• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سڀني دوستن کي ڀلارو ڏينهن مبارڪ هجي۔۔

مست

سينيئر رڪن
دوستن کي 12 ربيع الاول رسولِ ڪائنات رحمته العالمين محبوبِ خدا حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي نور جي عرش کان هن فرش تي آمد باسعادت جي دل سان مبارڪ هجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔​

180186_192776920747575_100000458064310_572343_2855571_n.jpg

180925_180648511976369_174695309238356_340573_3378231_n.jpg

180186_1850941430429_1147551613_2266380_7889428_n.jpg

182485_180648545309699_174695309238356_340574_3726197_n.jpg

180808_146820035379411_102392549822160_278827_8363447_n.jpg

جواب: سڀني دوستن کي ڀلارو ڏينهن مبارڪ هجي۔۔

سائين خير مبارڪ، هن حقير جي طرفان به سرور ڪائنات خاتم الانبياءِ، سيد المرسلين، رحمه للعالمين جي آمد تي سڀني دوستن کي دلي مبارڪون۔ الله تعالى کان دعا آهي ته اسان سڀني مسلمانن کي آنحضرت جي پاڪيزه تعليمات تي هلڻ ۽ اسلامي ڀائيچاري جي توفييق عطا ڪري۔
 
جواب: سڀني دوستن کي ڀلارو ڏينهن مبارڪ هجي۔۔

ادا اسد توهان جي مهرباني جو توهان محبوب عليه الصلواة والسلام جي ميلاد متعلق ايتريون خوبصورت تصويرون اسان سان شيئر ڪيون.
 
جواب: سڀني دوستن کي ڀلارو ڏينهن مبارڪ هجي۔۔

ادا توهان سڀني دوستن کي هن حقير طرفان به آمد محمد مدني صلي الله عليه وسلم جون دلي مُبارڪون۔
نبي جي عشق ۾ جيون سڄو گُذري الله سائين
درود مصطفى لب تي ۽ دم نڪري الله سائين
ڪرڻ ميلاد مدني جو کڻي صلوات جو تحفو،
صُبح کان ”ناز“ هي شاعر پيو سنڀري الله سائين​
 
واهه واهه سائين عقيدت جو تمام بهترين نذرانو آهي۔۔۔ شل الله قبول ڪري۔۔۔ مدحت رسول پاڪ ۾ سچائيءَ سان لکيل هڪ لفظ به ڇوٽڪاري جو سبب بڻجي سگهي ٿو۔۔۔
 
جواب: سڀني دوستن کي ڀلارو ڏينهن مبارڪ هجي۔۔

ادا اسد مست صاحب تمام بهترين تصويرون شيئر ڪيون اٿو مولا اوهان کي انهي جو ضرور اجر ڏيندو ۽ اتي مان هڪ ڳالهه جي يادگيري ڏيارندو هلان ته اڄ يعني 12 ربيع الاول جيڪا اسان جي پياري رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي آمد جي سلسلي ۾ پوري دنيا جا مسلمان ملهائين ٿا ۽ انهي سان گڏوگڏ اڄ جو ڏينهن ان هفتي جي شروعات به ٿئي ٿي جنهن تي اسان جي پياري مذهب اسلام جا پيروڪار چاهي سني هجي يا شيعه امام خميني جي فرمان مطابق ٻنهن فرقن جا عالم ۽‌اڳواڻ گڏجي ڪري وحدت لا پاڻ پتوڙيندا آهن جشن ، ميلاد ۽ ڪانفرانسون ڪرائيندا آهن۔ مطلب ته اڄ کان وٺي ڪري 17 ربيع الاول تائين اهي جشن ئي جشن جا ڏهاڙا آهن۔۔۔۔
آخر ۾ وري به اسان جي طرفان انهن برڪت واري ڏينهن جي مناسبت تي پوري مسلمانن ۽ مومنن کي لک لک واڌايون هجن ، اسان جا مسلمان ڀا جتي به هجن آباد هجن۔
 
جواب: سڀني دوستن کي ڀلارو ڏينهن مبارڪ هجي۔۔

هن حقير جي طرفان به سرور ڪائنات خاتم الانبياءِ، سيد المرسلين، رحمه للعالمين جي آمد تي سڀني دوستن کي دلي مبارڪون۔

سدائين گڏ
 
جواب: سڀني دوستن کي ڀلارو ڏينهن مبارڪ هجي۔۔

سرور ڪائنات خاتم الانبياءِ، سيد المرسلين، رحمه للعالمين جي آمد مرهبا
سڀني عيدن کان وڏي عيد سڀني کي مبارڪ

01.jpg
 
جواب: سڀني دوستن کي ڀلارو ڏينهن مبارڪ هجي۔۔

ادا اسد مست صاحب تمام بهترين تصويرون شيئر ڪيون اٿو مولا اوهان کي انهي جو ضرور اجر ڏيندو ۽ اتي مان هڪ ڳالهه جي يادگيري ڏيارندو هلان ته اڄ يعني 12 ربيع الاول جيڪا اسان جي پياري رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي آمد جي سلسلي ۾ پوري دنيا جا مسلمان ملهائين ٿا ۽ انهي سان گڏوگڏ اڄ جو ڏينهن ان هفتي جي شروعات به ٿئي ٿي جنهن تي اسان جي پياري مذهب اسلام جا پيروڪار چاهي سني هجي يا شيعه امام خميني جي فرمان مطابق ٻنهن فرقن جا عالم ۽‌اڳواڻ گڏجي ڪري وحدت لا پاڻ پتوڙيندا آهن جشن ، ميلاد ۽ ڪانفرانسون ڪرائيندا آهن۔ مطلب ته اڄ کان وٺي ڪري 17 ربيع الاول تائين اهي جشن ئي جشن جا ڏهاڙا آهن۔۔۔۔
آخر ۾ وري به اسان جي طرفان انهن برڪت واري ڏينهن جي مناسبت تي پوري مسلمانن ۽ مومنن کي لک لک واڌايون هجن ، اسان جا مسلمان ڀا جتي به هجن آباد هجن۔

بيشڪ ادا توهان صحيح چيو آهي، هي اتحاد بين المسلمين جا ڏينهن آهن۔۔ ڪنهن فرقي يا مسلڪ جو ڏيهاڙو نه آهي، بلڪه اسان سڀني جي سردار جي آمد آهي، پوءِ 12 يا 17 پر ميلاد جي محفل ته ملهائڻي آهي پوءِ گڏجي ڇو نه ملهائجي۔ اسلام به ٻڌي ۽ ايڪي جو درس ٿو ڏئي۔​
2dcbzhc.jpg

3094m0w.jpg

جواب: ّخير مبارڪ ادا، توهان سڀني کي به هن مبارڪ ڏينهن جون لک واڌايون قبول هجن۔

خير مبارڪ ادا، توهان سڀني کي به هن مبارڪ ڏينهن جون لک واڌايون قبول هجن۔
 
جواب: سڀني دوستن کي ڀلارو ڏينهن مبارڪ هجي۔۔

سموري عالم اسلام کي جشن ولادتِ رسول صه مبارڪ

411n7.jpg
[/IMG]​
 
جواب: سڀني دوستن کي ڀلارو ڏينهن مبارڪ هجي۔۔

دوستن کان گذارش آهي ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي وفات جو ڏينهن ٻڌائين ته ڪهڙو آهي؟
 
Back
Top