عرس پريو
سينيئر رڪن
هانگ ڪانگ جي شاگردن کي دنيا ۾ سڀ کان هوشيار ۽ ڄاڻو قرار ڏنو وڃي ٿو، جيڪي تعليم جي هر شعبي ۾ مهارت رکن ٿا، تازو ٿيل هڪ تحقيق دوران 37 ملڪن جي 4 لک 25 هزار شاگردن جي چڱي ريت پرک ڪرڻ کانپوءِ هانگ ڪانگ جي شاگردن کي سڀ کان بهترين شاگرد هجڻ جو اعزاز ڏنو ويو، ٻين بهترين شاگردن وارن ملڪن ۾ سنگاپور تائيوان، ڪئناڊا، آمريڪا ۽ متحده عرب امارات جا ملڪ به سر فهرست آهن، آمريڪا جو هن ڊوڙ ۾ 10 هون نمبر آهي، روس پڻ ٽاپ ٽين ۾ شامل آهي، جڏهن ته جاپان کي بهترين 5 ملڪن جو حصو هجڻ جو اعزاز حاصل آهي جتي جي شاگردن جون صلاحيتون هر ڪو مڃي ٿو، يمن جا شاگرد پڻ سائنس ۽ حسابن جي مضمونن ۾ هوشيار ترين شاگردن ۾ شامل آهن، موراڪو کي 8 نمبر بهترين شاگرد ڏيندڙ ملڪ قرار ڏنو ويو آهي، گذريل سال سنگاپور جي شاگردن پهرين پوزيشن ماڻي هئي پر هلندڙ سال چوٿين نمبر تي آيا آهن، هانگ ڪانگ کانپوءِ ٻئي نمبر تي تائيوان ۽ ٽئين نمبر تي ڏکڻ ڪوريا جي شاگردن کي تعليم جي سمورن مضمونن ۾ ماهر سمجهيو وڃي ٿو، هن تحقيق جو مقصد سمورن ملڪن ۾ تعليم جو معيار ۽ شاگردن جي اهليت جو ڪاٿو لڳائڻ آهي، تحقيق موجب جيڪي شاگرد گهر توڙي اسڪول ۾ ساڳي ٻولي ڳالهائين ٿا اهي وڌيڪ بهتر ثابت ٿين ٿا ۽ سندن تعليمي نتيجا پڻ اطمينان جوڳا هوندا آهن، ڪمپيوٽر ۽ ڪتابن ۾ دلچسپي رکندڙ شاگرد پڻ غير معمولي هوشيار هوندا آهن.
(ڪاوش)