تون رهين ساڳيو اهوئي اجنبي، مون ڪئي قربان توتان زندگي. تون ٿڪـــل آهين، وڃي آرام ڪر، منهنجي پيرن هيٺ رهندي ڌرتتي. زندگيءَ ۾، جا نه ٿي توکي نصيب، موت سا، مونکي ڏئي ويو روشنـي. ڪــــا ته اک ٻــُوٽي، اُٿي آ ننڊ مان، ڏُور، هُن گهر ۾ ٿي ٽمڪي باهيڙي. مون حقن جي ڳالهه ٿي هُن سان ڪئي، تــــون ڪٿــان آئين؟ ٿئين ڇو ٿو لڄي. نا اُميدون تو ڏنيون اڻ _ توريون، مون مڃيــو قبلا! برابر آن سخي.
جواب: جڏهن ڀونءِ بڻي ۔۔ تاجل بيوس محترم تاجل بيوس جي ڪنهن خاص موقعي تي لکيل شاعري ٿي لڳي۔۔۔ ٻه ٽي دفعا پڙهڻ کان پوءِ به بس هي سٽيون سمجهه ۾ آيون۔۔۔ نا اُميدون تو ڏنيون اڻ _ توريون، مون مڃيــو قبلا! برابر آن سخي.
جواب: جڏهن ڀونءِ بڻي ۔۔ تاجل بيوس سهڻا نثار ابڙا زبردست شيئرنگ آهي، مون به ٻه ٽي دفعا پڙهي پوءِ وڃي ڪجهه نه ڪجهه سمجهه ۾ آئي مرحوم جي شاعري۔۔۔ ٿورا۔۔۔
جواب: جڏهن ڀونءِ بڻي ۔۔ تاجل بيوس مون حقن جي ڳالهه ٿي هُن سان ڪئي، تــــون ڪٿــان آئين؟ ٿئين ڇو ٿو لڄي. نا اُميدون تو ڏنيون اڻ _ توريون، مون مڃيــو قبلا! برابر آن سخي. سائين لاجوب اسانجي قوم ناامينديء جي ڌٻڻ ۾ آهي دعا آهي شل هيء ختم ٿئي
جواب: جڏهن ڀونءِ بڻي ۔۔ تاجل بيوس ها ها ها ۔۔۔ ادا رشيد اوهانجي نشاندهي کانپوءِ آءُ به گهوماٽين ۾ آهيان ۔۔۔ ته آخر سائين تاجل ڪهڙي موقعي تي اها ڳالهه ڪئي آهي ۔۔۔ پر مونکي ٿوري اميد ٿي آهي دوست عرس مان جنهن لڳي ٿو ڳالهه کي سمجهي ورتو آهي ۔۔۔!!!! انڪري اشارتن سائينءَ جي هن نظم مان ٻه قطع ونڊ به ڪيا اٿس ۔۔۔ شاعر هميشه اشارن ۽ قناعن ۾ ڳالهيندا آهن ۔۔۔ ڪئي اهڙيو ڳالهيون ته هو پاڻ ئي سمجهي سگهندا اهن ۽ جيستائين پاڻ اچي نه سمجهائن ته ڳالهه جي ڳنڍ رهندي آهي ۔۔۔ هن نظم ۾ شاعر وقت جي منافقن سان مخاطب ٿيندي نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ” چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک“ جيئان جڏهن اوهين حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪندا ته هڪدم ڪوڙي ۽ ٺڳ جو منهن ڳاڙهو ٿي ويندو آهي ۔۔۔ بلڪل ساڳي طرح جيئن هي لفظ چيا اٿس؛ مون حقن جي ڳالهه ٿي هُن سان ڪئي، تــــون ڪٿــان آئين؟ ٿئين ڇو ٿو لڄي۔ منافق ماڻهون ڏيکاءُ چڱائيءَ جو ڪندا اهن پر انجي پويان به نقصان ۽ ڌوڪا هوندا آهن، جيئن هت چيو اٿس ته؛ نا اُميدون تو ڏنيون اڻ _ توريون، مون مڃيــو قبلا! برابر آن سخي. ۽ وري مزي جي ڳالهه ته اهي ڌوڪا ۽ فريب ايتري ته سخاوت سان ڪندا آهن جو گمان ٿيندو آهي ته هي ته وقت جو حاتم طائي آهي۔ منافق سان دوستي رکندي ماڻهون هميشه گهاٽي ۾ هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻه منهين شخص کي انسان پنهنجو دوست ۽ عزيز سمجهي قربانيون ڏينديون آهي ۽ هو هيءَ حالت ڪندو اهي؛ تون رهين ساڳيو اهوئي اجنبي، مون ڪئي قربان توتان زندگي. مطلب دوست رشيد، ڳالهه هي سمجهه جي بابا! انڪري ؛ ڪڏهن ٿجي ڪــــن ڪڏهن ٿجــــي وات، ڪڏهن ٿجي ٻڪرو ڪڏهن ٿجي ڪات۔ مون پنهنجي سمجه آهر ڪجهه چيو آهي، ممڪن ڪو ٻيو عاقل ۽ فهيم دوست وڌيڪ تشريح ڪري سگهي ۔ ٿورا ناهن ٿورا
جواب: جڏهن ڀونءِ بڻي ۔۔ تاجل بيوس هل ته سهي۔۔۔ ان جو مطلب ته شاعر ايتري گهري شاعري ڪندا آهن ۔۔۔۔جو سوچجي ۽ لکجي ته داستان بڻجي وڃي۔۔۔۔ ڪاٿي جو اشارو ۽ ڪاٿي جو نشان۔۔۔ پاڻ ته ان اشاري ۾ ئي گم هياسين پر هي نشان ته ڪاٿي ٻئي هنڌ ٿا نڪرن۔۔۔ مهرباني سائين نثار شاعري جون ڳٿيون سلجهائڻ لاءِ