ورلڊ ڪپ 2011ع، تاريخ جي روشنيءَ ۾

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ورلڊ ڪپ 2011ع، تاريخ جي روشنيءَ ۾

    رياض الدين​


    [​IMG]

    [JUSTIFY]اڄ 19 فيبروري جو ڏينهن يعني ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي ٽورنامينٽ ورلڊ ڪپ جي شروعات جو ڏينهن ۽ ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ ميلي جو ڏينهن آهي. سال 2011ع جي هن ورلڊ ڪپ کي هندستان، سريلنڪا ۽ بنگلاديش گڏيل طور تي آرگنائيز ڪري رهيا آهن. هن ورلڊ ڪپ جي افتتاحي تقريب ٽيون ڏينهن ڍاڪا جي بندهو اسٽيڊيم ۾ ٿي چُڪي آهي. ورلڊ ڪپ جو پهريون ميچ اڄ هندستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ڍاڪا ۾ کيڏيو پيو وڃي، هن ورلڊ ڪپ جا سيمي فائنل سريلنڪا جي شهر ڪولمبو ۽ هندستان جي شهر موهالي ۾ ترتيبوار 29 ۽ 30 مارچ تي کيڏيا ويندا ۽ فائنل هندستان جي شهر ممبئي ۾ 2 اپريل تي کيڏيو ويندو.

    آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2011ع ۾ شامل ٿيل 14 ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اَي ۾ پاڪستان، آسٽريليا، سريلنڪا، نيوزيلينڊ، زمبابوي، ڪئنيڊا ۽ ڪينيا جون ٽيمون شامل آهن، جڏهن ته گروپ بي ۾ سائوٿ آفريقا، هندستان، انگلينڊ، ويسٽ انڊيز، بنگلاديش، آئرلينڊ ۽ هالينڊ جون ٽيمون شامل آهن. هن ميگا ايوينٽ ۾ آسٽريلين ٽيم پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندي.

    آسٽريليا جي ٽيم کي 9 ڀيرا ٿيل ورلڊ ڪپ مان هيل تائين سڀ کان گهڻا ڀيرا يعني 4 ڀيرا ورلڊ ڪپ جي چئمپين بڻجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي، ٻين ٽيمن مان ويسٽ انڊيز کي ٻه ڀيرا اهو ٽائيٽل کٽڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي، جڏهن ته هندستان، پاڪستان ۽ سريلنڪا کي هڪ هڪ ڀيرو ورلڊ چئمپين بڻجڻ جو اعزاز حاصل ٿي چُڪو آهي. ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ڪپتانن ۾ ويسٽ انڊيز جو ڪلائيو لائيڊ، آسٽريليا جا ايلين بارڊر، مارڪ اسٽيوا ۽ رڪي پونٽنگ، جڏهن ته پاڪستان جو عمران خان، هندستان جو ڪپيل ديو ۽ سريلنڪا جو ارجنا رانا ٽنگا شامل آهن.
    انگلينڊ جتان ورلڊ ڪپ جي شروعات ٿي ۽ پهريان ٽي ورلڊ ڪپ 1975، 1979 ۽ 1983 وارا جيڪي انگلينڊ ۾ ٿيا تن مان هڪ ڀيرو به انگلينڊ ورلڊ ڪپ نه کٽي سگهي. پهرين کيڏيل ٽن ورلڊ ڪپن ۾ اوورن جي تعداد 60 هوندي هئي پر جڏهن 1987ع ۾ پاڪستان ۽ هندستان طرفان گڏيل طور ورلڊ ڪپ ڪرايو ويو ته ايشيائي وڪيٽن کي ڏسندي اوورن جي تعداد 60 مان گهٽائي 50 ڪئي وئي، جيڪا پوءِ ٿيندڙ ورلڊ ڪپن ۾ به برقرار رکي وئي. هن وقت تائين کيڏيل ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچن مان سڀ کان وڏو اسڪور آسٽريليا ڪيو آهي، آسٽريليا 2003ع جي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف 359 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته فائنل ميچ ۾ سڀ کان گهٽ اسڪور ڪندڙ ٽيم پاڪستان آهي، جنهن 1999ع واري ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ آسٽريليا خلاف 132 رنسون ٺاهيون.

    1975ع ۾ انگلينڊ ۾ ٿيل پهرين ورلڊ ڪپ جو فائنل لارڊز جي تاريخي گرائونڊ تي کيڏيو ويو، ويسٽ انڊيز پهريون بيٽنگ ڪندي مقرر 60 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 291 رنسون ڪيون، جواب ۾ آسٽريليا جي ٽيم 274 رنسون ٺاهي سگهي، ائين ويسٽ انڊيز پهريون ورلڊ ڪپ 17 رنسن کان کٽي ورتو. 1979ع ۾ انگلينڊ ۾ ٿيل ٻئي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ هيل ويسٽ انڊيز سان انگلينڊ جو مقابلو هو، ويسٽ انڊيز 60 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 286 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ ميزبان انگلينڊ جي ٽيم 194 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ائين ويسٽ انڊيز لاڳيتو ٻيو ڀيرو ورلڊ چئمپين بڻي.

    [​IMG]

    [​IMG]

    1983ع ۾ پڻ انگلينڊ ۾ کيڏيل ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم پهتي ۽ هيل ان جو مقابلو هندستان سان هو. هندستان ٽيم پهريون بيٽنگ ڪندي 54.4 اوورن ۾ صرف 183 رنسون ٺاهي سگهي، بظاهر ويسٽ انڊيز لاءِ آسان ميچ هو، پر هندستان ٽيم حيرت انگيز طور تي اپ سيٽ ڪيو ۽ ويسٽ انڊيز جهڙي چئمپين ٽيم کي صرف 140 رنسن تي آئوٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ائين هندستاني ٽيم ويسٽ انڊيز کي 43 رنسن تان هارائي ٽئين ورلڊ ڪپ جي چئمپين بڻجي وئي ۽ ويسٽ انڊيز کي ورلڊ ڪپ کٽڻ جي هيٽ ٽرڪ کان محروم ڪري ڇڏيو.

    [​IMG]

    1987ع ۾ چوٿون ورلڊ ڪپ پهريون ڀيرو انگلينڊ کان ٻاهر ايشيا جي سر زمين تي کيڏيو ويو، پاڪستان ۽ هندستان جي ميزباني هيٺ کيڏيل هن ورلڊ ڪپ جو فائنل آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٿيو. 50 اوورن جي ان ميچ ۾ آسٽريليا پهريون بيٽنگ ڪندي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 253 رنسون اسڪور ڪيون. جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 246 رنسون ٺاهيون. ائين آسٽريليا جي ٽيم 7 رنسن کان انگلينڊ کي هارائي ورلڊ چئمپين بڻجڻ جو اعزاز ماڻيو.

    [​IMG]

    1992ع ۾ کيڏيل پنجين ورلڊ ڪپ جي ميزباني جو اعزاز آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ کي حاصل ٿيو. ميلبورن گرائونڊ تي کيڏيل فائنل ۾ هيل پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيو. عمران خان جي ڪپتاني ۾ پاڪستاني ٽيم پهريون بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 250 رنسون ٺاهي سگهي، پر جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم 49.2 اوورن ۾ 227 رنسن تائين پهچي سگهي، ائين پاڪستاني ٽيم کي به ورلڊ چئمپين بڻجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو.

    [​IMG]

    1996ع جو ڇهون ورلڊ ڪپ وري ايشيا ۾ ٿيو، پاڪستان، هندستان ۽ سريلنڪا جي ميزباني ۾ ٿيل هن ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ سريلنڪا ۽ آسٽريليا جو مقابلو ٿيو. قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ٿيل فائنل ميچ ۾ آسٽريلين ٽيم پهريون بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 241 رنسون ڪيون. جواب ۾ سريلنڪا جي ٽيم 46.2 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي اهو ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو ۽ 7 وڪيٽن کان آسٽريليا کي شڪست ڏئي اهو ورلڊ ڪپ کٽي ورتو.

    [​IMG]
    1999ع ۾ کيڏيل ستون ورلڊ ڪپ انگلينڊ، ويلز، آئر لينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ جي ميزباني ۾ ٿيو ۽ لارڊز اسٽيڊيم ۾ فائنل کيڏيو ويو. فائنل ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيو، پاڪستاني ٽيم پهريون بيٽنگ ڪندي غير متوقع طور تي صرف 132 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. جواب ۾ مضبوط آسٽريليا ٽيم 20.1 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي اهو ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو ۽ پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان بدترين شڪست ڏئي ڪري ٻيو ڀيرو ورلڊ ڪپ کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.

    [​IMG]

    سال 2003ع ۾ اٺون ورلڊ ڪپ گڏيل طور ڏکڻ آفريقا، ڪينيا ۽ زمبابوي جي ميزباني هيٺ کيڏيو ويو، هن ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ آسٽريليا ۽ هندستان جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيو. جوهانسبرگ ۾ کيڏيل فائنل ۾ آسٽريلين ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 259 رنسون ڪيون، جواب ۾ هندستاني ٽيم 39.2 اوورن ۾ 234 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، ائين آسٽريلين ٽيم لاڳيتو ٻيو ۽ مجموعي طور تي ٽيون ڀيرو ورلڊ ڪپ کٽي وئي، جڏهن ته سال 2007ع جو نائون ورلڊ ڪپ پهريون ڀيرو ويسٽ انڊيز ۾ کيڏيو ويو. هن ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ آسٽريليا جي ٽيم فائنل ۾ پهتي سريلنڪا جي ٽيم کي هارائي ورلڊ ڪپ کٽڻ جي هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪئي. جڏهن ته مجموعي طور تي آسٽريليا چوٿون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي چئمپين بڻي.


    [​IMG]

    [​IMG]

    هاڻي ڏهون ورلڊ ڪپ وري ايشيا جي سر زمين تي هندستان، سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي ميزباني هيٺ ٿي رهيو آهي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا آسٽريليا پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪري سگهي ٿي يا نه، عام تاثر اهو آهي ته آسٽريليا جي ٽيم پوين ٽن ورلڊ ڪپ جي ڀيٽ ۾ هيل زوال پذير ٽيم آهي. ڪرڪيٽ جي مبصرن 2011 جي ورلڊ ڪپ لاءِ هندستان، انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا کي فيوريٽ قرار ڏنو آهي، جڏهن ته ميزبان جي حيثيت سان هندستان ۽ سريلنڪا کي هوم گرائونڊ ڪري اضافي ايڊوانٽيج ڏنو پيو وڃي
    [/JUSTIFY]

    روزانه عوامي آواز تان ورتل
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ورلڊ ڪپ 2011ع، تاريخ جي روشنيءَ ۾

    ادا سليمان بهترين معلومات آهي۔
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ورلڊ ڪپ 2011ع، تاريخ جي روشنيءَ ۾

    تمام بهترين ۽ معلوماتي ليک آندو آهي توهان خاص طور جڏهن ورلڊ ڪپ 2011 جي شروعات ٿي چڪي آهي۔۔۔
    توهان جي موضوع ۾ تصويرن جو اضافو ڪيو ويو آهي ته جيئن دوست معلومات سان گڏ ڪپ کٽنيندڙ ڪپتانن کي به ياد رکن۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ورلڊ ڪپ 2011ع، تاريخ جي روشنيءَ ۾

    مهرباني

    اوهان جي تصويرن ليک کي چار چند لڳائي ڇڏيا آهن۔ اوهان جو سنڌ سلامت سان گڏ ڪرڪيٽ لاء شوق به قابل ديد آهي۔ پاڪستان خوش قسمت جوانگلينڊ خلاف بارش سبب مليل هڪ پوائنٽ کيس سيمي فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو هو ۽ پوء ورلڊ ڪپ جو فاتح ڪپتان عمران خان ٿيو
     
  5. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ورلڊ ڪپ 2011ع، تاريخ جي روشنيءَ ۾

    بهترين سائين تمام سٺي ونڊ آهي
     
  6. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ورلڊ ڪپ 2011ع، تاريخ جي روشنيءَ ۾

    تمام سٺي ونڊ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو