سماجي ڪمن لاءِ ٽائم ڪڍي ميدان تي پُهچو جي توهان وٽ قدرت جي ڪا ڏات آهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2011۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سماجي ڪمن لاءِ ٽائم ڪڍي ميدان تي پُهچو جي توهان وٽ قدرت جي ڪا ڏات آهي، متان پوءِ دير ٿي وڃي ۽ پڇتائو رهجي اچي

    سنڌ ۾ وڌندڙ مُسلسل مهنگائيءَ نوڪرين ۽ ميرٽ جي فُقدان ۽ اُن ڪري پئدا ٿيندڙ جهالت ۽ مُصيبتن هاڻ چڱيءَ طرح سنڌڙيءَ امڙ جو گهر ڏسي ورتو آهي حالت اها آهي جو هاڻ وچولو ۽ سُفيد پوش تبقو ، جنهن جي ڪري سنڌ ۽ سنڌيت جي بقا هُئي ، به ان جو مُسلسل شڪار پيو ٿئي، سنڌ جو وڏيرو ڪامورو ، جنهن کي اڳ نوڪرين جي ضرورت ئي ناهي هاڻ پنهنجن غريب ووٽرن کي نوڪري ڏيارڻ بدران پنهنجي اولادن، مٽ مائٽن کي پيو ڏياري يا وڪڻي پيو، سنڌ جي سرڪاري ، خانگي توڙي ڪارپوريشن ۾ ميرٽ بلڪل ختم ڪئي وئي آهي، ڪاروباري تبقن، سياسي اڳواڻن ، ڪراچي جي لساني تنظيم، ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ اداري جي طاقت ور مئنيجمينٽ جو ايترو ته اثر آهي جو تمام ترقيون ميرٽ تي نه پر سفارشن تي ٿي رهيون آهن، جي ڪو غريب ۽ بي سفارشيو قابليت به رکي ٿو ۽ گهربل سينيارٽي ميرٽ تي به آهي ته اُن جو ڪيريئر فريز ڪري مٿين سفارشين کي ڏنو وڃي ٿو ادارن ۾ حالت اهڙي آهي جو ادارين جا رولز ۽ ريگيليشن به بار بار تبديل ڪري مٿئي تبقن کي فائدو ڏيارين ٿا. ادارن جي ايمن ڊپارٽمينٽ جو اهو حال آهي ته اپيل جا ڪيس به رُشوت، تُحفن ۽ پسند نا پسند تي ۽ سفارش تي ٺاهيا وڃن ٿا. جيڪي محنت گهٽ، شوشا ۽ ليبلز ۾ گهڻا ڦونڊجي عياشيءَ ۽ وڏيرپائيءَ طرف اڃا وڏيڪ وڌي رهيا آهن. مطلب ته مُسلسل بدحالي آهي.

    ، حالانڪه پهرين انهن لاءِ نوڪري ڪرڻ عيب هو، بجاء، جو اهي پنهنجن وسيلن ڪري، ڪارخانا، اسڪول، اسپتالون ، لڳائي پنهنجي ووٽرن لاءِ پنهنجي علائقن ۾ روزگار پئدا ڪن ها، نوڪرين تي پاڻ مقبوض ٿي چُڪا آهن، تعليم کي غريب ۽ سُفيد پوش تبقي جي پُهچ کان پري ڪري چُڪا آهن، جي نوڪريءَ لاِ اولاد، مٽ مائٽ نه اٿن ته پنهنجي ڪوٽا پنهنجن چاڙتن ذريعي وڪڻي پنهنجن ڀڀن کي اڃا ڀري سنڌ ۾ وڌيڪ مُعاشي بدحالي پئدا ڪري رهيا آهن.

    انجيڻيئرنگ، ڊاڪٽري ۽ ٻيو پروفيشنل ڊگريون ڳوٺن جي ڊوميسائلن تي حاصل ڪري به اُتي يا ٻي ڪنهن هنڌ عملي ميدان ۾ لٿل ناهن يا پر سفارش سان ڪميشن وٺي حاڪمت ڪرڻ وارن شعبن ۾ رُشوت لاءِ پُهچن ٿا، يعني سي ايس ڪن ٿا، گهُرجي ائي ها ته جنهن ڊوميسائل ۽ ايريا جي ڪوٽا تي کين داخلائون ملن ٿيون اُتي گهٽ ۾ گهٽ انهن لاءِ پنج سال نوڪري يا پرائويٽ ڪلنڪ، ڪارخانا، اگريڪلچر وغيره لازمي ڪرڻ هُجن. پروفيشنل ڊگرين جي صحيح نه استعمال جي ڪري اُن علائقي جا مُستحق غريب سنڌي پروفيشنل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا کان به محروم رهجي وڃن ٿا ۽ سنڌ تعليمي ميدان مان بلڪل ٻاهر نڪري وئيآهي ۽ پڙهيل لکيل جاهل گهڻا پئدا ڪري رهي آهي، جيڪي ڀلي سُوٽن بوٽن، ۾ مُلوس ۽ پجارو ۾ گهمندا وتن .

    هاڻ سنڌ جي تعليم به ايتري ته ناقص ۽ مهنگي ٿي وئي آهي جو غريب ته هرگز نه، هاڻ سُفيد پوش تبقو به حاصل نٿو ڪري سگهي ان جا سنڌ جي فيوچر ۾ مُعاشري تي ڪهڙااثر پوندا سڀ ڏاها ڄاڻن ٿا، ڇو جو هرڪو هاڻ نوڪرين ۾ رُشوت، ٻاهر چوري، بدامني جي آسان طريقي سان ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندو، هرڪو ڄاڻي ٿو ان ڪوتاهين جي ڪري امير امير تر ۽ غريب غريب تر ٿي چُڪو آهي وس وارن ڪامورن ۽ وڏيرن، سيدن، شاهن، پيرن، ميرن ۽ رئيسن کي اپيل آهي ته هوش ۾ اچو ۽ پنهنجي غريب ۽ سُفيد پوش ووٽرن جي مدد ڪريو اهو عمل توهان جي بقاءَ لاءِ به لازمي آهي جي سمجهي سگهو ته.

    ڇو جو توهان جو هي مال ملڪيت به ته توهانجو پنهنجو هرگز ناهي، پر پاٿاريداري ڪري ٺاهيل آهي ۽ غريب واڻين، ميمڻن، شيخن، بيواه عورت لاوارث پوڙهن پڪن، يتيمن، ڪمزورن يا سرڪاري ادارن جو مال آهي جنهن تي توهان طاقت ۽ ظلم سان غالب آهيو، توهانجي علائقي وارا ڄاڻن ٿا ته اڳ توهانجي مالي حيثيت چا هُئي، انهن ئي واڻين، ميمڻن ۽ شيخن کان اوڌر تي مال ورتو ۽ پوءِ شايد اڄ تائي ادا به نه ڪيو ۽ کين گهُرڻ تي ڳوٺن مان لڏ پلاڻ تي شهرم ۾ وڃڻ تي مجبور ڪيو جتي وري کين شهري دهشت گردن کي ڀتو ڏئي رهڻو ٿو پوي.

    ۽ پوءِ به توهان جا غريب هي هاري ناري، اگهاڙن انگن جي بُک تي به توهان جا ٻانه ٻيلي ٿي ۽ محنت ڪري توهانجي مال کي جوڙي رهيا آهن ۽ هي ئي آهن جيڪا اوهان کي سياسي ميدان ۾ به سرسي به ڏيارين ٿا، توهان لاءِ ڊاڪو ۽ سياسي ڪارڪن بڻجي توهان جي ناجائز ملڪيتن ۾ اضافو ۽ ايم اين اي ۽ ايم پياي يا منسٽر ڪن ٿا، جنهن جي ڪري اوهان جي حاڪمت به بحال آهي، خُدارا هاڻ هنن لاِ نه ته ، پنهنجي وُجود خاطر ئي ڪُجه سوچيو، هنن جو هٿ وڌايو جي ، ڇو جو جي هي دهشت گردن جي هٿن ۾ هليا ويا ته نه صرف توهان جو وُجُود فنا ٿي ويندو پر سنڌڙيءَ کي به ڇيهو رسندو ۽ سنڌ ۽ سنڌ جي تهذيب صرف ڪتابن ۾ پڙهي ويندي، جي استحصالي تبقو هن تهذيب ۽ ڪلچر کي پنهنجي اوريجنل رنگ ۾ سڄاڻپ نه ڪرائيندو ته. چوگرد اکيون کولي ڏسو هاڻ دهشت گرد پنهنجي مال متاع ۽ لڀائيندڙ سازشن جي ڄار سان ڪافي سنڌين کي مائل ڪري پنهنجو ڪري چُڪاآهن ۽ توهان جي علائقن ۾ رسائي ڪرڻ جو سوچي رهياآهن ۽ ڄاڻ ڪي پُهتا جي توهان خيالي خوابن کان ٻاهر نه نڪتا ته. ان کان پهرين جو توهانجو هي ناجائز مال هنن جي ڀتا خوري ۽ دهشت جي نظر ٿئي پنهنجن هٿن سان مُستحق ووٽرن جي ڀلي لاءِ ڪتب آڻيو، علائقن ۾ اسڪول، اسپتالون ، ننڍا وڏا ڪارخانا لڳائي هنن لاءِ روزگار جااجها ڳوليو، پاڻ به حلال کائو ۽ هنن کي به حلال کائڻ جي ترغيب ڏيو.

    سنڌي سڄڻئو! غريب ۽ سُفيد پوشئو! جي توهان پنهنجي ڪنهن به ڏُک درد ۾ آهيو پوءِ چاهي اُها تعليمي ميدان ۾ هُجي، سماجي يا مُعاشي يا ٻيو ڪو، تا اسان سان هن فيس بُڪ يا سنڌ سلامت تان، آن لائين شيئر ڪريو، اسان توهان جي مدد جي ڪوشش ڪنداسون، پر ياد رهي ته اسان توهان لاءِ هن پليٽ فارم (سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر اسوسيئيشن (ساوا) تان فقط ڪوششون ئي وٺي سگهون ٿا سي وٺنداسون، ڇو جو مدد ته فقط الله سائين ڪندو، اسان صرف وس وارن سنڌ واسين کي جيڪي سماجي ڪمن ۾ حصو وٺي پنهنجي آخرت موچاري ڪرڻ تي برين واش ڪري آگاهي پئدا ڪنرائينداسون.

    هنن کي هنن پليٽ فارمن تان هٿ ٻڌي ٻاڏائيداسون، پيرين پئي اپيلون ڪري اوهان جا ٻانه ٻيلي ٿينداسون، ڪي مُخلص دوست از خود اسان سان رابطي ۾ آهن ۽ مدد لاءِ به تيارا، توهان سندن ڪامينٽس فيس بوڪ ۽ سنڌ سلامت تان پڙهي سگهو ٿا. توهانجي عزت ۽ سُفيد پوشيءَ جومُڪمل احترام ڪبو ۽ توهانکي جي نٿا چاهيو ته نالو پتو به ظاهر به نه ڪبو، ڇو جو اسانکي سُفيد پوشي ۽ توهان جي ڀرم جو مُڪمل احساس آهي ڇو جو هن مهنگائيءَ وچولي تبقي کي به پٽ وهاري چڏيو آهي، ۽ اهو ئي تبقو تمام گهڻو مُتاثر ٿيو آهي، جو ڪنهن کان گهُري به نٿو سگهي، هٿ به نٿو ڦهلائي سگهي، يا چوري، رشوت ذريعي به نٿو ڪمائي اولاد ۽ پوڙهن ماءُ پيءُ جون ضرورتون پوريون ڪري سگهي.

    اڄ هن سُفيد پوش خاموش تبقي کي بچائڻو آهي، نه ته پرڊڪٽ ڪري رهيا آهيون ته سنڌ تمام غير مُتوازن ٿي ويندي ۽ ان جو رِوائول نا مُمڪن ٿي پوندو ۽ پوءِ متان توهان جو اولاد جنهن جو ذهن اڃا ڪچو آهي ڪنهن مُعاشي ضرورت ّخاطر ڪنهن دهشت گرد تنظيم سان نه نه وڃي ملي، اهڙو رُجهان ڏٺو پيو وڃي هُشار ٿيو متان پوءِ ٻه به وڄن ۽ ڇهه به ۽ اڻڄاڻائي ۾ پڇتائو نه رهجي اچي. اهڙي حالت ٿي ته توهان پاڻ ئيذميوار هُوندئو سنڌ جي ڊس بيلنس ٿيڻ جا پوءِ چاهي توهان اديب هُجي يا ليکڪ، شاعر هُجو يا فنڪار.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو