ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابو واصف طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2009۔

  1. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    [​IMG]

    سنڌ جو نامور عالم، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 16 ڊسمبر 1917ع ۾ ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. 1924ع ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ پليي خان لغاريءَ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو. ان کان پوءِ ڳوٺ 22 جمڙائو ۾ پڙهيو. 1929ع ۾ نوشهري فيروز جي مشهور مدرسي ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو. 1936ع ۾ جهونا ڳڙهه ڪاليج، بمبئي يونيورسٽيءَ مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1941ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي آنرز جو امتحان فرسٽ ڊويزن ٿرڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. 1943ع ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ايم. اي جو امتحان فرسٽ ڊويزن فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪري ساڳئي ئي سال مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان وڪالت جو امتحان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. 1947ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ مان ايڊيوڪيشن جي موضوع تي ايم. اي ڪيائين ۽ 1949ع ۾ ساڳئي موضوع تي، ساڳيءَ يونيورسٽي مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملڻ کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ کي اقوام متحده ۾ نوڪريءَ جي آڇ ٿي، پر پاڻ قبول نه ڪيائين. 1950ع ڌاري انفرميشن ۽ براڊ ڪاسٽنگ ڊويزن ۾ O.S.D (آفيسر بڪارخاص) مقرر ٿيو. ان بعد مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي دمشق جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ عام تعلقات واري شعبي ۾ مقرر ٿيو، پر ڊاڪٽر صاحب تعليم ذريعي سنڌ ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ ان عهدي تان استعيفيٰ ڏني ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي ترغيب تي سيپٽمبر 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن ۾ پهرين پروفيسر پوءِ ڊائريڪٽر ۽ ڊين فيڪلٽي آف ايڊيوڪيشن بڻيو. ڊاڪٽر بلوچ ڊسمبر 1973ع کان جنوري 1976ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو. جنوري 1976ع کان 9 مارچ 1979 تائين وفاقي وزارت تعليم ۽ ثقافت ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي / سيڪريٽري ٿي رهيو. ان عرصي دوران فيڊرل رويو بورڊ جو ميمبر (1978-1979ع) ۽ ميمبر پي ڪميشن، اسلام آباد رهيو. پهرين جولاءِ کان 10 آڪٽوبر 1979ع تائين نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ (جنهن کي بعد ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ هسٽري ڪلچر اينڊ سوِلائيزيشن سڏيو ويو) جو ڊائريڪٽر رهيو. 22 نومبر 1980ع کان آگسٽ 1983ع تائين اسلامي يونيورسٽي (هاڻي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي) اسلام آباد جو وائيس چانسلر ٿي رهيو. 1983ع کان 1989ع تائين نيشنل هجره ڪائونسل اسلام آباد جو صلاحڪار رهيو. ڊاڪٽر صاحب کي سنڌي، اردو، عربي، فارسي، انگريزي ۽ سرائيڪي زبانن تي عبور حاصل آهي. 1991ع کان 1993ع تائين سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ سکيا لاءِ قائم ڪيل اداري سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو باني چيئرمين ٿي رهيو. 1993ع جي آخر ۾ سنڌ حڪومت ۾ نگران وزير تعليم، زراعت ۽ جهنگلي جيوت رهيو. 1991ع کان هن وقت تائين علامه آءِ آءِ قاضي چيئر سنڌ يونيورسٽيءَ جي اعزازي ڊائريڪٽر طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي. ان کان علاوه ملڪ جي ڪيترن ئي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تاريخي ادارن جو ميمبر رهيو آهي، جهڙوڪ: اٿارٽي فار موهين جو دڙو، انٽر يونيورسٽي بورڊ آف پاڪستان، چيئرمئن وائيس چانسلرس ڪميٽي آف يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن، ميمبر پاڪستان هسٽاريڪل رڪارڊ اينڊ آرڪائيوز ڪميشن، ميمبر سينٽرل اردو بورڊ لاهور، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، ميمبر اقبال اڪيڊمي لاهور، ميمبر ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان، ميمبر سينيٽ ۽ سنديڪيٽ سنڌ يونيورسٽي، ميمبر اڪيڊمڪ ڪائونسل سنڌ يونيورسٽي، ميمبر سنڊيڪيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل قائداعظم يونيورسٽي، ميمبر لوڪ ورثه، ميمبر مقتدره قومي زبان، ميمبر قائداعظم اڪيڊمي، ميمبر پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس، ميمبر سر سيد يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ميمبر بورڊ آف گورنرس سنڌي لئنگئيج اٿارٽي وغيره. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ائمريٽس پڻ آهي.
    سنڌ جي تاريخ، لوڪ ادب، ٻوليءَ، ڪلاسيڪي شاعري، موسيقي ۽ لطيفات جي موضوعن تي وڏي جاکوڙ ۽ تحقيق وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو املهه خزانو متعدد ڪتابن جي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو اٿس. ڊاڪٽر صاحب جي علمي، ادبي، تحقيقي ڪمن جو ڪجهه وچور هن ريت آهي.
    1. جامع سنڌي لغات: سنڌي ادبي بورڊ طرفان جامع سنڌي لغات جي ترتيب ۽ تاليف جوهيءُ اهم ڪم 1954ع ڌاري ڊاڪٽر صاحب جي حوالي ڪيو ويو، جيڪو پوءِ مختلف وقتن تي 5 ضخيم جلدن جي صورت ۾ شايع ٿيو. هيءَ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ تمام وڏو ڪم هو، جيڪو ڊاڪٽر صاحب جي نگرانيءَ ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي استادن ۽ عالمن گڏجي ڏينهن رات هڪ ڪري پورو ڪيو.
    2. اردو سنڌي ۽ سنڌي اردو لغت: علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي خواهش تي سنڌي يونيورسٽيءَ جي هن تاريخي رٿا تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ هي ٻئي لغتون 1960-1959ع ڌاري ڇپجي پڌريون ٿيون.
    3. سنڌي لوڪ ادب واري رٿا: سنڌي ادبي بورڊ طرفان هيءَ رٿا 1956ع ۾ منظور ٿي، جنهن جي سموري نگراني ڊاڪٽر صاحب ڪئي. سنڌ جي سمورن ضلعن مان سگهڙن، لوڪ شاعرن ۽ ڳوٺاڻن بزرگن لوڪ ادب جون مختلف صنفون کيس موڪليون، کين پاڻ گهرائي انهن سان ڪچهريون ڪري مواد گڏ ڪيائين. هن رٿا هيٺ لوڪ ادب سلسلي جا 40 جلد شايع ٿيا، جڏهن ته ذاتي طرح ڊاڪٽر صاحب ان ڏس ۾ وڌيڪ ڏهاڪو ڪتاب به لکيا آهن، جيڪي مختلف ادارن ڇپايا آهن. لوڪ ادب سلسلي جي 40 جلدن مان ڪجهه اهم هي آهن.
    سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (ست جلد)، مداحون ۽ مناجاتون، سنڌي سينگار شاعري، نڙ جا بيت، مناظرا، سنڌ جا عشقيه داستان (8 جلد)، ڪافيون (3 جلد)، مناقبا، معجزا، مولود، ٽِيهه اکريون (ٻه جلد)، هفتا ڏينهن راتيون ۽ مهينا، جنگناما، واقعاتي بيت، پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول، ڳجهارتون، ڳيچ (ٻه جلد)، لوڪ گيت، بيت، مشهور سنڌي قصا (ٻه جلد)، مشهور سنڌي عشقيه ۽ نيم تاريخي قصا (9 جلد)، رسمون، رواج ۽ سئوڻ ساٺ، سنڌي هنر شاعري وغيره.
    4. شاهه جي رسالي واري رٿا: شاهه جي رسالي جو جامع مستند ۽ معياري متن شايع ڪرڻ واري هن رٿا تي موجود ڇاپي ۽ قلمي نسخن کي ڀيٽي 10 جلد ڇپائين، جن ۾ 9-8 گڏيل جلد شاهه جو رسالو ۽ ڏهون جلد شاهه جي رسالي ۾ شامل ڌارئين ڪلام تي مشتمل آهي، تازو 2009ع ۾ شاهه جي رسالي جو مستند سڌاريل ايڊيشن، ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن ۾ پاڻ ڪيترو اڳ خارج ڪيل ڪلام وري شامل ڪيو اٿس.
    5. ڪلاسيڪي شاعرن جو ڪلام: هن رٿا هيٺ ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي زندگي ۽ ڪلام کي سهيڙيو آهي، جنهن جو تفصيل هن ريت آهي.
    قاضي قادن جو رسالو، شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام، ميين شاهه عنايت جو ڪلام، خليفي نبي بخش جو رسالو، شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو، راڳ نامو، صوفي صادق فقير سومرو، رسالو غلام محمد خانزئيءَ جو، ڪليات حمل، ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري، ڪليات سانگي وغيره.
    6. سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ ۽ موسيقي: ڊاڪٽر صاحب جا هنن موضوعن تي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ، سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي، سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو، جتڪي ٻولي، ٻيلائن جا ٻول، سومرن جو دور (2جلد) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندن متفرق ڪتابن ۾: سڀ رنگ، مٺي جي مڇي، کاري جي مڇي، منهنجو ڳوٺ: جعفر خان لغاري، رهاڻ هيرن کاڻ (8 جلد)، لاکو ڦلائي، شاهه جي رسالي جا سرچشما، شاهه جي رسالي جي ترتيب وغيره اچي وڃن ٿا.
    ڊاڪٽر صاحب جي اردو ڪتابن ۾ ”سندهه مين اردو شاعري، مولانا آزاد سبحاني، ديوان ماتم، ديوان شوق افزا عرف ديوان صابر، طلبه اور تعليم وغيره اچي وڃن ٿا. اهي فارسي ڪتاب، جن جا حواشيه ۽ مقدمه ڊاڪٽر صاحب لکي، انهن جي علمي ۽ تاريخي حيثيت نروار ڪئي آهي، تن ۾ ”ديوان غلام، لب تاريخ سنڌ، تاريخ طاهري، بيگلارنامه، حاصل النهج، فتح نامه سندهه، باقيات از ڪلهوڙا، تاريخ بلوچي“، ديوان عطا ٺٽوي اچي وڃن ٿا، سندن ايڊٽ ڪيل عربي ڪتابن ۾ نتف من شعر ابي عطا ۽ غزة الزيجات شامل آهن. ڊاڪٽر بلوچ جا هيٺيان انگريزيءَ ۾ ڪتاب ڇپيل آهن:
    1. Teachers Education in Pakistan.
    2. Sindh: Studies) Cultural(
    3. Sindh: Studies (Historical)
    4. Advent of Islam in Indonesia
    5. Muslim Luminaries
    6. Traditional Arts and Crafts of Hyderabad Region
    7. Musical Instruments of the Lower Indus valley of Sindh.
    8. World of Work
    ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب جا سنڌ جي تاريخ، تصوف، لطيفات، موسيقي ۽ ثقافت تي ڪيترائي مقالا مختلف رسالن ۾ ڇپيل آهن، جن جو وچور تمام ڊگهو آهي.
    ڊاڪٽر صاحب کي تمغئه پاڪستان 1968، 1962ع ۾، ستاره قائد اعظم، صدارتي ايوارڊ پرائيڊ آف پرفارمنس 1979ع، صدارتي ايوارڊ: اعزاز ڪمال 1991ع، صدارتي ايوارڊ: ستاره امتياز 2001ع سان پڻ نوازيو ويو آهي، کيس مختلف علمي ادارن طرفان ڪيترا اعزاز، شيلڊون ۽ نقد انعام پڻ مليا آهن.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    مهرباني ادا واصف؛
    حق موجود
    اوهانجا سڀ ونڊ انتهائي معلوماتي ۽ ڪارائتا آهن ... اميد ته اڳتي به اهڙي سخاوت ڪندا رهندا ۽ اسان جهڙن پرديسين کي سنڌ ۽ سنڌ جي سڄڻن جي ڄاڻ ڏيندا رهندا ...

    ٿورائتو

    نثار ابڙو
    مڪو پاڪ
    sindhsalamatsaathsal
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    محترم سائين ابو واصف صاحب،

    محترم سائين نبي بخش بلوچ جي باري ۾ معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ اوهان جا ٿورائتا آهيون۔۔۔
    اوهان جي اهڙين معلوماتي لکڻين جو شدت سان انتظار رهندو۔۔۔
    سدائين گڏ
    حق موجود، سدا موجود۔۔۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    اسلام عليڪم ادا ابو واصف
    ادا ڊاڪٽر صاحب مطلق اهڙي قيمتي معلومات فراهم ڪرڻ بابت مان اوهان جي ٿورائتو آهيان اهڙِي معلومات ڏيڻ تي توهان جس لهڻو shal judy hujeen

    sindhsalamatsaathsal
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    سلام آهي اسان جي هن ڌرتي کي جو ڊاڪٽر بلوچ جهڙا لازوال ماڻهو پيدا ڪيا.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    تمام سٺي معلومات آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ تي تحقيق ڪري سنڌ جي ھر ھڪ شي کي نروار ڪيو آھي. اڄ اسان کي سنڌ جي باري ۾ ڪابه معلومات کپندي آھي، ته اسان ڊاڪٽر بلوچ جي لکيل ڪتابن مان آسانيءَ سان حاصل ڪري وٺون ٿا. ڊاڪٽر بلوچ جي محنتن جا ثمر سنڌي قوم حاصل ڪري رھي آھي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. جمال محمود کهڙو

    جمال محمود کهڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2014
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    ذاتي ڪاروبار، آبادگار،
    ماڳ:
    سوڀوديرو
    ڊاڪٽر بلوچ صاحب جهڙا پٽ قسمت سان پئدا ٿيندا آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    سائين نبي بخش بلوچ جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ جي مهرباني سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو