خوبصورت ترين شاعر امداد حُسيني سان شام ملهائي ويندي

'سنڌي ادب' فورم ۾ شبانه امتياز سمون طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2011۔

  1. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان ۽ ضلعي حڪومت ٽنڊو محمد خان پاران تمام پياري شاعر محترم امداد حُسيني سان ٽنڊو محمد خان جيمخانه ۾ سڀاڻي شام جو 5 وڳي کان هڪڙي سُرهي سانجهه ملهائي پئي وڃي سنڌ جي سڀني سڄڻن کي دعوت آهي۔ اميد ته شريڪ ٿي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏيندا۔
    ان سلسلي ۾ ادا نثاراحمدناز جو بنايل دعوت نامون توهان سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن سان شيئر پئي ڪريان

    [​IMG]
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: خوبصورت ترين شاعر امداد حُسيني سان شام ملهائي ويندي

    [justify]
    تمام بهترين قدم آهي ادي شبانه، سنڌ جي شاعرن جي جيئري قدرداني ٿيڻ گهرجي، نه ڪي مرڻ کان پوءِ انهن کي ياد ڪندو وتجي، سائين امداد حسيني هڪ بهترين شخصيت آهن انهن جي شاعري جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي،.. توهان جي به تمام گهڻي مهرباني جو وقت سر هي دعوت نامو سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ڪيو اٿوَ ته جيئن جيڪو اُتي پهچڻ چاهي ضرور پهچي...​
    [/justify]
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: خوبصورت ترين شاعر امداد حُسيني سان شام ملهائي ويندي

    مهرباني ادي شبانه امتياز جو توهان منهنجي هن بنايل دعوت نامي واري اسڪيچ کي تمام بهترين طريقي سان ساري دنيا جي سنڌين بشمول سنڌ سلامت جي ساٿين سان شيئر ڪيو آهي، ڀيڻ توهان لڳي پيو ته هاڻي سنڌ سلامت تي تصويرون شيئر ڪرڻ واري ٽرڪ به سمجهي ورتي آهي۔ زبردست ادي شاباسون هُجن توهان کي۔
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: خوبصورت ترين شاعر امداد حُسيني سان شام ملهائي ويندي

    ادي شبانه مهرباني انفارم ڪرڻ لئه۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: خوبصورت ترين شاعر امداد حُسيني سان شام ملهائي ويندي

    مهرباني دعوت ڏيڻ جي

    مونکي ٽنڊو محمد خان اچڻ جو گهڻو شوق آهي جو مان سائين نثار سان اڳ ۾ ئي اهو واعدو ڪري ويٺو آهيان ته مان اوهان ڏانهن ايندس۔ پر خبرناهي ڇو زندگيء ۾ ڪڏهن ڪڏهن چاهيندي به ماڻهو پهچي ناهي سگهندو۔ جيڪڏهن هي پروگرام ڪنهن آچر جي ڏينهن هجي ته اچي پي سگهياسين پر شايد سڀاڻي نه اچي سگهجي۔

    دنيا اميد تي قائم آهي ۔۔۔۔ انشاء الله جلد حاضري ڀرينداسون۔

    امداد حسيني سنڌي زبان جو سريلو شاعر آهي ۽ ٽندي محمد خان وارن کيرون لهڻيون جن سنڌ جي هن مهان شاعر کي مڃتا ڏني آهي ۽ سندس مان ۾ پروگرام ڪيو آهي۔ امدا جون ڪجه سٽون پيش ڪجن ٿيون :

    مون جڏهن ڪو ڏيو جلايو آ
    زور ڪيڏو هوا لڳايو آ

    حال امداد جو پڇو ڇا ٿا
    اڄ مڙئي سور ڪجه سوايو آ
     
  6. فياض منصور

    فياض منصور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جون 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: خوبصورت ترين شاعر امداد حُسيني سان شام ملهائي ويندي

    ادي توهان تي اهو فرض هيو جيڪو توهان ادا ڪيو،سائين امداد حسيني سنڌ جو عظيم شاعر آهي،سدا حيات ان جي جيتري به تعريف ڪجي اُها گهٽ آهي،اسان کي گهرجي ته اهڙن عظيم شاعرن جي سار سنڀار لهون،سائين امداد جون ئي سٽون آهن،

    هاء الائي ڪهڙي آهي هوا گهلي ڙي هيل،
    مونکي ئي ڌاڙيل چون ٿا ڌرتي جا ڌاڙيل
     
  7. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: خوبصورت ترين شاعر امداد حُسيني سان شام ملهائي ويندي

    ادا اسد مست اها حقيقت ۾ ڪوشش ادا نثار ناز جي هُئي جيڪا کين کان مون سکڻ جي بهاني کسي توهان سان شيئر ڪري ڇڏي، ادا اسد پو توهان اچو ٿا، اڄ سائين امداد حُسيني سان ملهائجندڙ شام ۾ شرڪت ڪرڻ لا۔ واقعي سنڌ جي بهترين شاعرن ۾ امداد حُسيني جو نالو شمار ٿيندو آهي۔
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: خوبصورت ترين شاعر امداد حُسيني سان شام ملهائي ويندي

    [justify][justify]ادي مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي سائين نثار ناز جو نمبر ئي ڪم ڪونه ٿو ڪري۔۔ سندن سان رابطو ڪريان ته اچان نه۔۔۔ [/justify][/justify]​
     
  9. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: خوبصورت ترين شاعر امداد حُسيني سان شام ملهائي ويندي

    ادا مون توهان کي پي ايم جي ذريعي ادا نثار ناز جو يو فون وارو نمبر موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي پر خبر پئي ته توهان جو پي ايم ز وارو خانو فل ٿيو پيو آهي ان هوندي به سائين نثارناز جو يو فون نمبر هيٺ لکان ٿي
    03363985988​
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: خوبصورت ترين شاعر امداد حُسيني سان شام ملهائي ويندي

    مهرباني ادي۔۔۔ مان ڪوشش ڪريان ٿو۔۔۔
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: خوبصورت ترين شاعر امداد حُسيني سان شام ملهائي ويندي

    ادي مهرباني۔۔۔ توهان جي ڏنل نمبر تان سائين جن سان رابطو ٿي ويو آهي۔۔۔
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: خوبصورت ترين شاعر امداد حُسيني سان شام ملهائي ويندي

    هاء الائي ڪهڙي آهي هوا گهلي ڙي هيل،
    مونکــــي ئي ڌاڙيل چـــون ٿا ڌرتي جا ڌاڙيل۔
    امداد حسيني

    ان مان ثابت ٿيو ته اسين نه فقط گذر ڪري ويل ڏاهن جو قدر ڪندا آهيون بلڪ جيئرن جاڳندن جو پڻ قدر ڪرڻ سکندا وڃون ۔۔۔ امداد حسيني هڪ ڏاهو شاعر آهي، سنڌ دوست آهي ۽ سنڌي ادب کي اهڙا ته سهڻا گيت ڏنا اٿس جو ان تي جيترو فخر ڪجي گهٽ آهي ۔۔۔

    ٽنڊي محمد خان جي هوائن ۾ حب الوطنيءَ جي سڳنڌ چٽي نظر اچي ٿي ۔۔۔ هي ته هئي دعوت جي خبر پر هاڻ ڏسجي ته ان دعوت کانپوءِ ڪهڙي خبر ٿي اچي ۔۔۔ ونڊ ڪرڻ نه وساريندا۔

    مون جڏهن به ڪو ڏيئو جلايو آ، زور ڪيڏو نه هوائن لڳايو آ

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔ مونتي ماروئڙن جا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو