غزل

فياض منصور

سينيئر رڪن
عمر ساري خمار ۾ گذري،
عشق اهڙي شراب وانگر آ

زندگي بهر نه جو سگهي سمجهي،
زندگي اُُن ڪتاب وانگر آ

آءُ تصوير ٿي اچان مونتي،
هار ٿي تون گلاب وانگر آ

ڪجه نه ٿو زندگي چوان توکي،
هر گهڙي ڏِسُ عزاب وانگر آ

شاعري فياض منصور
 
Back
Top