سماجي رابطن جي ويب سائيٽس ۾ فيس بڪ سڀني کي مات ڏئي ڇڏي

'فيس بوڪ' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2011۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سماجي رابطن جي ويب سائيٽس ۾ فيس بڪ سڀني کي مات ڏئي ڇڏي
    راهول رام ڀيماڻي
    [JUSTIFY]
    سوشل نيٽ ورڪنگ جي جنگ ۾ فيس بڪ ميدان ماري ويو آهي، دنيا جي ڪروڙين دوستن کي هڪ ئي هنڌ تي ڳنڍي ڇڏڻ جو ڪمال وارو ڪم به فيس بڪ ئي ڪيو آهي، مارڪ زيوڪربرگ نالي نوجوان جڏهن فيس بڪ ويب سائيٽ لائونچ ڪئي تڏهن سندس اهو وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته سندس ويب سائيڊ کي سڄي دنيا ۾ ايتري پذيرائي ملندي، هن کي بس پنهنجو مشن پورو ڪرڻ جو شوق هو، جيڪو هن ڪيو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ڪجهه ئي سالن اندر فيس بڪ سڄي دنيا جي سوشل نيٽ ورڪنگ جو ذريعو بڻجي ويو، اڄ به اولهه جون ناريون ڪنهن ايشيائي نوجوان سان دوستي ڪن ٿيون ته ان جو وڏو ذريعو فيس بڪ آهي، ماڻهو کڻي هزارين ميل پري ويٺل هجي پر پوءِ به ڄڻ ته روبرو آهي، بس هڪڙي ڪلڪ ڪرڻ سان دوستي جو پيغام هليو وڃي ٿو، هاڻي ته فيس بڪ سڄي دنيا ۾ ائين ڇانئجي ويو آهي جو في الحال ان کي ڪير به پٺتي ڌڪي نٿو سگهي، هڪ بواءِ اسڪائوٽ جي گيم کيڏڻ واري مقصد کيس هڪ اهڙي ويب سائيٽ جو باني بڻائي ڇڏيو جيڪا اڄڪلهه هر پڙهيل لکيل طبقي جي ماڻهن ۾ سماجي رابطي جو ذريعو بڻيل آهي، فيس بڪ جي باني مارڪ زيوڪربرگ جو چوڻ آهي ته اصل ۾ فيس بڪ ايجاد ڪرڻ جو مقصد هڪ ريڊيو اسٽوري سان سلهاڙيل آهي، اسان ريڊيو تان مختلف آئيڊياز ٻڌا هئا، جنهن کانپوءِ هڪ اهڙي ويب سائيٽ لانچ ڪرڻ جو شوق جاڳيو ۽ ان ۾ خاص مقصد گيم کيڏڻ هو پر اڳتي هلي اهو ماڻهن جي رابطي جو ذريعو بڻجي وئي آهي، هونئن ته سان فرانسسڪو مان پاٿ(path) نالي ويب سائيٽ به آهي جيڪا سوشل نيٽ ورڪ لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي، ان کانسواءِ ڪلٽر (Kiltr) نالي سوشل نيٽ ورڪ به موجود آهي پر انهن ويب سائيٽن کي ايڏي وڏي شهرت نه ملي آهي، جڏهن فيس بڪ اڃا گهڻو متعارف نه ٿيو هو تڏهن ماڻهو آرڪٽ (orkut) کي سماجي رابطن جو ذريعو بڻائيندا هئا پر فيس بڪ جي پرلطف استعمال ماڻهن جون دليون کٽي ورتون، هن ويب سائيٽ تي جتي هڪ ٻئي کي مواد ۽ تصويرون پوسٽ ڪرڻ يا پنهنجي وال تي ڪا تصوير يا وري ڪو مواد پوسٽ ڪري هڪ ٻئي سان رابطو رکيو وڃي ٿو، نه رڳو اهو پر هن ويب سائيٽ تي سوشل نيٽ ورڪ جون گيمز به آهن، جن ۾ هڪ ئي وقت تي ڪيترائي دوست آن لائن هوندا آهن ۽ اهي هڪٻئي ذريعي گيمز ۾ هڪ ٻئي جي مدد سان راند کيڏي سگهندا آهن، ڪٽلر، پاٿ ۽ آرڪٽ کانسواءِ ماءِ ڪيوب (Mycube) ۽ ٽوئيٽر جون ويب سائيڊون به سوشل نيٽورڪ جو ذريعو آهن، ٽوئيٽر ته اسان وٽ ان وقت مشهوري ماڻي جڏهن بالي ووڊ جي اداڪارن ۽ اداڪارائن اها ويب سائيٽ جوائن ڪئي، اڳي ته ماڻهو ڪنهن سان روبرو ملي دوستي جا حال احوال ڪري سگهندو هو پر هاڻي ته اهڙين سوشل نيٽ ورڪنگ وارين ويب سائيٽس ذريعي پنهنجي گهر جي ڪمري ۾ ويهي ماڻهو هڪ ئي وقت تي ڪيترن ئي دوستن سان آن لائن ڪچهري ڪرڻ ۾ مصروف هوندا آهن ۽ گلوبل ليول تي اها ڪچهري ماڻهن ۾ پنهنجائپ جو احساس به پيدا ڪري ٿي، ڪجهه ماڻهو انهن ويب سائيٽن ذريعي هڪ ٻئي سان سدا بهار دوستي ڪري ويٺا آهن.ماءِ ڪيوب ويب سائيٽ تي خاص طور تي ٻارڙن جا رابطا هوندا آهن، اهڙيون سماجي رابطي واريون ويب سائيٽون ڪن ماڻهن طرفان غلط نموني به استعمال ٿين ٿيون، جيئن جيئن سائنس ترقي ڪري رهي آهي ۽ سڄي دنيا هڪ ننڍڙي ڳوٺ جيان بڻجي وئي آهي تڏهن فيس بڪ سميت ٻيون اهي سوشل ويب سائيٽس سٺن مقصدن لاءِ استعمال ٿين ته ماڻهو ننڍڙي ڳوٺ ۾ جيئن ڪچهري ڪندو آهي تيئن سڄي دنيا ۾ به هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هوندو
    ڪاوش‌اسپيشل ايڊيشن 19 فيبروري 2011 تان ورتل
    [/JUSTIFY]
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سماجي رابطن جي ويب سائيٽس ۾ فيس بڪ سڀني کي مات ڏئي ڇڏي

    سوشل نيٽ ورڪس ۾ فيس بوڪ جي اهميت ڪنهن کان ڳجهي نه آهي، مهرباني دوست بهترين ونڊ۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سماجي رابطن جي ويب سائيٽس ۾ فيس بڪ سڀني کي مات ڏئي ڇڏي

    ٻي اهم ڳاله ته فيس بوڪ ۽ ٽئيٽر تازو مصر ۽ تيونس ۾ ٿيندڙ تبديليء ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔ جنهنڪري فيس بوڪ ۽ ٻين سماجي نيٽ ورڪ تي پابنديون به لڳيون هيون۔ فيس بوڪ سنڌ سلامت کي پروموٽ ڪرڻ ۾ به اسان لاء فائيديمند ثابت ٿيو آهي۔ اسان جا گهڻا مهمان دوست فيس بوڪ تان ئي سنڌ سلامت تي پهچن ٿا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو