ڪيسين سَهندين سُور، او ساٿي۔۔۔

'مُنشي ابراهيم' فورم ۾ آرزو طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2011۔

  1. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    ڪيسين سَهندين سُور، او ساٿي

    ابراهيم منشي



    ڪيسين سَهندين سُور، او ساٿي، ڪيسين سَهندين سور،
    گھَڙيءَ گھڙيءَ ۾ گھاءُ نئون ۽ وِک وِک تي وهلور.

    ڏيھ سڄي ۾ ڇيڙيل ڏينڀو ڏيھ ڌڻين کي ڏنگ هڻن،
    وِک وِک تي سي ويڙهيچن کي واريو ڦيريو وَنگ وجھن،
    سُورن ماريل سانگيئڙن جا چؤڏس ٻُڌ پيا چنگ چُرن،
    پنهنجي گھر ۾ مرضن جا ماريل ماروئڙا مجبور او ساٿي!

    خون اسان جو پيئندي پيئندي پاپين ڪِيئڙا پيٽ وڏا،
    ڳِڙڪائي ويا ظالم ڪيئي مظلومن جا ماس هڏا،
    زر زمين جا مالڪ بنجي ويٺا ٺاهي عيش اَڏا،
    مُهر زبان تي ماروئڙن جي، ناهي ڪُڇڻ دستور او ساٿي!

    هتي هلن پيا ڪئين هزارين ون يونٽ جا واپاري،
    آڙ وٺي اسلام سَندي، غدار ڪندا هي غداري،
    وري ڪندا نيلام نئون، هي پئسي جا آهن پوڄاري،
    متان ڙي وانگي وڃين نه وِڪجي، دوکي کان رھ دُور او ساٿي!

    جاڳي پيا پُٽ جيجل جا اڄ جاڳي پيا جانباز ڪئين،
    پَرمارن جا پير نه کُپندا، شاهي وريا شهباز ڪئين،
    سُوري کي سي سيج ٿا سمجھن اچن ڪريو نَٽ ناز ڪئين،
    ڪهڙا چاڙهي چاڙهيندي تون، ملڪ سڄو منصور او ساٿي!

    اچو ته ”منشي“ متفق ٿي اڄ ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي،
    ظلم سَندا زنجير هٿن سان پاڻ ئي پنهنجي ٻاريون ڙي،
    سِر رکي سانڌاڻ مٿي ۽ مستقبل ته سنواريون ڙي،
    وقت اسان کي ساٿ ڏنو آ، منزل ناهي دُور او ساٿي!
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪيسين سَهندين سُور، او ساٿي۔۔۔

    بهترين ونڊ آهي ادا .
     
  3. باري ڀٽي

    باري ڀٽي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2011
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي
    جواب: ڪيسين سَهندين سُور، او ساٿي۔۔۔

    تمام بھترين ادا ۔۔۔۔ ماشاالله تمام سٺي ونڊ آھي۔۔۔۔
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    ابراھيم جن جي بھترين شاعري ونڊڻ جي مھرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    323
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ
    لاجواب ونڊ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو