نثارابڙو
نائب منتظم

http://imageshack.us
تون رهين ساڳيو اهوئي اجنبي،
مون ڪئي قربان توتان زندگي.
تون ٿڪـــل آهين، وڃي آرام ڪر،
منهنجي پيرن هيٺ رهندي ڌرتتي.
زندگيءَ ۾، جا نه ٿي توکي نصيب،
موت سا، مونکي ڏئي ويو روشنـي.
ڪــــا ته اک ٻــُوٽي، اُٿي آ ننڊ مان،
ڏُور، هُن گهر ۾ ٿي ٽمڪي باهيڙي.
مون حقن جي ڳالهه ٿي هُن سان ڪئي،
تــــون ڪٿــان آئين؟ ٿئين ڇو ٿو لڄي.
نا اُميدون تو ڏنيون اڻ _ توريون،
مون مڃيــو قبلا! برابر آن سخي.