڃيائين. هڪ طرف دنيا وڃي چنڊ تي پهتي آهي ته اسان اڄ به ٻه فوٽ زمين جي اندر آهيون ان لاءِ جو هڪ ته اسان جي تعليم جي شرح گهٽ آهي ۽ ان ۾ وري نياڻن جي تعليم ته نه هئڻ برابر آهي. دنيا جي اُسرندڙ ملڪن تي نظر وجهنداسين ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان گڏوگڏ انهن نياڻين جي تعليم کي به اوتري ئي اهميت ۽ اوليت ڏني وئي آهي هر اداري ۾ مرد ۽ عورتون گڏ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي ملڪ کي ڏينهون ڏينهن ترقي وٺائڻ لاءِ ڪوشان آهن....​
     
  15. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: منهجو نالو شبانا

    شبانه نواز پهنور صاحبه، اوهانکي دل جي گهراين سان سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: منهجو نالو شبانا

    ادا ريحان مهربانيون

    اوهان ادي شبانه جا ليک اسان ونڊ ڪيا

    سندن سهڻي لکڻي ، بهترين خيال
     
  17. ريحان ڪيريو

    ريحان ڪيريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    345
    ورتل پسنديدگيون:
    141
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مان ايم بي اي جو شاگرد آهيان
    ماڳ:
    سڪرند، سنڌ
    جواب: منهجو نالو شبانا

    شڪريا ادا پر سائين ادي جي لکڻين تمام گهڻو مطاثر ڪيو آهي جا سڀ سچ لکيو آهي پو ڪير مڃي يا نه مڃي،
     
  18. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: منهجو نالو شبانا

    ادي شبانه پنهور هي شبانه امتياز به توهان کي پنهنجي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چوي ٿي، اميد اٿم ته توهان به هن دردمندي ديس سنڌ ڌرتي جي خدمت پنهنجي سچائين سان خلوص سان سان سنڌ سلامت جي اڱڻ تان ڪندا اميد ته سنڌ سلامت سان ساٿ توهان جو سدائين رهندو۔
     
  19. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: منهجو نالو شبانا

    ادي شبانه نواز پهنور صاحبه، اوهانکي دل جي گهراين سان سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چئون ٿا۔
     
  20. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    جواب: منهجو نالو شبانا

    ڀيڻ شبانه اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چئون ٿا،
    ادا شمس الدين توهان جي باري ۾ مونکي ٻڌايو توهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڏسي خوشي ٿي، توهان ادا کي معيار به ڏني، مان پنهنجي مصروفتين جي وجهه سان توهان کي جلد جواب نه ڏئي سگهيس، اسين سنڌ سلامت واسين پنهنجي پياري ڀيڻ جي لکڻين جو شدت سان انتظار ڪنداسين۔

    دعائن ۾ ياد!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو