جبار بوزدار
سينيئر رڪن
غزل
جبار بوزدار
جبار بوزدار
نه پيار مليو نه يار مليو اجاڙ جيون اجاڙ رستا
نه غم ئي گهٽيا نه دار مليو اجاڙ جيون اجاڙ رستا
ــ
نه ڪنهن جي نيڻ نهار ٿيا سين نه ڪنهن ڳَلي جا ئي هار ٿيا سين
نه چنڊ جهڙو نکار مليو اجاڙ جيون اجاڙ رستا
ــ
ڪٿي گلابن ۾ مرڪيوسين رڳو عذابن ۾ تڙپيوسين
نه ئي خوشي جو بهار مليو اجاڙ جيون اجاڙ رستا
ــ
نه ڪو نياپو نه ڪانوَ مليو نه ئي کلڻ جو ڪو ڏانوَ مليو
نه چين مليو قرار مليو اجاڙ جيون اجاڙ رستا
ــ
نه تُنهنجو ٿيا سين نه جڳ جو ٿيا سين رُڳو رُلياسين رڳو رلياسين
نه تون نه ڪو جبار مليو اجاڙ جيون اجاڙ رستا