جواب: جنت الفردوس ۾ به سنڌين کي مار
تصوير جا ٻه رخ آهن۔۔۔
هڪ اهي ماڻهون جيڪي پنهنجي روزگار، گهر ۽ اولاد جي فڪر کي پاسي تي رکي صرف پنهنجي سک ۽ تفريح خاطر وقت ۽ زندگي وڃائي رهيا آهن۔۔۔ اهڙن ماڻهن کان جڏهن ان بابت سوال ڪيو ويندو ته انهن جا جواب به عجيب هوندا آهن خاص طور جڏهن هو ۔۔۔ جواب ۾ چوندا آهن ته مايوسي، بيروزگاري ۽ گهريلو مسئلن کي حل نه ڪري سگهڻ جي قوت هجڻ ڪري اٺ پکي جي منهن واري ۾ وجهڻ جي مثال وانگر اهڙن مسئلن کا ڀڄندي ڪجهه گهڙيون سڪون ۾ رهڻ لاءِ هو اهو عمل ڪندا آهن۔۔۔
اهڙن ماڻهن ۾ فلمن کي ڏسي انهن مان ڪاٽو سبق سکڻ جو مادو وڌندو آهي ۽ هو معاشري کان باغي ٿيندي ننڍا ۽ پوءِ وڏا جرم ڪرڻ شروع ڪندا آهن۔۔۔ ۽ افسوس ته اهڙن ماڻهن جا شڪار به وري اهي سنڌي ئي ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي گهر جي مسئلن کي سلجهائڻ لاءِ محنت ڪندا رهندا آهن۔۔۔۔
تصوير جي ٻئي رخ ۾ وري اهي هوٽل وارا آهن جيڪي سنڌي ماڻهن جي مسئلن کان ڀڄندڙ فطرت کان واقف ٿيندي انهن جي عارضي ذهني سڪون جو اهتمام ڏوڪڙن تي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن۔۔۔ اهڙن ماڻهن کي پنهنجي گهريلو حالات کي بهتر بڻائڻ ۾ يقينن سندن اهو روزگار ئي واحد وسيلو هوندو آهي۔۔۔ پنهنجي روزگار کي جاندار بنائڻ لاءِ هو پنهنجي هوٽل ۾ هر پرڪشش شي رکڻ جو اهتمام ڪندا آهن۔۔۔
هاڻي سوال اهي آهن ته معاشري مان اهڙي برائي ختم ڪرڻ جي لاءِ آخر ڇا ڪجي۔۔۔؟
ان برائي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ماڻهون وس وارا چئجن۔۔۔؟
ماڻهن کي درست رغبت ڏيارڻ لاءِ ڪهڙا وسيلا ڪتب آڻجن۔۔۔؟
هوٽل تي مستقل ويهڻ وارن کي ان عمل کان ڪيئن روڪجي۔۔۔ ؟
ڇا اهو سڀ ڪجهه حڪومت جي ذميداري چئجي۔۔؟
موضوع کي اصل رخ طرف موڙڻ لاءِ اميد ته منهنجي انهن سوالن جي جوابن ۾ به توهان جا رايا ايندا۔۔۔
ادا سائين هوٽلنگ ڪرڻ ڪو خراب عمل ناهي ۔۔۔ آمريڪا جا 99 فيصد ماڻهون هوٽلنگ ڪن ٿا ۔۔۔ ۽ هن وقت دنيا جي طاقتور قوم ۽ طاقتور ملڪ جي حيثيت سان سڃاتا وڃن ٿا ۔۔۔
پر ڳالهه اها آهي ته گهر ۾ هجي رلهي به ڪون ۽ ماڻهو آڪڙيو وتي ۽ ضروري پئسا جيڪي اولاد ۽ گهر تي خرچ ڪرڻا هجن سي وقت وڃائڻ لا وڃي هوٽلن تي خرچ ڪجن، نه فقط فضول خرچي آهي پر هر طرح سان ناانصافي ۔۔۔ پر انسان آهي، هلندو رهي ٿو پاڻ کي ريجهائڻ جا جتن ڪندو رهي ٿو ۔۔۔
قومن ۾ صحيح تعليم، شعور ۽ قومي جاڳرتا سان اهي خراب شيون به سٺيون ٿي پون ٿيون ۔۔۔ دنيا جون قومون هوٽل يا مهمانوازي واري عمل مان ايترو ڪمائن ٿيون جو پوري قوم جي بجيٽ حاصل ڪري وٺن ٿيون ۔۔۔
پر اسان وٽ حالتون ڪجهه ٻي طرح جون آهن ۔۔۔ غريب غربو، ٻارن کي پائڻ لا جتي به نه هوندي اٿن پر هوٽل تي وڃي پاڻ ته وقت وڃائيندا آهن پر ٻين کي به چانهن پيئاري گد گد ٿيندا آهن ۔۔۔
منهنجي سالي بدين واري پاسي ڊاڪٽرياڻي آهي، ان جي ڪلينڪ ۾ هڪ عورت پنهنجن ڪجهه مردن سان گڏ ويم ڪرڻ آئي ۔۔۔ ٻه ٽي ڏينهن کن کين لڳي ويا ۔۔۔ ڪلينڪ ۾ ؛
منهنجي سالي ڳالهه ٿي ڪئي ته سندس مرد کي ڪاٽن جا ڪپڙا، نوان ٽوپ ۽ گولڊليف جا پاڪيٽ ۽ هوٽل تان چانهن ۽ ڪڪڙن جا ٻوڙ مهمانن کي گهرائي کارائڻ ۾ مشغول ڏٺو ۔۔۔ جڏهن ويم ٿي ويو ۽ ڊاڪٽر جو خرچ پيش ٿيو ته همراه چيو ؛ امڙ ڊاڪٽرياڻي اسين غريب ماڻهون آهيون، ايترو بل ڪٿان ڏينداسون ۔۔۔؟؟؟ رعايت ڪر ۔۔۔
بعد ۾ ويم ڪرائڻ واري مائي ڊاڪٽرياڻي کي ٻڌايو ته آ پنهنجون 4 ٻڪريون صرف ويم لا کپايون هيون ۽ پنهنجي مڙس کي پئسا ڏنا ته ويم تي خرچ ڪري پر هن اهي سڀ پئسا چانهن، ڪڪڙ جي ٻوڙ ۽ سگريٽن تي خرچ ڪري ڇڏيا آهن ۔۔۔
هاڻ اوهان پاڻ ٻڌايو ته حالتون ڪهڙيون آهن ۔۔؟
سو ادا جادوگر بس قومي جهالت جي ڳالهه ئي نه پڇو انڌ لڳو پيو آهي ۔۔۔ الله پناه ڏي ۔۔۔