هندستان جي سنڌ سڏجندڙ ممبئي شهر۔۔۔

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    1947 جي ورهاڱي کانپوءِ هتان هندستان طرف ويندڙ سنڌين هوئن ته ڪافي شهرن جو رخ ڪيو پر اڪثر سنڌي ممبئي ۾ ئي رهڻ لڳا۔۔۔ اتان جي سنڌين پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي بچائڻ لاءِ ڪهڙا اپاء ورتا آهن۔۔۔ هن ڊاڪيومينٽر وڊيو ۾ تفصيل سان ٻڌايل ۽ ڏيکاريل آهي۔۔۔ مون کي حيرت ٿي ٿئي ته انهن وٽ گهٽ وسيلن باوجود هنن پنهنجي اولاد کي تربيت ڏيارڻ دوران انيڪ اپاء ورتا آهن۔۔۔ هڪ اهم ڳالهه ته اتان جا سنڌي هڪ ٻئي کي ڏکئي وقت ۾ مدد ۽ سهڪار ڏيڻ کان سواءِ پنهنجا ڏک ۽ درد ونڊڻ لاءِ مختلف پليٽ فارم پڻ بڻايا آهن۔۔۔

    [fv]188306501203846[/fv]​
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هندستان جي سنڌ سڏجندڙ ممبئي شهر۔۔۔

    جي ادا رشيد ڪجهه ڏينهن اڳ مون اها وڊيو سنڌي ادبي فيسبڪ تي ڏٺي هئي پر الائجي ڇو سنڌي ادبي ايسوسيئشن فيسبڪ جي آرگنائيزر اها وڊيو ڊيليٽ ڪري ڇڏي هئي ۔۔۔ جنهن تان سنڌ جون ٻه ٽي نياڻيون ۽ پيش ڪرڻ واري پريميڪا واسواڻي پڻ ناراض ٿي ويون ۔۔۔ جيتوڻيڪ مونکي سنڌي ادبي فيسبڪ جي اها ڳالهه نه وڻي هئي ته هن وڊيو ۾ ڪو اهڙو مواد به نه هو جنهن سان ايسوسيئشن کي ڪو مسئلو ٿئي ها ۔۔

    خئير شابس هجي ويچارن سنڌي واڻين کي جو سنڌ بدر ٿيڻ کانپو مڙسي ڪري نه فقط پاڻ سنڀالي ويا پر هن وقت هندستان ۽ ٻين ملڪن ۾ اقتصادي ٽائڪون ٿي ويا اهن ۔۔۔ مزي جي ڳالهه ته چائنا ۾ به هڪ سنڌين جو پورو شهر آهي، جيڪي سموري دنيا کي ڪپڙو مهيا ڪندا آهن ۔۔۔

    اسين سنڌ جا سڄڻ، ڪاروباري ۽ اقتصادي ماهر ڪڍي ٻاهر ڦٽا ڪيا ۽ انهن جي جا تي اهڙا قاتل ۽ خوني ماڻهون وٺي آياسون جو هاڻ اسانکي اسانجن شهرن ۾ ئي تحفظ ناهي ۔۔۔

    بس ڙي ادا ڪهڙا سور سلجن ۔۔۔ رب ڪي در تي دانهن آهي ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو