• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪجهه سوال ۽ انهن جا جواب؛

نثارابڙو

نائب منتظم
ڪجهه سوال ۽ انهن جا جواب؛

عورت جي عظمت وار ڌاڳي ۾ دوست عبدالوهاب ڪي سوال ڪيا آهن آءُ انهن جا جواب لکيا آهن ... ممڪن اسانجا ٻيا ڪي دوست اڃان وڌيڪ ان تي بحث ڪن انڪري ڌار ڌاڳو ٺاهيانٿو ...
سائين ڀلا1995 ۾ مونکي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي،
ڀائڙا عبدو؛
حق موجود
دوست! 1995 بوسينيا جي مسلمانن تي اتان جي جنرل رتڪو ملاديشڪ، اهڙا ته ظلم ڪيا جو هلاڪو ۽ چنگيز خان به شايد توبه ڪئي هوندي، تقريبن 8000 مسلمانن کي وحشياڻه تشدد ڪري ماري اڻڄاڻ هنڌن تي وڏا کڏا کوٽي پورائي ڇڏيو جي اڃان تائين ڳولهجن پيا ۽ اهو جنرل هن وقت گرفتار آهي ۽ عالمي عدالت ۾ سندس مٿان ڪيس هلي رهيو آهي ... الله کيس ڪئي جي سزا ضرور ڏيندو ...

دوست اوهانجا ڪجهه ٻيا سوال جي اسانجي سماج ۽ معاشري سان تعلق رکنٿا، انتهائي اهم آهن ۽ انهن تي ڪيترائي پنا ڪارا ڪبا ته به شايد جواب ملڻ مشڪل ٿيندو ... پوءِ به مختصر پنهنجي سوچ آهر ڪجهه چئبو ضرور ...

ڇا اسان جي معاشري ۾ ڪارو ڪاري رسم ختم ٿي سگهندي؟

دوست! اهو عورت واري چڪر ۾ ماڻهون مارڻ سموري دنيا ۾ عام آهي انگريز هجي يا عرب، فرينچ هجي يا جرمن، روسي هجي يا هندستاني ... جڏهن پنهنجي عورت کي ڪنهن غير مرد جي هيٺان ڏ0سندو ته کيس ماريندو ضرور ... بلڪه ڪيترن هنڌن تي عورتن پنهنجن مڙدن کي بيوفائيءَ جي سزا ۾ ماريو آهي ... مثال موجود آهن ... ان مارڻ واري عمل کان پاسي ٿي وڃڻ ڪنهن وڏي علم ۽ برداشت واري يا ولي الله جهڙي ڪنهن انسان جو ڪم آهي باقي عام انسان ان ڳالهه کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي ته سندس عورت يا مرد ڪنهن ٻي سان اهڙا لاڳاپا رکي جي نه رکڻ گهرجن ...

باقي رهيو اسان وٽ ته انجي وڌڻ جا ڪارڻ ڪجه هيٺيان آهن ...
1. هرو ڀرو ڪجهه گهڻو ئي مشهور ڪيو وڃي ٿو ...
2. اسانجا ڪجهه مڙد ان جو ناجائز فائدو پڻ وٺن ٿا ...
3. گذريل دور ۾ (انگريزن جي دور ۾) قانون اهڙي قسم جو ٺاهيو ويو هو، جنهن ۾ غيرت جي نانءَ تي ماريندڙ جي سزا ڪا خاص ناهئي ...
4. علم ۽ ايمان جي ڪمزوري ... وغيره وغيره

ڇا اسان جي معاشري ۾ ڪارو ڪاري رسم ختم ٿي سگهندي؟

جواب آهي نه! اهو هڪ فطري ۽ جذباتي عمل آهي ... جنهنکي اسان وٽ ڪاروڪاري سڏيو وڃي ٿو ... مزي جي ڳالهه ته جيستائين انسان ۽ انسان جا جذبا آهن ته اهو مارڻ پيو هلندو. ڀل ڪيترا به قانون ايجاد ڪجن، ڪيتريون ئي سزائون ڇونه رکجن، پر اهو عمل گهٽ ته ٿي سگهي ٿو پر ختم نه ٿو ٿي سگهي ...

آمريڪا، يورپ وارا پاڻکي ترقي يافته سڏائن ٿا پر ڇا اتي اهڙا واقعا نٿا ٿين ڇا؟ الله پناه ڏئي ات ته عورت جي حالت اهڙي خراب آهي جو نه کيس گهر آهي نه گهاٽ، نه مڙس نه پيءُ نه ڀاءُ، آزاد آهي جيڪو اچي ولوءَ جي ٻڪريءَ جيئان جهپي کڻي وڃي ته به خئير آهي ...

دوست! منهنجي آڏو هي ڪجه انگ اکر ڊين آف وومن ، ڪوئنس يونيورسٽي آف ڪئناڊا جا پيل آهن ... جي اوهان سان ونڊ ڪندو هلان ...

- ڪئناڊا ملڪ ۾، هر 6 منٽن ۾ هڪ عورت جنسي تشدد جو نشانو بڻجي ٿي ...
- 3 مان 1 عورت زندگيءَ جي ڪنهن موڙ تي جنسي حوس جي نشاني جي ڪوشش جو شڪار ٿئي ٿي ...
- 8 مان هڪ 1 عورت، ڪاليج يا يونورسٽيءَ دوران جنسي حوس جي ڀيٽ چڙهي ٿي ...
- هڪ سروي مطابق جڏهن ڪئناڊا جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کان سوال ڪيو ويو ته 60 فيصد جواب ڏنو ته جي موقعو مليو ته جنسي حوس پوري ڪرڻ لاءِ جنسي ڏاڍائي ضرور ڪبي ...

ڇا انهي نڪمي ۽ بيڪار مڙسن جي انهي غيرت جو ڪوئي حل آهي؟

ها! حل آهي پر ڏکيو آهي!
1. قانون جي حڪمراني ... قانون اهڙو جو کيس ڪنهن به پاسي کان سندس ڇوٽڪاري جي راه نه هجي ...
2. علمي ۽ ايماني وڌارو ... علم جي هجڻ سان انسان جي جذبن تي عقل غالب اچي ٿو، جنهنڪري ڪجه ٿڌاڻ ٿئي ٿي، ايمان سان انسان شيطاني عمل سڃاڻي وٺي ٿو ۽ انهن جي ڪرڻ کان ڪيتري حد تائين بچي وڃي ٿو ...
3. اقتصادي ترقي ... انسان وٽ ڪم هجي، خوشحالي هجي ۽ مصروفيت هجي ته به گهڻ شيطاني عمل ڪجهه جهڪا ٿيو وڃن ....

جيڪي نياڻيون ڪارو ڪاري جي ور چڙهن ٿيون، ڇا انهن خلاف ڪير آواز اٿارڻ وارو ناهي؟
۽
آخر ڪيتري تائين اسان جي هن معاشري ۾ رهندڙ نياڻيون انهن بيهوده رسم جو ڪاڄ بڻجنديون رهنديون.

جي بلڪل انهن لاءِ آواز اٿاري سگهجي ٿو ... پر آواز ڪنهنجي آڏو اٿارجي؟ ڇا هن موجوده نظام جي آڏو آواز اٿاربو ته ان تي ڪو ڪن ڌريندو ... ؟ ۽ جي ڪٿي ڪا بغاوت ڪبي ته ڇا موجوده عدالتون ان جي پاسداريءَ ۾ ڪجه ڪري سگهنديون؟ اهي ۽ ايترا ڪئي سوال آهن جن جا حل ڳولهڻا پوندا ....

آخر ۾ منهنجا پيارا ساٿي! سائين جي ايم سيد جا هي لفظ چوندس ته قومي غلامي هڪ خطرناڪ ڪينسر جو مرض هوندو آهي ... ان مرض سان قومي جسم جي اندر ايترا ته ننڍا ننڍا مرض پئدا ٿيندا آهن جو انسان انهن مرضن جي ورن وڪڙن ۾ گم ٿي ڪينسر جي مرض کي وساري ويهندو آهي ۽ آخر ۾ نتيجو سندس موت هوندو آهي ...

حاصل مطلب ته علاج ڪينسر جو ڪرڻو آهي ته هي قومي جسم جا ننڍا وڏا مرض خود بخود ختم ٿي ويندا ...​

آخر ۾ آءُ ٻين دوستن کي پڻ عرض ڪندس ته هن موضوع تي خيال آرائي ڪن ته شايد وڌيڪ ڪا ڳالهه سامهون اچي

الله اسان سڀني کي پنهنجي حفظ ۽ امان ۾ رکي ۽ علم ۾ اضافو فرمائي ... آمين
 
سائين نثار ابڙو صاحب

اوهان جا ڏنل جواب تمام پيارا آهن۔۔ پر سائين ڪارو ڪاري واري معاملي تي ايترو چوندس ته جيڪڏهن صورتحال حقيقت تي مبني هجي ته پوءِ غيرت مند لاءِ ائين ڪرڻ مناسب رهندو۔۔۔ غيرت کان وڌيڪ ڪا ٻئي ڳالهه اهميت نٿي رکي۔۔۔

باقي اوهان معتبر ماڻهو آهيو۔۔ اوهان جاخيال ۽ تاثرات به ادب سان منسلڪ هوندا آهن۔۔۔ اسان جي ذهن ۾ اهو هڪڙو خيال آيو جو اوهان سان شيئر ڪيو۔۔۔۔۔۔

شال جڙيا هجو۔۔۔ دعائن ۾ ياد
 
سائين نثار ابڙا توهان جا ڏاهپ سان ڀريل جواب تمام بهترين
ادا زاهد توهان جي ڳالهه به درست آهي،

سائين نثار ابڙا توهان جي جواب پڙهڻ کان پوءِ منهنجي ذهن ۾ ڪجهه سوال اڀريا آهن۔

1۔ توهان مونکي مٿي عبدو چيو آهي لفظ عبدو جو مطلب ڇا آهي؟
2۔ سائين ڇا انگريزن جي ڊڪشنري ۾ لفظ غيرت نه آهي؟
 
توهان مونکي مٿي عبدو چيو آهي لفظ عبدو جو مطلب ڇا آهي؟
دوست عبدو!
حق موجود؛
اسان وٽ هڪ غلط رسم آهي جن جا نالا الله جي صفت سان ڳنڊيل هوندا آهن ... مثلن عبدالوهاب، عبدالستار وغيره انهن کي ماڻهون ... ننڍو ڪري وهاب يا ستار ڪري ڪوٽيندا آهن ... جڏهن ته اهي خاصيتون الله جون آهن ان ڪري عرب سڳورا اهڙن نالن وارن ماڻهن کي ”عبدو“ يعني ” ٻانهو“ ڪري ڪوٺيندا آهن ... يعني الله جو ٻانهو ...

2
۔ سائين ڇا انگريزن جي ڊڪشنري ۾ لفظ غيرت نه آهي؟[/QUOTE]

مون مٿي ليک ۾ اها ڳالهه واضح ڪئي آهي ته غيرت صرف سنڌين جي حصي ۾ نه بلڪه دنيا جي سڀني انسانن جي حصي ۾ آهي ... غيرت وارو جذبو انسان جي فطرت ۾ آهي ... ڪائنات جو پهريون قتل به عورت جي معاملي ۾ ئي ٿيو هو ... جنهنکي اسان حضرت آدم عليه السلام جي پٽن هابيل ۽ قابيل واري ويڙه سان ياد ڪندا آهيون ...

مٺا ڀاءُ هڪ ٻي ڳالهه انسان الله جو شاهڪار آهي ... چاهي اهو انگريز هجي يا آفريڪي، اسانکي ان جي عزت ڪرڻي پوندي ... ۽ شاه جي چواڻي ته

ماڻهون سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهونءَ منج، اچي بوءِ بهار جي.

ادا عبدو! لطيف سڳوري ڪنهن هڪ قوم جي ماڻهن جي ڳالهه نه ڪئي آهي پوري ماڻهپي جي ڳالهه ڪئي آهي ...

اميد ته ڳالهه صاف ٿي هوندي جي نه ته آءُ حاضر آهيان ... بي جهجهڪ سوال ڪندا ڪريو، آءُ پنهنجي الله جي ڏني ۾ جا خبر هوندي سا اوهانکي ٻڌائيندس ۽ جي نه هوندي ته انڪار ڪندس ...

الله اسانکي علم جي دولت سان مالا مال ڪري ...آمين
 
سائين نثار ابڙو صاحب

اوهان جا ڏنل جواب تمام پيارا آهن۔۔ پر سائين ڪارو ڪاري واري معاملي تي ايترو چوندس ته جيڪڏهن صورتحال حقيقت تي مبني هجي ته پوءِ غيرت مند لاءِ ائين ڪرڻ مناسب رهندو۔۔۔ غيرت کان وڌيڪ ڪا ٻئي ڳالهه اهميت نٿي رکي۔۔۔

بهرحال ڪنهن کي به قتل ڪرڻ جو اختيار ڪنهن فرد واحد کي نه آهي، اهو ڪم حڪومتِ وقت جو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هرڪوئي پنهنجي مرضيءَ مطابق فيصلو ڪندو ته دنيا جو سمورو نظام درهم برهم ٿي ويندو. مثال واضح آهن ته ڪارو ڪاريءَ جي ڏوهه هيٺ (چاهي ڏوهه ثابت ئي هجي) قتل ٿيل مقتول جا وارث جيڪڏهن سگهارا آهن ته پوءِ بدلو وٺندا آهن ۽ اهو سلسلو هلندو ئي رهندو آهي ۽ نتيجي ۾ خاندان جا خاندان ختم ٿي ويندا آهن، امن ۽ امان تباهه ٿي ويندو آهي. قاتل هڪڙو هوندو آهي ۽ بدلو ٻي کان ورتو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن اها ئي سزا قانون جي طرفان ٻڌائي وڃي ته معاملو اُتي جو اُتي ئي ختم ٿي ويندو.

سائين نثاز ابڙي جي جوابن کان 100 سيڪڙو اتفاق ڪجي ٿو، البته جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ مڪمل اسلامي نظام قائم ٿي وڃي ته ڪارو ڪاريءَ جي ڪُڌي رسم جو مڪمل خاتمو آڻي سگهجي ٿو. پر ائين ٿيندي ڏسڻ ۾ نٿو اچي.
 
سائين نثار ابڙو جن جي بهترين لکڻي ۽ ان جي موٽ ۾ دوستن جي راين مان ڳالهه ثابت ٿي چڪي ته غيرت جي نانءَ تي قتل ڪرڻ واري ڪڌي رسم ”ڪارو ڪاري“ جنهن کي اسان جو پڙهيل طبقو پڻ سنڌ جي ثقافت سڏيندو آهي نه صرف غلط آهي پر پنهنجي دين اسلام ۾ پڻ ان جي اجازت نه آهي۔۔۔۔
هاڻي سوال وري اتي ئي موجود آهي ته اسلامي قانون جيسيتائين ملڪ ۾ لاڳو ٿئي تيسيتائين اهڙي عمل کي ڪيئن روڪجي۔۔۔۔
 
سائين نثار ابڙو صاحب توهان جو جواب پڙهي ڪري اصل 100 فيصد مطمئن ٿي ويس.


سائين نثاز ابڙي جي جوابن کان 100 سيڪڙو اتفاق ڪجي ٿو، البته جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ مڪمل اسلامي نظام قائم ٿي وڃي ته ڪارو ڪاريءَ جي ڪُڌي رسم جو مڪمل خاتمو آڻي سگهجي ٿو. پر ائين ٿيندي ڏسڻ ۾ نٿو اچي.
ادا ابو زين توهان بلڪل سچ چئي رهيا آهيو. shal judy hujeen lajwab-sharing
 
Back
Top