اڄ منهنجي نظر هن خبر تي پئي ۔۔۔۔۔۔
سٺو فيصلو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ڇا ايڊهاڪازم ۽ ڪانٽريڪٽ جو قانون ججن ۽ سپريم ڪورٽ تي لاڳو نه ٿو ٿئي ؟؟
هاڻي هيء خبر پڙهو :
۽ هي به پڙهو :
ڪاڏي وڃجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هنن منصفن تي ڇا لکجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سپريم ڪورٽ جي حڪم تي آءِ جي سنڌ سميت 7 ڪانٽريڪٽي آفيسر برطرف،ڊي جي ايف آءِ اي سوڌو وڌيڪ 8 ڄڻن کي به فارغ ڪرڻ جي منظوري
اسلام آباد(رپورٽ: قربان بلوچ) وزيراعظم آءِ جي سنڌ صلاح الدين بابر سميت 4 پوليس ۽ 3 سيڪريٽريٽ گروپ جي آفيسرن کي برطرف ڪري ڇڏيو، ڊي جي ايف آءِ اي اي سوڌو وڌيڪ 8 آفيسرن کي فارغ ڪرڻ جي منظوري، ذريعن موجب وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني سپريم ڪورٽ جي هدايتن جي روشني ۾ 15 ڪانٽريڪٽي آفيسرن جي ملازمت ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪانٽريڪٽ ختم ڪيل ملازمن ۾ آءِ جي سنڌ پوليس صلاح الدين بابر خٽڪ، ايف آءِ اي جو ڊي جي وسيم احمد، ريلوي جو ايڊيشنل آءِ جي خضر حيات، آءِ بي ۾ پوليس گروپ جو طارق جميل، ڊي آءِ جي ٽرئفڪ ڪراچي (ر) ميجر خرم گلزار، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو دين محمد بلوچ، ڊي آءِ جي نادر کوسو، پي ايڇ اي جو ايم ڊي محمد علي، آءِ بي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر عامر شهزاد، ڊپٽي ڊائريڪٽر آءِ بي اصغر محمود، ڊي آءِ جي گلگت فرمان علي، ڊي جي پورٽ اينڊ شپنگ ايم حسن زيدي، اي گورنمينٽ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عامر شهزاد ۽ ٻيا آفيسر شامل آهن، جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رات دير تائين پوليس گروپ جي 4 ۽ سيڪريٽريٽ گروپ جي 3 آفيسرن جا ڪانٽريڪٽ ختم ڪرڻ جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ صلاح الدين بابر، ڊي آءِ جي گلگت فرمان علي، ڊپٽي ڊائريڪٽر آءِ بي اصغر محمود ۽ ريلوي جو ايڊيشنل آءِ جي خضر حيات، جڏهن ته سيڪريٽريٽ گروپ جي فارغ ٿيندڙ آفيسرن ۾ پي ايڇ اي جو ايم ڊي محمد علي، ڊي جي پورٽ اينڊ شپنگ ونگ ڪراچي جي ايس ايم حسن زيدي ۽ اي گورنمينٽ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عامر شهزاد شامل آهن
سٺو فيصلو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ڇا ايڊهاڪازم ۽ ڪانٽريڪٽ جو قانون ججن ۽ سپريم ڪورٽ تي لاڳو نه ٿو ٿئي ؟؟
هاڻي هيء خبر پڙهو :
اسلام آباد (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جو ايڊهاڪ جج جسٽس خليل الرحمان رمدي ايڊهاڪ جج طور هڪ سال جو مدو پورو ڪرڻ کان پوءِ 19 فيبروري تي ريٽائر ٿيندو. سپريم ڪورٽ جي ريڪارڊ مطابق جسٽس رمدي سپريم ڪورٽ جي جج طور ستن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ڪم ڪيو آهي. هو جنوري 2002 ع ۾ سپريم ڪورٽ جو جج بڻيو ۽ 12 جنوري 2010ع تي ريٽائر ٿيو جڏهن ته کيس 18 فيبروري 2010ع تي هڪ سال لاءِ ايڊهاڪ جج مقرر ڪيو ويو هو.
۽ هي به پڙهو :
اسلام آباد (م ڊ): سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس خليل الرحمان رمدي ۽ جسٽس رحمت حسين جعفري جي مان ۾ فل ڪورٽ ريفرنس ملتوي ڪيو ويو آهي. ڪالهه سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ ٺهراءُ پاس ڪري جسٽس خليل الرحمان رمدي جي مدي ۾ ٻيهر هڪ سال واڌ ۽ جسٽس رحمت حسين جعفري جي ايڊهاڪ جج طور 2 سال مقرر ڪرڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪيو هو، جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ سندن ريٽائر ٿيڻ جي سلسلي ۾ رٿيل فل ڪورٽ ريفرنس ملتوي ڪيو ويو آهي. فل ڪورٽ ريفرنس 17 فيبروري تي رٿيل هو.جسٽس خليل رمدي کي ٻيهر ايڊهاڪ جج لڳائڻ تي سرڪاري ملازمن ۾ ڳڻتي جي لهر ڦهلجي وئي آهي. ڇو ته سپريم ڪورٽ ڪجهه هفتا اڳ پنهنجي هڪ فيصلي ۾ اهڙن سمورن سرڪاري ملازمن جن کي ريٽائرمينٽ کان پوءِ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيو ويو هو جون ڀرتيون غيرقانوني قرار ڏنيون هيون پر اهو فيصلو صرف سرڪاري ادارن تي لاڳو ڪيو پيو وڃي. عدالت ۾ اهو فيصلو لاڳو ڪرڻ جو پري پري تائين ڪو نالو نشان نظر نٿو اچي. جسٽس رمدي جي ٻيهر مقرري کي قانوني ۽ آئيني حلقن ۾ سٺي نگاهه سان نه پيو ڏٺو وڃي
ماٺ رهان ته مشرڪ ٿيان ، ڪڇان تان ڪافر
ڪاڏي وڃجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هنن منصفن تي ڇا لکجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔