TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
جواب: پاڪستان لاءِ انڊين هندن جي سوچ!!!
جانِ من مون ايتري گذارش ڪئي آهي ته پنهنجي پياري ملڪ پاڪستان خلاف نه ڳالهايو، يا وري اهو رول پنهنجي فورم تان ڪڍي ڇڏيو!!
سنڌ امڙ سان محبت جي اظهار جي مڪمل آزادي آهي۔۔۔۔ پر ملڪ پاڪستان خلاف مواد نه موڪليو وڃي۔۔۔
http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=2621
محترم طاهر سنڌي ۽ افتخار چوهاڻ لاءِ جواب ته گهڻي ئي آهن پر ممڪن دوستن جي طبيعت مونکان وڌيڪ خراب ٿي وڃي انڪري آءُ ماٺ آهيان ۔۔۔ باقي ته اوهان ٻئي الائجي ڇو جذباتي ٿي ٿا وڃو ۔۔۔؟؟؟ سمجهه کان ٻاهر آهي ۔۔۔
منهنجي ليک ۾ ڪا اهڙي ڳالهه جيڪا حقيقت ناهي اها ثابت ڪريو ته آءُ ڏوهه جو ڏوهاري باقي ۔۔۔ جيڪڏهن آئيني ڏسندي ڪنهنکي پنهنجي ئي چهري کان ڀئو وٺي ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوه ۔۔۔ اوهان وٽ نه ته حقيقتن جا جواب آهن ۽ نه وري انکان ڪنڌ ڪڍائي سگهو ٿا ۔۔۔ ها مون جيئان اوهان ڪيترن کي خاموش ڪندا يا ڪرائيندا ۔۔۔۔
الله جي واسطي اکيون کوليون ۔۔۔ ڪجهه ڏسڻ جي ڪيو ۔۔۔ صرف پنهنجي مقصد جي ڳالهه ٻڌڻ کي سگهه ناهي چئبو حقيقتن کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ کي اصل سگهه چئجي ٿو ۔۔۔
اوهين سنڌ سلامت جا دوست آهيون، سنڌي آهيون آءُ اوهانجي عزت ڪريانٿو ۔۔۔ جيڪڏهن اوهان چاهيندا ته آءُ هن اوطاق تان هليو ويندس بجاءِ جو اوهانکي ڪو صدمو پهچي ۔۔۔
باقي اوهين جيڪڏهن اهو چاهيو ٿا ته آءُ سچ چوڻ ڇڏي ڏيان ته اوهانجي مرضي ۽ خواهش آهي ۔۔۔ سچ ڳالهائڻ کان نه پوئتي هٽيا آهيون نه هٽنداسون ۔۔۔
سچ چوندي ڪپڙو ڦاٽي ته ڦاٽڻ ڏجي ۔۔۔ سچ چوندي يار رسي ته رسڻ ڏجي ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر عرض آهي ته سچ کان اکيون نه چورايون ۔۔۔
الله تعالا اوهاکي سڌي راهه ڏيکاري ۔۔۔ آمين