فيس بوڪ چيٽ کي ڪهڙي طرح پنهنجي هارڊ ڊسڪ محفوظ ڪجي۔۔۔

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏14 فيبروري 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڄ سنڌي ادبي فيس بوڪ گروپ جي شاعري جو ميڙاڪو آهي جنهن ڪري سائين نثار ابڙو جن مٿان ذميداري رکي وئي ته هن ميڙاڪي کي ڪمپيئر ڪرڻ کان سواءِ هتي ايندڙ مواد کي سهيڙي گروپ تي ونڊ ڪن۔۔۔ ان سلسلي ۾ ڪالهه سائين نثار ابڙو مون کان سوال ڪيو ته ڪو آسان حل ٻڌايو ته گروپ چيٽنگ دوران ايندڙ مواد کي پنهنجي ڪمپيوٽر هارڊ ڊسڪ ۾ محفوظ ڪري سگهجي۔۔۔۔
    سوچيم سائين نثار جن سان گڏو گڏ سموري سنگت کي آگاهه ڪرڻ لاءِ ته فيس بوڪ چيٽ کي ڪهڙي طرح محفوظ ڪجي ڇو نه هي موضوع بڻائي سنڌ سلامت تي لڳائجي۔۔۔
    دوستو فيس بوڪ جي نئين پروفائيل، البم ۽ گروپ اچڻ ڪري فيس بوڪ چيٽ هسٽري پاڻ مرادو محفوظ ٿي رهي آهي ۔۔۔ جنهن کي ڪجهه ماڻهون ته پسند ڪن ٿا پر ڪيترائي پرائيويسي خاطر پسند نه ڪري رهيا آهن۔۔۔ اهڙي هسٽر انفرادي هجڻ ڪري ته محفوظ ٿئي ٿي پر گروپ چيٽ هيسٽري پاڻ مرادو محفوظ نه ٿي ٿئي۔۔۔
    فيس بوڪ جي چيٽ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ مختلف برائوزرن ڪجهه سهولتون پڻ ڏنيون آهن۔۔۔
    فائرفاڪس تي فيس بوڪ هسٽري محفوظ ڪرڻ جو طريقو۔۔
    سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري فائرفاڪس جو فيس بوڪ چيٽ هسٽري مينيجر ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو۔۔۔ جنهن کان پوءِ توهان ان هسٽري کي آف لائين يا آن لائين ڏسي سگهو ٿا۔۔۔ انسٽاليشن کان پوءِ فائر فاڪس کي ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔ ۽ Tools مينو تي ڪلڪ ڪري Facebook Chat History Manager جنهن کان پوءِ Get Facebook ID تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ هاڻي توهان کي فيس بوڪ آئي ڊي سان لاگ ان ٿيڻ لاءِ چيو ويندو۔۔۔ ايپليڪيشن کي ايڪسيس جي اجازت ڏيڻ سان توهان جي اڳيان هڪ پاپ اپ ونڊو کلندي جنهن ۾ توهان کي توهان جو آئي ڊي نمبر ٻڌايو ويندو جيڪو ڪاپي ڪري وٺو۔۔۔۔۔ ڏسو تصوير۔۔۔

    [​IMG]

    هاڻي ٻيهر Tools مينو تي ڪلڪ ڪري Facebook Chat History Manager کوليو ۽ هن دفعي Create Account تي ڪلڪ ڪريو ۔۔۔ توهان جي اڳيان ڪجهه هن طرح ونڊو کلندي۔۔۔

    [​IMG]

    جتي ڪاپي ڪيل آئي ڊي لکو ۽ نالو (نه به لکي سگهجي ٿو) ۽ پاسورڊ تصديق سان لکي Create تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
    بس توهان سارو عمل مڪمل ڪري ورتو۔۔۔ هاڻي جڏهن به محفوظ ٿيل فيس بوڪ چيٽ ڏسڻ چاهيو ته پهريان Tools مينو پوءِ Facebook Chat History Manager تي ڪلڪ ڪري ۽ پوءِ View History تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ توهان جي اڳيان فيس بوڪ هسٽري حاضر هوندي۔۔۔

    [​IMG]

    پر جيڪڏهن توهان نه ٿا چاهيو ته اهڙو ڪو ايڊون انسٽال ڪجي۔۔ يا وري توهان فائر فاڪس استعمال ڪندڙ نه آهيو ته پوءِ فيس بوڪ جي هي ايپليڪيشن استعمال ڪرڻ لاءِ‌ Go to Application
    تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
     
  2. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: فيس بوڪ چيٽ کي ڪهڙي طرح پنهنجي هارڊ ڊسڪ محفوظ ڪجي۔۔۔

    ادا بهترين ڪوشش ڪئي اٿو ۔۔۔لک ٿورا دوستن جا
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: فيس بوڪ چيٽ کي ڪهڙي طرح پنهنجي هارڊ ڊسڪ محفوظ ڪجي۔۔۔

    ائين ته توهان کي جادوگر نه ٿو چيو وڃي ..............

    تمام سٺو ڏس پنڌ آهي سائين رشيد صاحب

    تمام بهترين معلومات پڻ

    توهان جي هر موضوع ۾ هڪ نئي معلومات سمايل هوندي آهي

    اهڙي ونڊ جاري رکجو

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو