ڪيسين سَهندين سُور، او ساٿي ابراهيم منشي ڪيسين سَهندين سُور، او ساٿي، ڪيسين سَهندين سور، گھَڙيءَ گھڙيءَ ۾ گھاءُ نئون ۽ وِک وِک تي وهلور. ڏيھ سڄي ۾ ڇيڙيل ڏينڀو ڏيھ ڌڻين کي ڏنگ هڻن، وِک وِک تي سي ويڙهيچن کي واريو ڦيريو وَنگ وجھن، سُورن ماريل سانگيئڙن جا چؤڏس ٻُڌ پيا چنگ چُرن، پنهنجي گھر ۾ مرضن جا ماريل ماروئڙا مجبور او ساٿي! خون اسان جو پيئندي پيئندي پاپين ڪِيئڙا پيٽ وڏا، ڳِڙڪائي ويا ظالم ڪيئي مظلومن جا ماس هڏا، زر زمين جا مالڪ بنجي ويٺا ٺاهي عيش اَڏا، مُهر زبان تي ماروئڙن جي، ناهي ڪُڇڻ دستور او ساٿي! هتي هلن پيا ڪئين هزارين ون يونٽ جا واپاري، آڙ وٺي اسلام سَندي، غدار ڪندا هي غداري، وري ڪندا نيلام نئون، هي پئسي جا آهن پوڄاري، متان ڙي وانگي وڃين نه وِڪجي، دوکي کان رھ دُور او ساٿي! جاڳي پيا پُٽ جيجل جا اڄ جاڳي پيا جانباز ڪئين، پَرمارن جا پير نه کُپندا، شاهي وريا شهباز ڪئين، سُوري کي سي سيج ٿا سمجھن اچن ڪريو نَٽ ناز ڪئين، ڪهڙا چاڙهي چاڙهيندي تون، ملڪ سڄو منصور او ساٿي! اچو ته ”منشي“ متفق ٿي اڄ ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي، ظلم سَندا زنجير هٿن سان پاڻ ئي پنهنجي ٻاريون ڙي، سِر رکي سانڌاڻ مٿي ۽ مستقبل ته سنواريون ڙي، وقت اسان کي ساٿ ڏنو آ، منزل ناهي دُور او ساٿي!