جي ادا رشيد ڪجهه ڏينهن اڳ مون اها وڊيو سنڌي ادبي فيسبڪ تي ڏٺي هئي پر الائجي ڇو سنڌي ادبي ايسوسيئشن فيسبڪ جي آرگنائيزر اها وڊيو ڊيليٽ ڪري ڇڏي هئي ۔۔۔ جنهن تان سنڌ جون ٻه ٽي نياڻيون ۽ پيش ڪرڻ واري پريميڪا واسواڻي پڻ ناراض ٿي ويون ۔۔۔ جيتوڻيڪ مونکي سنڌي ادبي فيسبڪ جي اها ڳالهه نه وڻي هئي ته هن وڊيو ۾ ڪو اهڙو مواد به نه هو جنهن سان ايسوسيئشن کي ڪو مسئلو ٿئي ها ۔۔
خئير شابس هجي ويچارن سنڌي واڻين کي جو سنڌ بدر ٿيڻ کانپو مڙسي ڪري نه فقط پاڻ سنڀالي ويا پر هن وقت هندستان ۽ ٻين ملڪن ۾ اقتصادي ٽائڪون ٿي ويا اهن ۔۔۔ مزي جي ڳالهه ته چائنا ۾ به هڪ سنڌين جو پورو شهر آهي، جيڪي سموري دنيا کي ڪپڙو مهيا ڪندا آهن ۔۔۔
اسين سنڌ جا سڄڻ، ڪاروباري ۽ اقتصادي ماهر ڪڍي ٻاهر ڦٽا ڪيا ۽ انهن جي جا تي اهڙا قاتل ۽ خوني ماڻهون وٺي آياسون جو هاڻ اسانکي اسانجن شهرن ۾ ئي تحفظ ناهي ۔۔۔
بس ڙي ادا ڪهڙا سور سلجن ۔۔۔ رب ڪي در تي دانهن آهي ۔۔۔