جنت الفردوس ۾ به سنڌين کي مار

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ٻه سنڌي رب جي ٻاجهه سان مرڻ بعد جنت الفردوس ۾ پهچي ويا ، ليڪن افسوس جو ملائڪن انهن کي جنت الفردوس ۾ ڏاڍي مار ڏني ۔۔۔۔۔۔ خبر اٿو ته ڇو ؟

    ان ڪري جو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    جنت الفردوس ۾ به ملائڪن کان پڇيائون ته :

    يار واهه جي جنت ته ڀلي سهڻي سٺي آهي، پر سنڌ سنڌ آهي! هتڙِي جنت الفردوس ۾ صبح کان شام تائين رُلِي رُلِي ٿڪجي پيا آهيون؛ ليڪن ڪاٿي به هوٽل ڪونهي ڇو؟


    موبائل تان مليل ميسيج
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: جنت الفردوس ۾ به سنڌين کي مار

    ها ها ها

    يار ڏاڍي ٿئي مولائين سان
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: جنت الفردوس ۾ به سنڌين کي مار

    صحيح پيا چئو اسانجو ڪم سڄو ڏينهن هوٽل تي ويهڻ آهي

    ٻڌايو ته اهڙي قوم ڪئين انقلاب آڻيندي
    جيڪا خود ستي پئي آهي
    هنکي ڪير جاڳائيدو؟؟؟؟؟؟
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جنت الفردوس ۾ به سنڌين کي مار

    يار فقير اهو به سوچ ته پاڻ سان به ڏاڍي ٿيندي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڇو ڇو ؟؟؟؟؟


    انڪري جو پاڻ ڪٿي سنڌ سلامت جي فرمائش نه ڪري ويهون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هاهاهاها
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جنت الفردوس ۾ به سنڌين کي مار

    يار عرس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين

    اڃان پاڻ ئي سجاڳ ناهيون ٿيا ته ٻين کي ڪيئن چئون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ يار سجاڳ ٿي ۽ مونکي به اچي اٿار
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: جنت الفردوس ۾ به سنڌين کي مار

    ادا اهڙي ونڊ نه ڪريو اوهان اسان جي دل آزاري آهي، جنت سان مذاق وري اهو به خاص طور جنت الفردوس سان؟
    استغفر الله۔۔۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جنت الفردوس ۾ به سنڌين کي مار

    يار طاهر اوهان جون ڳالهيون به ڪڏهن ڪڏهن عجيب لڳنديون آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    هي ڪنهن سچائي جي ڳاله ناهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس هڪ ميسيج آيو هو اهو ونڊ ڪيو سين ۔۔۔۔۔ اوهان جي دل آزاري ٿي ان لاء معذرت ڪجي ٿي۔
     
  8. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: جنت الفردوس ۾ به سنڌين کي مار

    هاهاهاها۔۔۔۔سائين اهو ميسج تمام پراڻو آهي۔۔۔اهڙا ميسج کوڙ روز اچن پيا۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جنت الفردوس ۾ به سنڌين کي مار

    يار عاشق پراڻو هوندو ۔۔۔۔۔ پر پاڻ کي ڪاله ئي مليو هو
     
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جنت الفردوس ۾ به سنڌين کي مار

    ادا سليمان وساڻ صاحب دنيا وڃي چنڊ تي پهتي مگر اسان سنڌي اڃان به جنڊ تي ئي بيٺا آهيون، ادا هوٽل ڪلچر هون ته دنيا جي هر شهر هر ڳوٺ هر وسندي ۾ آهي پر اتي هوٽلون يا ته مسافر هجڻ جي ڪري استعمال ٿينديون آهن يا پوء صرف تفريح ۽ کائڻ پيئڻ جي لاء استعمال ٿينديون آهن پر يار افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته اسان جي سنڌ سونهاري ۾ وري هوٽلون پنهنجو وقت تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاء استعمال ٿينديون آهن، توهان سنڌ جي تقريبن سڀني شهرن ۾ وڃي ڏسو ته اسان جو سنڌي صبح جو پنهنجي ڳوٺان نڪري اچي جو هوٽل تي ويهي ٿو ته وري شام جو ٿو اٿي، ۽ سڄو ڏينهن هوٽل تي ٿو گذاري ڇڏي، ۽ اهيو ان جو روز جو معمول آهي، ۽ اسان جي ان سنڌي ڀاءُ کي نه پنهنجو فڪر آهي ته مان پنهنجي زندگي ڪيئن پيو گذاريا ۽ پنهنجو قيمتي وقت ڪيئن پيو برباد ۽ تباهه ڪيان (جنهن جو حساب مون کي هت ته ڏيڻو ئي ڏيڻو پوندو پر ان جو حساب مون کي آخرت ۾ به ڏيڻو پوندو ) نهوري پنهنجي گهر گهاٽ جوفڪر ۽ سوچ آهي، نه وري پنهنجي پياري اولاد جو جنهن کي هن ڄڻي نڌڻڪو ڪري ڇڏي ڏنو آهي، نه ان جي تربيت جو خيال اٿس نه ان جي مستقبل جو ڪو اونهو اٿس، نه وري ان جي پڙهائي ۽ تعليم جو ڪو فڪر ۽ خيال اٿس، ادا مان سڀني لاء ته چئي نه ٿو سگهان، مگر ادا اڪثر اهڙن ئي ماڻهن جي آهي۔
    يا پوء توهان کي اسان جا سنڌي ڪڪڙن ۽ ڪتن جي پالڻ ۽ انهن کي وڙهائڻ واري شوق ۾ ملندا، انهن ڪڏهن اهيو به سوچيو آهي ته ڪو اسان جي شهر ۾ ڪا سٺي گهڻن ڪتابن واري ۽ جديد صحولتن واري لائبريري هجي، يا ڪو جديد معيارن مطابق اسان جي شهر م ڪو تعليمي ادارو يا ڪو سينٽر هجي، بس پوري پنهنجي زندگي انهيء شوق ۾ ۽ هوٽلن تي پنهنجو قيمتي وقت وڃائڻ ۾ گذاري ڇڏيندا آهن۔۔۔ جڏهن ته توهان ڪراچي کي ڏسو ته اتي به توهان کي ڪم ڪار وارا ماڻهون ۽ ڌنڌي ڌاڙي وارا ماڻهون سنڌي تمام گهٽ ملندا، ادا ٻيو ته ٺهيو، هت مان پنهنجي ايريا شانتي نگر جي ڳالهه ڪندس ته اتي به آبادي ته سنڌي جي آهي مگر ڪاروبار وري به پٺاڻن ۽ پنجابين جو آهي، سنڌين جو ڪو هڪ اڌ دڪان آهي، جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي۔۔

    هي ڏسو سنڌ جي هڪ هوٽل جو ڏيک ​

    http://www.youtube.com/watch?v=0VCg653udwc
    http://www.youtube.com/watch?v=1KaV8YPCqNc

    محنت مزدوري ڪندڙ پورهيت جي هڪ يادگار تصوير​

    [​IMG]
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جنت الفردوس ۾ به سنڌين کي مار

    اسين ڪڏهن ڪڏهن مذهبي جذبات ۾ اهو وساري ويهندا آهيون ته جنت ڪا متبرڪ ۽ پاڪ پوتر هستي يا ڪا اهڙي حيثيت نٿي رکي جنهنجي پوڄا ڪجي، جنت پڻ مخلوق آهي الله تعالا جي جيڪا انسانن لا ئي ٺاهي وئي آهي ۽ سهڻن انسانن جي رهڻ جي جا آهي ۔۔۔ هاڻ جيڪڏهن اسين سنڌ کي جنت الفردوست سان ڀيٽ ڪندا آهيون ته ڇا جنت جي شان ۾ ڪا ڪمي ٿيندي آهي ۔۔۔ نه هر گز نه ۔۔۔بلڪه محبت جو اظهار هوندو آهي ته جنهن ملڪ سان اسين پيار ڪيون ٿا اهو پڻ جنت جهڙو آهي ۔۔۔

    اوهان هروڀرو اهڙي سوچ سوچي نه پاڻ دل آزاري ۾ مبتلا ٿيندا ڪريو ۽ نه وري ٻين کي۔۔۔۔

    انسان اشرف المخلوقات آهي ۽ انجو درجو رب جي خليفي وارو آهي ۔۔۔ مطلب قرآن جي فسلفي جي مطابق رب ڪائنات کان پو جيڪڏهن ڪنهنجي اعلا حيثيت آهي ته انسان جي آهي ۔۔۔ باقي سڀ شيون بعد ۾ اچن ٿيون ۔۔۔

    ملڪيت الله ذوالجلال جي واسطي انسان جي ۔۔۔

    مهربانيون ڳالهه کي سمجهڻ جون ۔۔۔
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جنت الفردوس ۾ به سنڌين کي مار

    مهرباني ادا ممتاز

    اوهان جي ڳاله 100 في صد صحيح آهي۔ اسان جي بد قسمتي آهي جو اسان اڃان تائين ترقيء جو سفر اختيار ڪري ناهيون سگهيا۔ سچل ڳوٺ ۾ به هوٽلن تي اهوئي حشر آهي۔

    هتي ڪاروبار ته ڪجه سنڌين وٽ ئي آهن پر سندن ريٽ وري اهڙا هوندا آهن جو لڳندو آهي ته هو راتو رات امير ٿيڻ جي چڪر ۾ آهن۔ مان پنهنجي آفيس کان ٽيڪسي ڪندو آهيان ته سچل ڳوٺ تائين 130 کان 150 رپين ۾ ملي ويندي آهي۔ پر صبح جو سچل ڳوٺ کان پنهنجا سنڌي ٽيڪسي وارا 200 کان گهٽ اصل نه وٺن ، قسم کنيل هوندو اٿن۔۔۔۔۔

    پوء به سنڌين لاء پاڻ پتوڙي رهيا آهيون جون پنهنجا آهن۔ سندن سوچ کي به اسان کي ئي تبديل ڪرڻو آهي۔ انڪري مان سندن ڳالهيون دل ۾ نه ڪندو آهيان پر هنن جي بهتريء لاء جيترو پهچندو آهي ڪندا رهون ٿا۔
     
  13. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: جنت الفردوس ۾ به سنڌين کي مار

    ادا ممتاز توهان جي ڳاله بلڪل صحيح آهي ان صورتحال ۾ اسان سڀني با شعور سنڌين جي ذميواري بڻجي ٿي ته جاهلن ۽ اٻوجه سنڌي ڀائرن جي بيداري لا هر ممڪنه ڪوشش کان نه ڪيٻايون جيڪڏهن ڪنهن به معاشري جو هر با شعور فرد پنهنجيون ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪري ته آ سمجهان ٿو ته اسان جي حقن تي به ڪو ڌاڙو هڻي نه سگهندو ۽ اسان هر ميدان ۾ خود ڪفيل بڻجي پنهنجي پيرن تي بيهي رهندا سين البته ان جدوجهد لا جوان جذبن ۽ اڻٿڪ محنت جي ضرورت آهي آ سمجهان ٿو ته انهي سلسلي ۾ خود هن فورم جو موجود هجڻ به هڪ وڏي غنيمت آهي جيڪڏهن ٻيو نه ته اسان منجهان هر هڪ هن فورم وسيلي پنهنجي علمي ۽ فڪري سوچ ذريعي معاشري ۾ تبديلي لا ڪنهن حد تائين ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿو اميد آهي ته اوهان اهڙيون ڪوششون جاري رکندا سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  14. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: جنت الفردوس ۾ به سنڌين کي مار

    [justify]
    ادا ممتاز اوهان جون ڳالهيون 100 فيصد صحيح آهن، ان سان گڏ تترن جي شوقينن جي به قطار اوهان کي هوٽلن تي ملندي۔
    مقصد چوڻ جو هي آهي ته سائين وساڻ صاحب ان غلط ڪلچر طرف ڌيان ضرور ڇڪرايو آهي، پر مثال ٻيا به کوڙ ڏئي سگهجن ٿا، اسان کي ديني ڳالهين ۾ ئي ڇو مثال وٺڻا پون ٿا، ڪڏهن ڏسو ته جنت سان مذاق، ڪڏهن جهنم سان مذاق، ڪڏهن ملان سان مذاق ته ڪڏهن قبر سان مذاق۔
    اهو ڪلچر ڪيئن آهي، ڇا اسان جي معاشري کي اڃان تجربا ڪرڻا آهن، انهن مثالن جي شروعات مان ڀايان ٿو ته ملحداڻي فڪر وارن جا هئا، پر دنيا ڏٺو ته خود انهن جو روس جي نظام ۾ ڇا حشر ٿيو؟
    ان ڪري منهنجا سنڌي ڀائرو!
    پنهنجي سر زمين ۽ معاشري ۾ موجود براين کي ختم ڪرڻ جي جدوجهد ضرور ڪريو، پر ان لاءِ دين کي مذاق طور استعمال نه ڪجي۔
    اميد آهي ته سائين نثار صاحب به ان ڳالهه کي ضرور سمجهي ويندا۔
    سهڻا ابڙا صاحب!
    اوهان جون ڳالهيون به درست آهن، اسان جي سنڌ ڪنهن وقت ۾ جنت جو مثل ضرور هئي پر اڄ ته ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته اسان جي سنڌ اڄ جهنم جو مثل ڏيکارجي ٿي۔
    پر عارضي ۽ خيالي جنت جي تشبيه حقيقي جنت سان نه ٿي ڏئي سگهجي، ڪجهه به ٿي پوي پر هي سنڌ به عارضي آهي، پاڻ ڪريم جن جي ارشاد جو مفهوم آهي ته انسان هن دنيا ۾ رهه گذر آهي جيئن ڪو شخص مسافر رستي ۾ ڪنهن وڻ هيٺان ويهي ڪجهه گهڙيون ساهي پٽي پر وري هن کي اڳتي هلڻو هجي، سو هي سنڌ ۽ هي ساري دنيا به ايئن ئي آهي، هت همڪيشه اسان کي ناهي رهڻو، اصل منزل اڳنان آهي، جنهن کي اسان شايد وساري ڇڏيو آهي۔
    قرآن شريف جي آيت به آهي انهن خلاف سخت وعيد آهي جيڪي الله ۽ رسول جي ڳالهين سان مذاق ۽ سخريو طنزيه انداز ۾ ڳالهائن ٿا انهن لاءِ سخت وعيد آئي آهي قرآن مجيد ۾۔
    هي منهنجو نقطئه نظر آهي، ٿي سگهي ٿو ڪجهه دوستن کي هي ڳالهيون ڪڙيون لڳن پر آهي ڪڙو سچ!![/justify]
     
  15. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: جنت الفردوس ۾ به سنڌين کي مار

    تصوير جا ٻه رخ آهن۔۔۔
    هڪ اهي ماڻهون جيڪي پنهنجي روزگار، گهر ۽ اولاد جي فڪر کي پاسي تي رکي صرف پنهنجي سک ۽ تفريح خاطر وقت ۽ زندگي وڃائي رهيا آهن۔۔۔ اهڙن ماڻهن کان جڏهن ان بابت سوال ڪيو ويندو ته انهن جا جواب به عجيب هوندا آهن خاص طور جڏهن هو ۔۔۔ جواب ۾ چوندا آهن ته مايوسي، بيروزگاري ۽ گهريلو مسئلن کي حل نه ڪري سگهڻ جي قوت هجڻ ڪري اٺ پکي جي منهن واري ۾ وجهڻ جي مثال وانگر اهڙن مسئلن کا ڀڄندي ڪجهه گهڙيون سڪون ۾ رهڻ لاءِ هو اهو عمل ڪندا آهن۔۔۔
    اهڙن ماڻهن ۾ فلمن کي ڏسي انهن مان ڪاٽو سبق سکڻ جو مادو وڌندو آهي ۽ هو معاشري کان باغي ٿيندي ننڍا ۽ پوءِ وڏا جرم ڪرڻ شروع ڪندا آهن۔۔۔ ۽ افسوس ته اهڙن ماڻهن جا شڪار به وري اهي سنڌي ئي ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي گهر جي مسئلن کي سلجهائڻ لاءِ محنت ڪندا رهندا آهن۔۔۔۔

    تصوير جي ٻئي رخ ۾ وري اهي هوٽل وارا آهن جيڪي سنڌي ماڻهن جي مسئلن کان ڀڄندڙ فطرت کان واقف ٿيندي انهن جي عارضي ذهني سڪون جو اهتمام ڏوڪڙن تي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن۔۔۔ اهڙن ماڻهن کي پنهنجي گهريلو حالات کي بهتر بڻائڻ ۾ يقينن سندن اهو روزگار ئي واحد وسيلو هوندو آهي۔۔۔ پنهنجي روزگار کي جاندار بنائڻ لاءِ هو پنهنجي هوٽل ۾ هر پرڪشش شي رکڻ جو اهتمام ڪندا آهن۔۔۔

    هاڻي سوال اهي آهن ته معاشري مان اهڙي برائي ختم ڪرڻ جي لاءِ آخر ڇا ڪجي۔۔۔؟
    ان برائي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ماڻهون وس وارا چئجن۔۔۔؟
    ماڻهن کي درست رغبت ڏيارڻ لاءِ ڪهڙا وسيلا ڪتب آڻجن۔۔۔؟
    هوٽل تي مستقل ويهڻ وارن کي ان عمل کان ڪيئن روڪجي۔۔۔ ؟
    ڇا اهو سڀ ڪجهه حڪومت جي ذميداري چئجي۔۔؟

    موضوع کي اصل رخ طرف موڙڻ لاءِ اميد ته منهنجي انهن سوالن جي جوابن ۾ به توهان جا رايا ايندا۔۔۔
     
  16. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جنت الفردوس ۾ به سنڌين کي مار

    ادا سائين هوٽلنگ ڪرڻ ڪو خراب عمل ناهي ۔۔۔ آمريڪا جا 99 فيصد ماڻهون هوٽلنگ ڪن ٿا ۔۔۔ ۽ هن وقت دنيا جي طاقتور قوم ۽ طاقتور ملڪ جي حيثيت سان سڃاتا وڃن ٿا ۔۔۔

    پر ڳالهه اها آهي ته گهر ۾ هجي رلهي به ڪون ۽ ماڻهو آڪڙيو وتي ۽ ضروري پئسا جيڪي اولاد ۽ گهر تي خرچ ڪرڻا هجن سي وقت وڃائڻ لا وڃي هوٽلن تي خرچ ڪجن، نه فقط فضول خرچي آهي پر هر طرح سان ناانصافي ۔۔۔ پر انسان آهي، هلندو رهي ٿو پاڻ کي ريجهائڻ جا جتن ڪندو رهي ٿو ۔۔۔

    قومن ۾ صحيح تعليم، شعور ۽ قومي جاڳرتا سان اهي خراب شيون به سٺيون ٿي پون ٿيون ۔۔۔ دنيا جون قومون هوٽل يا مهمانوازي واري عمل مان ايترو ڪمائن ٿيون جو پوري قوم جي بجيٽ حاصل ڪري وٺن ٿيون ۔۔۔

    پر اسان وٽ حالتون ڪجهه ٻي طرح جون آهن ۔۔۔ غريب غربو، ٻارن کي پائڻ لا جتي به نه هوندي اٿن پر هوٽل تي وڃي پاڻ ته وقت وڃائيندا آهن پر ٻين کي به چانهن پيئاري گد گد ٿيندا آهن ۔۔۔

    منهنجي سالي بدين واري پاسي ڊاڪٽرياڻي آهي، ان جي ڪلينڪ ۾ هڪ عورت پنهنجن ڪجهه مردن سان گڏ ويم ڪرڻ آئي ۔۔۔ ٻه ٽي ڏينهن کن کين لڳي ويا ۔۔۔ ڪلينڪ ۾ ؛

    منهنجي سالي ڳالهه ٿي ڪئي ته سندس مرد کي ڪاٽن جا ڪپڙا، نوان ٽوپ ۽ گولڊليف جا پاڪيٽ ۽ هوٽل تان چانهن ۽ ڪڪڙن جا ٻوڙ مهمانن کي گهرائي کارائڻ ۾ مشغول ڏٺو ۔۔۔ جڏهن ويم ٿي ويو ۽ ڊاڪٽر جو خرچ پيش ٿيو ته همراه چيو ؛ امڙ ڊاڪٽرياڻي اسين غريب ماڻهون آهيون، ايترو بل ڪٿان ڏينداسون ۔۔۔؟؟؟ رعايت ڪر ۔۔۔

    بعد ۾ ويم ڪرائڻ واري مائي ڊاڪٽرياڻي کي ٻڌايو ته آ پنهنجون 4 ٻڪريون صرف ويم لا کپايون هيون ۽ پنهنجي مڙس کي پئسا ڏنا ته ويم تي خرچ ڪري پر هن اهي سڀ پئسا چانهن، ڪڪڙ جي ٻوڙ ۽ سگريٽن تي خرچ ڪري ڇڏيا آهن ۔۔۔

    هاڻ اوهان پاڻ ٻڌايو ته حالتون ڪهڙيون آهن ۔۔؟

    سو ادا جادوگر بس قومي جهالت جي ڳالهه ئي نه پڇو انڌ لڳو پيو آهي ۔۔۔ الله پناه ڏي ۔۔۔
     
  17. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: جنت الفردوس ۾ به سنڌين کي مار

    سائين نثار جو احوال به هن اهم موضوع تي روشني وجهڻ لاءِ ڪافي آهي۔۔۔ پر سوال وري به پنهنجي جاءِ تي موجود آهن۔۔۔۔ آخر حل ڇا آهي۔۔۔؟
     
  18. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: جنت الفردوس ۾ به سنڌين کي مار

    هر مسئلي جو حل ئي ته ڏکيو ڪم آهي اهي مذڪور مسئلا ناسور جيئان اسان جي فطرت ۾ سمائجي ويا آهن ناسور ڪپڻ کان سواء ختم نه ٿيندو آهي اهڙي طرح اهي فطرتون سختي کان سواء ختم نه ٿينديون ٿڌيون مٺيون ڳالهيون انهن تي اثر انداز نه ٿيون ٿين وڏي ڳالهه اها آهي ته سمجهي سڀڪو ٿو اقرار به ڪري ٿو ليڪن ان کي ڇڏڻ لاء تيار نه آهي اڄ مدرسي ويندي هڪ سهڻو نوجوان منهنجي اڳيان هلي رهيو هو اچانڪ اهلجي ڀت جي سهاري تي بيهي رهيو مون سمجهيو ته ويچاري کي ڪنهن تڪليف جي ڪري چڪر اچي ويو آهي ان کي سهاري ڏيڻ جي ڪوشش ڪيم ليڪن ان هٿ ڇڏائي اڳتي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آخر ٿورو اڳتي هلي ڪري پيو مون پڇيو ته ڪير آهي هڪ ٿري جو موالي ڀرسان بيٺو هو ان غلط لفظ زبان مان ڪڍندي چيو ته ڇڏيوس ٿرو پي آيو آهي ڪافي ماڻهو گڏ ٿي ويا مقصد ته ان ٿري واري موالي کي به خبر آهي ته ان شيء جي استعمال ڪرڻ کان پوء اهڙي حالت ٿئي ٿي ليڪن پاڻ ته ڇڏڻ لاء تيار نه آهي باقي ٻئي کي برو چوڻ لاء تيار آهي .

    اهڙوئي قصو هر برائي جو آهي سوال پنهنجي جاء ته برقرار آهي ته ٻلي جي ڳچيء ۾ گهنگهرو ڪير ٻڌي جواب ساڳيو مجهول آهي ته ڪو اهڙو نظام اچي جيڪو انهن براين جي پاڙ پٽڻ لاء سختي ڪري ته ممڪن ٿي سگهي ٿو اهو نظام ڪيئن ايندو جواب ۾ انڌيرو نظر اچي ٿو سڀڪو هڪ ٻئي ته هڻڻ جي ڪوشش ڪندو ڇا اسان سنڌ سلامت جا ساٿي انلاء ڪو عملي قدم کڻي سگهون ٿا انلاء دوستن کي عرض آهي ته پنهنجي طرفان ڪو مثبت جواب هجي ته تحرير ڪن.
     
  19. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جنت الفردوس ۾ به سنڌين کي مار

    ادا عبدالرشيد سمون صاحب توهان جيڪي ڳالهيون لکيون آهن انهن مان ڪجهه ڳالهين تي توهان سان اتفاق به ڪري سگهجي ٿو ڪنهن حد تائين۔۔ ۔۔۔۔ ادا توهان لکيو آهي ته ۔۔۔ ( هڪ اهي ماڻهون جيڪي پنهنجي روزگار، گهر ۽ اولاد جي فڪر کي پاسي تي رکي صرف پنهنجي سک ۽ تفريح خاطر وقت ۽ زندگي وڃائي رهيا آهن۔۔۔ اهڙن ماڻهن کان جڏهن ان بابت سوال ڪيو ويندو ته انهن جا جواب به عجيب هوندا آهن خاص طور جڏهن هو ۔۔۔ جواب ۾ چوندا آهن ته مايوسي، بيروزگاري ۽ گهريلو مسئلن کي حل نه ڪري سگهڻ جي قوت هجڻ ڪري اٺ پکي جي منهن واري ۾ وجهڻ جي مثال وانگر اهڙن مسئلن کا ڀڄندي ڪجهه گهڙيون سڪون ۾ رهڻ لاءِ هو اهو عمل ڪندا آهن۔۔۔) ادا اهيا به حقيقت آهي ته اسان جي ملڪ ۾ بيروزگاري تمام گهڻي آهي، ۽ ان ڳالهه کان ته انڪار ڪونهي، مگر ادا اسان جا ماڻهون به ته ذهن ۾ رڳو اهيو رکيو ويٺا آهن ته اسان کي صرف سرڪاري نوڪري گهرجي ۽ اها به اهڙي هجي جنهن ۾ ٻئي ڪمائي ( رشوت، حرام جو پيئسو ) جام هجي ورنه ٻيو ڪو ڪم ڪار محنت مزدوري نه ڪنداسين، نه ڪو فروٽ جو گاڏولڳائي ۽ ان کي هلائينداسين نه وري ڪو ٻيو ڌنڌو ڌاڙي ڪنداسين، جڏهن ته اهيو ساڳيوئي ڌنڌو اسان جا ڪافي سنڌي ڪري رهيا آهن مگر اهڙو محنت مزدوري وارو ڪم مڙئي اسان سنڌين کان گهٽ ٿو پڄي، ادا ٻيو عرض اهيو ته پرائيويٽ سيڪٽر ۾ به نوڪريون جام آهن ۽ انهن ۾ به نوڪري ملڻ آسان ته ڪونهي مگر ادا جڏهن انهي پرائيويٽ اداري ۾ به اسان جي سنڌين کي نوڪريون ملن ٿيون ته اتي به وڏا نخرا ٿا ڪن، ته اسان هي ڪو نه ڪنداسين، ته هو ڪو نه ڪنداسين، ڀاءُ مان ڪي اهي ڳالهيون ٻڌل ڪو نه ٿو ڪريان، اهي منهنجا پنهنجا تجربه آهن ادا مون هت ڪافي دوستن کي پرائيويٽ نوڪرين ۾ لڳرايو آهي جنهن مان الحمدالله ڪجهه دوست ته نوڪريون ڪري رهيا آهن مگر ڪجهه دوست ته اهيو چئي ڪري پوئتي رخ ڪيائون ته اسان گهر کان پري رهي ڪري اهيا نوڪري ڪو نه ڪنداسين، ۽ نوڪريون ڇڏي ڪري هليا ويا آهن۔۔۔۔ ادا جڏهن ته اهو ساڳيو ڪم ٻيون قومون هت ڪن ٿيون پيون، ڇا اهو ساڳو ڪم پٺاڻ به ٿا ڪن نه۔۔ ڇا انهن کي مايوسي ڪانهي، ڇا انهن لاء پريشاني ڪانهي، ادا انهن جي علائقن ۾ ته جنگ وارو ماحول آهي ۽ انهن جا قريبي ماڻهون ڪيترائي روز ٿا مرن، مگر انهن ته ڪڏهن پنهنجووقت سڪون ۾ رهڻ لاءِ اهو عمل ڪري هوٽلن تي پنهنجو قيمتي وقت ناهي وڃايو، بلڪ هوٽلون کولي ڪري هتان سنڌ مان لکين رپيا ڪمائي ٿا وڃن۔۔۔۔۔ ادا اسان جو ماڻهون هوٽل تي ويهي ڪري روزانه 50 رپين جا سگريٽ ته ساڙي ڇڏيندو آهي مگر انهيء ساڳي شخص وٽ پنهنجي پٽ جي لاء ڪتابن لاء يا ان جي سٺي بهتر تعليم لاء پيئسا ڪونهن هوندا، ان کي اسان ڇا چئون۔ مجبوري يا بي رحمي يا بيغرتي ادا توهان جو ٻيو سوال آهي ته ۔۔۔ ( هاڻي سوال اهي آهن ته معاشري مان اهڙي برائي ختم ڪرڻ جي لاءِ آخر ڇا ڪجي۔۔۔؟۔۔۔ ) ادا مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته هندستان جو عظيم ليڊر گانڌي صاحب هندستان جي ننڍن ٻارن کي به اهيو سبق ڏنو هو ته توهان جڏهن ڪنهن انگريز سان هٿ ملايو ته ان سان هٿ ملائيندي انهن کي اهيو چئو ته اسان جو وطن ڇڏي وڃون۔ تاڪه جيئن اهيا ڳالهه عام ٿئي، ۽ هر ڪنهن وٽ پهچي۔۔ ۔۔ سو ادا بهتري لاء ڪوشش ۽ جدو جهد ته ڪرڻي پوندي پوء ڇو نه هڪ ماڻهون کان شروعات ڪجي، ۔۔۔ ادا اسان سڀ ڪوشش ڪريون ته پنهنجي آس پاس رهندڙ اهڙن ماڻهن سان ملون ۽ انهن کي دوستي واري ماحول م ڪچهري ڪچهري ۾ سمجهائڻ شروع ڪريون ۽ اهيو ٻج پوکجي انشاء الله اهيو ٻج رنگ لائيندو،،، مگر ادا اسان کي واڪا ڪرڻ به نه ڇڏڻ گهرجن۔۔ ۽ انهن پنهنجن ماڻهن کي به نه ڇڏڻ گهرجي ۔۔۔ ادا ڪهڙا به آهن پر آهن ته پنهنجا نه۔۔۔ بقول شاهه صاحب ته جيها جي تيها مون مارو مڃيا۔ادا باقي مان ته اهيو به چوندس ته اهيا ذميواري اسان جي سنڌي حڪمرانن جي به آهي ته ان حوالي سان سوچي ڪري ڪو قدم کڻن ۽ پنهنجي هن سنڌي قوم کي سنڌي ٻولي جي ڳالهائيندڙن کي تباهي کان بچائين۔۔ ۔۔۔ ادا هت ڪراچي ۾ متحده وارن پنهنجن ڪيترن ئي ماڻهن کي مختلف نون ڊپارٽمنٽن ۾ نوڪريون ڏنيون آهن جنهن جي توهان کي به خبر آهي، ڇا اسان جا سنڌ جا چونڊيل سنڌي نمائدا ائين نه ٿا ڪري سگهن، ۔۔۔ ادا بس انهن کي ته صرف پنهنجا اڪائونٽ ئي ڀرڻا آهن انهن ته ڪڏهن هن سنڌي قوم لاء سوچيو به نه آهي، جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي۔۔۔
     
  20. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: جنت الفردوس ۾ به سنڌين کي مار

    دوستن جي راين مان خبر پئي ته اسان جي ان ماحول هجڻ جا ڪئي ڪارڻ آهن۔۔۔ جنهن جي حل لاءِ ذريعي ڪنهن عام انسان وٽ ايترا نه آهن جيترا حڪومتِ وقت وٽ ان ڪري اسان کي گهرجي ته حڪومتي ايوانن ۾ ويٺل انهن ماڻهن کي جيڪي اسان جي ووٽن سان ان عهدي تي آهن کي هر ڪنهن پليٽ فارم تان ان طرف توجهه ڏيارڻ جي ڪوشش ڪريون۔۔۔ پر هر دفعي صرف حڪومت جي ذميداري سمجهي خاموش نه ويهون پر پنهنجي ماحول ۾ اهڙين براين کي ختم ڪرڻ لاءِ بيروزگار نوجوانن کي ترغيب ڏيون ته هُو ڪنهن ڌنڌي سان لڳي ئي عزت ڪمائي سگهن ٿا نه ڪي ڏاڍ ۽ ڪُڌن ڪرتوتن سان ۔۔۔
    مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو