• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

۽ هاڻ لبيا ۾ پڻ

نثارابڙو

نائب منتظم
عوامي جاڳرتا ۽ قومي جاڳرتا جا ڏينهن اچي ويا آهن، عرب ملڪن ۾ مطلق العنان حڪمرانن خلاف عوام جي جاڳرتا شروع ٿي چڪي آهي

۽ هاڻ لبيا ۾ پڻ عوامي ويڙهه شروع آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي قيمتون جانيون ضايع ٿيون آهن ۔۔۔ ڏسجي ته تاج ڪيئن ٿا ڊهن ۽ عوام ڪيئن ٿو ڪامياب ٿيئ ٿو ۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=5WtSpi-scxA
 
جواب: ۽ هاڻ لبيا ۾ پڻ

پر ادا اهو به سوچيو ته اهي انقلاب صرف مڊل ايسٽ جي ملڪن ۾ ڇو پيا اچن؟؟؟؟
 
جواب: ۽ هاڻ لبيا ۾ پڻ

پر ادا اهو به سوچيو ته اهي انقلاب صرف مڊل ايسٽ جي ملڪن ۾ ڇو پيا اچن؟؟؟؟

ادا اصل مقصد ڇا آهي، اها ته سڀ کي خبر آهي، يهودي خيبر ورڻ چاهن ٿا جيڪو ناممڪن آهي، الله کين غارت ڪري۔۔۔ قرب قيامت جي نشانين مان به ٿي سگهي ٿو ته هي هڪ ظاهر ظهور نشاني هجي۔۔​
 
جواب: ۽ هاڻ لبيا ۾ پڻ

اسين ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا دماغ سن ڪري ويهندا آهيون ۽ پٺ ورائي پنهنجين غلطين کي نه ڏسندا آهيون، ۽ پنهنجي چوڌاري ٿيندڙ تبديلين کي يهود ۽ نصارا جي سازش سمجهندا آهيون ۔۔۔

ياد رکو! ته مطلق العنان حڪمران ۽ ظلم جا پوڄاري هميشه مذهب کي پنهنجي ڍال بڻائي انهن جي خلاف هلندڙ هلچل کي دٻائڻ لا مندر، ڪليسا ۽ مسجد کي استعمال ڪندا آهن ۔۔۔ ان شئي کان اسانکي خبردار رهڻ گهرجي ۔۔۔

يهود ۽ نصارا بحرين جي خلاف سازش ڇو ڪندا، انجو ڪو خاص سبب؟

ڇا بٍحرين جا حڪمران اسلامي شرعي قانونن جا پاسدار آهن ۔۔؟
ڇا بحرين جا حڪران آمريڪن لابي ۾ شامل ناهن؟
ڇا بحرين ۾ نائيٽ ڪلبون، شرابخانه يا جوا خانه بند ڪيا ويا آهن؟

نه انهن مان ڪا به ڳالهه ناهي ته پو يهود ۽ نصارا پنهنجن دوستن جي خلاف ڇو ٿيندا؟

ها حڪمران جڏهن پاڻ کي مطلق العنان ۽ ملڪ جا والي وارث ٿي ويندا آهن ته انهن خلاف خدائي قهر اچڻ شروع ٿيندو آهي ۽ عوامي سگهون متحرڪ ٿينديون آهن ۔۔۔ اڳ پيغمبرن جي صورت ۾ ائين ٿيندو هو ۽ هاڻ نئين دنيا ۾ سياسي طور ٿئي پيو ۔۔۔

اڄ جي تازي خبر ته بحرين جي بادشاه، مخالف جماعت سان ڳالهين ڪرڻ لا پنهنجا گوڏا کوڙيا آهن ۔۔۔ سرڻ جي وات مان ڪانوَ جو ٻچڙو ڪرڻ وارو آهي ۔۔۔
 
جواب: ۽ هاڻ لبيا ۾ پڻ

مڊل ايسٽ ۽ عرب ملڪن جا ماڻهو هاڻي ڊگهي شخصي حڪومتن جي خلاف سراپا احتجاج آهن۔ ماڻهن کي جڏهن سماجي ۽ سياسي آزاديون نه هجن ته اهڙا طوفان اٿي سگهن ٿا۔ هاڻي سعودي عريبيه وارن کي به پريشاني ضرور آهي ته ڪٿي شخصي ۽ خانداني حڪومتن جي خلاف اٿيل هي طوفان انهن تائين به نه پهچي وڃي۔
 
جواب: ۽ هاڻ لبيا ۾ پڻ

ڳالهه صرف ليبيا جي ڪجي ته هتان جو حڪمران ڪرنل قذافي آمريڪا مخالف رهيو آهي۔۔۔ ايتري تائين جو اقوامِ متحده جي سالياني اجلاس ۾ به هي واحد حڪمران هو جنهن آمريڪا تي کليل ۽ سخت تنقيد ڪئي هئي۔۔۔ پر لڳي ٿو ليبيائي عوام سندس ڊگهي اقتدار کان تنگ ٿي پيو آهي۔۔۔
 
جواب: ۽ هاڻ لبيا ۾ پڻ

ڳالهه صرف ليبيا جي ڪجي ته هتان جو حڪمران ڪرنل قذافي آمريڪا مخالف رهيو آهي۔۔۔ ايتري تائين جو اقوامِ متحده جي سالياني اجلاس ۾ به هي واحد حڪمران هو جنهن آمريڪا تي کليل ۽ سخت تنقيد ڪئي هئي۔۔۔ پر لڳي ٿو ليبيائي عوام سندس ڊگهي اقتدار کان تنگ ٿي پيو آهي۔۔۔

جڏهن حڪمران الله جي ڏسيل واٽ کي ڇڏي عوام ۽ انهن جي حقن سان پنهنجي من ماني ڪري ويهن ۽ بي فڪر ٿي سوچڻ لڳن ته انهن جي ڪرسي کي هاڻ ڪير به لوڏي نه ٿو سگهي ان وقت الله جي لٺ حرڪت ۾ ايندي آهي۔​
 
جواب: ۽ هاڻ لبيا ۾ پڻ

منهنجي نظر ۾ هي آمريڪا جي طرفان هٿ ٺوڪيل انقلاب آهي​
 
جواب: ۽ هاڻ لبيا ۾ پڻ

ان موضوع تي اڪثر دوستن پنهنجا جيڪي رايا ڏنا آهن اهي درست آهن۔ ڊگهي اقتدار سبب ماڻهن کي ٻوسٽ ۽ گهُٽ واري ماحول ۾ رکڻ سان اهڙا ئي نتيجا نڪرندا آهن۔ سياسي ، سماجي ۽ جمهوري حق کسڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي ؟؟

سوچڻ جي ڳاله اها آهي ته آمريڪا پنهنجي دوست ملڪن خلاف اهو سڀ ڪيئن ۽ ڇا لاء ڪندو ؟؟؟
 
Back
Top