جواب: سنڌي پهريون ڪتاب
سائين واه جو ڪتاب آهي پر هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته هڪ ئي ڪتاب کي 30 دفعا هر دفعي نئي موضوع طور پوسٽ ڪرڻ جو سبب ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
جيڪڏهن توهان مختلف سبق رکيا آهن ته موضوع جو مضمون لکڻ وقت توهان کي گهرجي ته وضاحت ڪندا هلو ته هي سبق پهريون آهي هي سبق ٻيون آهي ائين ڪا خبر نه پئي پوي ته توهان جو ٻيون سبق ڪهڙو آهي ۽ ٽيون سبق ڪهڙو آهي اهڙي نموني سان توهان جيڪي اڄ 30 سبق پوسٽ ڪيا آهن انهن جي اخر ڪيئن خبر پوي ته ڏهون سبق ڪهڙو آهي سو مهرباني ڪري پوسٽ ڪيل موضوع جو مضمون ضرور لکندا ڪريو
ٻيو ته موضوع کي مطتعلقه سيڪشن ۾ موڪليندا ڪريو هي سنڌ سلامت فورم جي سکيا جو سيڪشن ان حوالي سان مناسب ناهي توهان اکر پڙه الف جو ان سيڪشن ۾ سڀ سبق رکندا ڪريو
اميد ته آئنده لا۽ توهان جي سمجهي ويا هوندا
سدائين گڏ
مهرباني