نثارابڙو
نائب منتظم
ڀيڻ بينظير جي نظم مان ورتل دعائي جملا ...
دوستو، ادي نثار ناز، ڪالهه حڪم ڪيو ته آءُ ڀيڻ بينظير جي ان دعا کي سنڌي ويس پارايان ... مونکي خبر آهي ته دوستن جي انگريزي مونکان بهتر آهي پر تنهن هوندي به آءُ حڪم ٽاري نه سگهيس ۽ هن دعا کي پنهنجي حال آهر ترجمو ڪيو اٿم ... هڪ وضاحت ڪندو هلان ته ڪنهن جا به خيال ۽ اهي وري ڪنهن اهڙي ٻوليءَ ۾ جا مادري نه هجي ته انهن جو اصل روح سان ترجمو ڪرڻ ناممڪن هوندو آهي ... ها ڪجهه ويجهڙائي تائين پهچي سگهجي ٿو .... سو دوستو ممڪن هجي ته ڪٿي غلطي ٿي هجي ته سڌارو ڪجو ...
نثار ابڙو
مڪو پاڪ
13/07/2009
________________________________________
دل جي ڌڙڪن کان به ويجهو آهيان گهر پنهنجي کي
حيرت اٿم؛
آزاد ڪڏهن ٿيندس
لاڙڪاڻي وڃڻ لئه
مٽيءَ سان مٽي ٿيڻ
پيارن ڏانهن موٽڻ
ان پاسي وڃان اصل اٿم جنهن سان
جيتوڻيڪ ظالمن کي پرواه ناهي ڪا
منهنجي مٿي ۾ چمڪندڙ اڇي چانديءَ جي
لٽيل ۽ بکايل ماڻهن لئه
جت مٺڙي ڌرتي ٺوٺ ٿيندي پئي وڃي
جت مارون ابر لئه ٻاڏائن پيا
جت فصل سڪن پيا
جت جانور مرن پيا
جت چلهن جي باه ٿڌي پئي ٿئي
۽ مزورن کي گهر ويهاريو پيو وڃي
هڪ ڏينهن ظالم ويندا
عوامي خيال آزاد ٿيندا
رستن تي جمالا هوندا
گيت ۽ سنگيت هوندا
ٽهڪن جا پڙاڏا هوندا
مارون منزل تي پهچندا
او پيارا، لاڙڪاڻه، ياد آهن
اها گلن جي سرهاڻ
وارياسي تي سارنگ ورکا
قدرت هٿان ڌوتل وڻ ٽڻ
وڏي پيار سان جهلي ورتي آهي مون
مارئي جي اها ورثي واري پوتي
نشاني آهي اسانجي ثقافتي خزاني جي
مارئيءَ کان ئي ته سکي آهيان
صوفين ۽ فقيرن کان
پنهنجي ڀاءُ شاه کان سکي آهيان
سهڻي نوجوان جنهن پڻ ٻي ظالم سان ويڙه وڙهي هئي
پنهنجن آخري پساهن تائين ...
پنهنجي پياري ڌرتيءَ کان ڏور
قيد ڪري نٿو سگهي مونکي منهنجو سرير
شاه موٽيو اصل کي جڏهن سندس روح ٿيو پرواز
سندس سرير پيو ڀاڪرين پنهنجي مٽيءَ جي
(نوٽ؛ هت ”شاه“ جي مراد شاهنواز ڀٽو آهي، جنهنکي بينظير پنهنجي نظم ۾ ياد ڪيو آهي)
مون پنهنجا ٻئي هٿ مٿي کنيا آهن
پنهنجن ٻارن کي به چيو آهي
پنهنجا پتڪڙا هٿ مٿي کڻو
” مارئي، مارن جي ۽ ملير جي
وقت جي انڌياري ڪوهيڙي ۾
پنهنجا هٿ مٿي ڪيا آهن
جڏهن دنيا گهري ننڊ ۾ آهي
سهڻي رب آڏو
پوري اميد سان
دعا گهري ٿي ته
مارئي پنهنجي ديس کي ڏسي
جيئن گهڙيءَ جو ڪانٽو لڏندو
ٿر جون هوائون صدا ڏينديون
مارئي رڙيون ڪندي
ازلي ۽ اڻکٽ رڙ
هڪ اهڙي رڙ
جا ٿر جي هوائن تي سوار هوندي ..
ٻارو! ٻڌو ٿر جي هوائن کي
هوا جي صدائن کي
ايمان رکو
فتح پنهنجي ٿيندي ضرور