سنڌو تي هلندڙ آگبوٽن جي دلچسپ ڪهاڻي!

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏19 فيبروري 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    [JUSTIFY]منوج ڪمار

    هڪڙي ڪافي دلچسپ خبر ڪالهوڪي ڪاوش ۾ آئي آهي. انهيءَ خبر مطابق ٺٽي ضلعي جي ملاڪاتيار لڳ ڳوٺ راڄو نظاماڻي وٽ درياءَ جي پيٽ ۾ انگريزن جي دور جو ڏيڍ سئو سالن کان به اڳ ٻڏي ويل آگبوٽ جو مٿيون حصو ظاهر ٿي ويو آهي. مقامي ماڻهن موجب هيءَ آگبوٽ انگريزن جي دور جي آهي. ان وقت جهرڪ شهر ۾ انگريزن جي فوجي ڇانوڻي هوندي هئي، انهي آگبوٽ ۾ ڪجهه گورا علائقي جو سير ڪري رهيا هئا ته اها راڄو نظاماڻي وٽ سنڌو درياءَ جي پيٽ ۾ پيل پٿرن سان ٽڪرائجي وئي هئي. اها خبر انهيءَ ڪري دلچسپ آهي جو انهي آگبوٽ جو تعلق سنڌ جي تاريخ جي هڪڙي اهڙي باب سان آهي جنهن تي ڪا گهڻي توجهه ڏني نه وئي آهي. اهو باب سنڌ جي انهيءَ دور سان شروع ٿئي ٿو، جڏهن انگريزن اڃا سنڌ فتح نه ڪئي هئي. انهيءَ دور ۾ انگريز سنڌو درياءَ جي حوالي سان ڪافي دلچسپي وٺي رهيا هئا. انهيءَ دلچسپي جو مکيه سبب هو ته انهن معلوم ڪرڻ پئي گهريو ته سنڌو کي واپاري ۽ فوجي مقصدن لاءِ ڪيئن استعمال ڪجي. انهيءَ لاءِ ميرن جي دور ۾ اليگزنڊر برنس کي سنڌ موڪليو ويو هو ته جيئن اهو لِڪ ۾ سنڌو درياءَ کي ڏسي، جائزو وٺي ۽ رپورٽ ڏي ته ڇا سنڌو درياءَ کي واپاري ۽ فوجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو؟ انگريزن انهيءَ لاءِ اِهو بهانو ڪيو ته اهي پنجاب جي حڪمران راجا رنجيت سنگهه کي ڪي بهترين نسل جا گهوڙا تحفي ۾ ڏيڻ چاهين ٿا ۽ اهي گهوڙا زميني رستي ويندا ته مري ويندا. انهيءَ لاءِ هُنن ميرن کان اها اجازت گهري ته کين درياءَ جي ذريعي اهي گهوڙا پنجاب کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. ميرن پهرين ته انهي اجازت کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته کين اهو ڊپ هو ته جيڪڏهن انگريزن سنڌو درياءَ جو پيٽ ماپي وڌو ته پوءِ کين سنڌ تي قبضي ڪرڻ ۾ دير ڪونه لڳندي. پر پوءِ انگريزن جي دٻاءَ سبب کين اها اجازت ڏيڻي پئي. 1831ع ۾ اليگزنڊر برنس هڪڙي وڏي بتيلي ۾ چڙهي سنڌو درياءَ جو جائزو ورتو. هُن پوءِ جيڪا رپورٽ ڏني هئي، انهي ۾ هُن سنڌو درياءَ کي واپاري ۽ فوجي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ بلڪل موزون قرار ڏنو هو ۽ برطانوي حڪومت کي سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي پڻ صلاح ڏني هئي.

    انگريزن سنڌو درياءَ جو فوجي استعمال ستت ئي ڪيو. 1935ع ۾ انگريزن پهريون ڀيرو هڪڙو آگبوٽ سنڌو درياءَ ۾ لاٿو، جنهن جو نالو انڊس هو. 1943ع ۾ انگريزن جڏهن سنڌ کي فتح ڪيو ته سنڌو درياءَ ۾ هڪ ننڍي فوجي ٻيڙي کي به استعمال ڪيو، جنهن ۾ انڊس نالي آگبوٽ کانسواءِ سيٽلائيٽ ۽ پلينيٽ نالي ٻه ٻيا آگبوٽ به استعمال ڪيا ويا هئا. انهيءَ کانپوءِ ڪوٽڙي وٽ هڪ ننڍڙو فوجي ٻيڙو مسلسل بيٺل هوندو هو. 1852ع کان انهيءَ ٻيڙي مان هر پندرهين ڏينهن هڪ آگبوٽ پوءِ ڪراچي کان ملتان تائين ٽپال کڻي وڃڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو هو. 1856ع ۾ هڪ ڪمپني اورينٽل انڊس اسٽيم ڪمپني کي انهي مقصد لاءِ قائم ڪيو ويو. انهي ڪمپني جو مقصد اهو هو ته اهي سنڌو درياءَ ۾ واپاري مقصد لاءِ اسٽيم بوٽس يا سنڌي ۾ جنهن کي آگبوٽ هلائين. انهي کي آگبوٽ انهيءَ ڪري چئبو آهي، جو انهن ٻيڙين کي هلائڻ لاءِ ٻاڦ جو استعمال ٿيندو هو ۽ انهي لاءِ ٻارجندڙ باهه جو دونهون پري پري تائين نظر ايندو هو. پر اهي آگبوٽ ٻن سببن جي ڪري ڪامياب نه ويا. هڪ ته سنڌو درياءَ جو ڇوليون ۽ وهڪرو انهن هلڪن آگبوٽن کان ڳرا هئا. ٻيو ته انهيءَ وقت سنڌ جي ملاحن جو پنهنجو درياءَ وسيلي باربرداري جو هڪ مضبوط نظام هو. اهي آگبوٽ مهانگا به هئا ۽ جتي ڪٿي پهچي ڪونه سگهندا هئا. انهيءَ جي مقابلي ۾ سنڌ جي ملاحن وٽ ننڍيون وڏيون ستر هزار ٻيڙيون هيون، جيڪي هر قسم جي سامان کڻڻ لاءِ مناسب به هيون، سستيون به هيون ۽ جتي ڪٿي پهچي وينديو هيون. اورينٽل انڊس اسٽيم ڪمپني جي انهن آگبوٽن سان حادثا به پيش آيا، جو اهي انهن جڳهين تي وڃڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، جتان عام طور تي انهن آگبوٽن جو گذر ممڪن نه هو. انهيءَ جا تمام گهڻا امڪان آهن ته ملاڪاتيار وٽ مليل اهو آگبوٽ اورينٽل انڊس اسٽيم ڪمپني جو هجي، جيڪو انهي تانگهي پاڻي ۾ حادثي جو شڪار ٿي ويو هجي. انهن نقصانن سبب اورينٽل انڊس اسٽيم ڪمپني جو ڏيوالو نڪري ويو، ۽ پوءِ 1869ع ۾ اورينٽل انڊس اسٽيم ڪمپني کي وڪيو ويو.

    انهيءَ وچ ۾ 1859ع ۾ هڪ ٻيو واپاري ٻيڙو به قائم ڪيو ويو. هتي ٻيڙي مان مقصد آهي ته جنهن ۾ ڪافي تعداد ۾ جهاز يا ٻيڙيون ۽ بتيلا هجن. انهيءَ ٻيڙي جو نالو انڊس اسٽيم فلوٽيلا هو. اهو فلوٽيلا برٽش ريلوي جي پاران قائم ڪيو ويو هو. ڪراچي کان سمنڊ ذريعي جيڪو سامان پنجاب يا اڃا به مٿي موڪلڻو هوندو هو، سو پهرين ڪراچيءَ ۾ ڪياماڙي تي لاٿو ويندو هو ۽ اتان سنڌ جي قديم شهر جهرڪ تائين پهچايو ويندو هو. انهيءَ مقصد لاءِ جهرڪ ۾ هڪ بندر گاهه پڻ ٺاهيو ويو هو. اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته سنڌ جو مشهور تعليمي ماهر حسن علي آفندي پڻ جهرڪن ۾ انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪيو هو. انهن ڏينهن ۾ سندس ڏيٺ ويٺ جيڻا پونجا سان ٿي هئي. پوءِ حسن علي آفندي اتان ڪراچي هليو ويو ۽ سنڌ مدرسو قائم ڪيائين. پوءِ جيڻا پونجا پنهنجي پٽ محمد علي کي اتي وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ پنهنجي پراڻي دوست حسن علي آفندي وٽ موڪليو. اهو محمد علي اڳتي هلي محمد علي جناح جي نالي پاڪستان جو باني ٿيو. جهرڪن کان اهو سامان سنڌ کان پنجاب ۽ سرحد تائين انهن آگبوٽن ۾ موڪليو ويندو هو. پوءِ جڏهن ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين ريلوي وڇائي وئي ته پوءِ اهو مرڪز ڪوٽڙي اچي ويو، ۽ جڏهن پنجاب تائين ريل جو رستو قائم ٿي ويو ته انهن آگبوٽن جي اهميت ختم ٿي وئي. نيٺ انڊس اسٽيم فلوٽيلا کي ختم ڪيو ويو. پر پنهنجي عروج جي ڏينهن ۾ انڊس اسٽيم فلوٽيلا جي باري ۾ مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب تاريخ سکر ۾ لکي ٿو ته: ”انهن ڏينهن ۾ ”انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ“ جا جهاز مهراڻ جي ڊيلٽا کان شير شاهه ۽ ملتان مال ڍوئيندا هئا، جن سان فلاٽون ٻڌندا هئا. مال آڻيندا هئا، جو ڪراچيءَ کان ولايت ويندو هو ۽ ولايتي مال سنڌ ۽ پنجاب جي شهرن کي پهچندو هو. آگبوٽن ۾ ڪاٺيون ٻرنديون هيون، جن جي کڻڻ لاءِ مهراڻ جي ڪپ تي اسٽيشنون کوليون ويون هيون. وري جيڪي شهر بندر هئا، اتي ٽرئفڪ ايجنسيءَ جا دفتر کلي ويا. سکر ۾ مسجد منزل گاهه واري هشت پهلو عمارت ۾ ٽريفڪ جي آفيس کولي ويئي. اڳ ٻيڙين وسيلي اناج جيڪو سکر پهچندو هو، سو وڻن هيٺان ڍڳ ڪري رکندا هئا. مگر انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ جي باقائده سروس کلڻ کان پوءِ بندر تي ريلوي ڦاٽڪ لڳ هڪ وڏو گدام مال رکڻ لاءِ تعمير ڪيو ويو، جيڪو اڄڪلهه نواب فئڪٽري ڪوٺجي ٿي. سکر بندر تي هي پهريون گدام هو. سال 1858ع ۾ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين ”انڊس وئلي اسٽيٽ ريلوي“ جي پهرين لائين چالو ٿي، جنهنڪري ”انڊس فلوٽيلا ڪمپنيءَ“ جو هيڊ ڪوارٽر ڪوٽڙيءَ ۾ منتقل ڪيو ويو. سنڌ ۽ پنجاب کان ايندڙ مال ڪوٽڙيءَ ۾ لهندو هو ۽ هتان ريل گاڏن ۾ چڙهندو هو. هزارين مزدور ڪم ڪندا هئا.

    جهازن جي گودي به ڪوٽڙيءَ ۾ منتقل ٿي آئي.غرض ته ڪوٽڙي اهڙي گهماگهميءَ جي ڪري سنڌ جو بمبئي بندر بنجي ويئي. انهن ڏينهن ۾ لاهور کان ملتان تائين ريلوي لائين کلي هئي. آگبوٽ ڪوٽڙيءَ کان ملتان تائين چڪر هڻندا هئا. ڪوٽڙيءَ کان ملتان جي وچ ۾ سکر واپار جو مشهور بندر هو، جنهن جي گهاٽن ۽ پتڻن کي 1860ع ۾ گهڙيل پٿرن سان مضبوط ڪيو ويو هو ۽ جهازن نجي آمد و رفت جي سلامتيءَ لاءِ هاڻوڪي سکر ميونسپالٽيءَ جي ٽاور واري عمارت کي ”سنگل هائوس“ ٺاهيو ويو، جنهن مٿان اڄ تائين بتيون لڳل آهن. پوءِ هن عمارت کي ميونسپل هال ۽ لائبريري ۾ تبديل ڪيو.

    هن ٻڏل آگبوٽ ذريعي اميد ته سنڌ جو هڪ وساريل باب وري ظاهر ٿيندو ۽ سنڌ جي تاريخ تي نئين روشني پوندي.

    manojhalai@yahoo.com
    ڪاوش[/JUSTIFY]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌو تي هلندڙ آگبوٽن جي دلچسپ ڪهاڻي!

    بهترين معلومات شيئر ڪرڻ لا مهربانيون سائين۔۔
     
  3. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: سنڌو تي هلندڙ آگبوٽن جي دلچسپ ڪهاڻي!

    تمام بهترين لکيو آهي توهان اصل دل کي خوش ڪري چڏيو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو