نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ واسيو، اڄ جڏهن معصوم نياڻين سان ظلم ، زيادتي ۽ ڏاڍائي سر عام بغير ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي روا رکي پئي وڃي ، جڏهن انهن معصوم نياڻين جي اڌ اُگهاڙي بدن تي وحشي درندن جي چڪن جا گهاءُ انسانيت جي مُنهن تي چماٽن وانگي ظاهر ظهور نظر پيا اچن، ٽن سالن جي عمر واري نياڻي سان زيادتي جبر ۽ ڏاڍائي ڪرڻ کانپوءِ معصوم نياڻي جي اڌ اُگهاڙي لاش کي انسان جي روپ ۾ وحشي ڪُتن رانڀوٽيو آهي۽ انهي معصوم نياڻي جي معصوم ڳلن تي چماٽن جا نشان انسانيت جي ضمير کي جهنجوڙي رهيا آهن، اچو اسان پنهنجي پنهنجي اندر ۾ جهاتيون پايون ڪٿي اهي نياڻيون اسان جون پنهنجون ته ڪونه آهن ، ڪٿي وحشت ۽ ڏاڍائي جو شڪار ٿيل ٽن سالن جي نياڻي ثنا اسان جي پنهنجي نياڻي ثنا ته ڪونه آهي۔ ٿڦ هُجي انهن ٻوڙن گونگن انسانن کي جيڪي نياڻين جي والدين سان پُرسو صرف چند نوٽ اڇلي ڪن ٿا۔ هيڏي وڏي ظلم تي گهاڻي جي ڍڳن وانگر پنهنجي اکين تي کوپا چاڙهي، پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه جا ٻوڙا وجهو بلڪل انڌا ٻوڙا ۽ گونگا ٿيو پيا هلن۔ اُتي مُنهنجي هيءَ شاعري جيڪا خالص انهيءَ پس منظر ۾ لکيل آهي ڪا خاص ٻوٽو ته نٿي ٻاري سگهي۔ ان هُوندي به هر درد مند جي دل کي رُئاڙي سگهي ٿي۔ بس يارو دل چوي ٿي هن وحشي درندن کي ختم ڪندي ڪندي خود ختم ٿي وڃون۔ وري جنم وٺون وري وڙهون۔