• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

مست

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جي سونهن، ڀلي پار ۾ رهندڙ ، سنڌ سلامت جي نائب منتظم سائين نثار ابڙو کي سنڌ سلامت تي پنهنجي ڏاهپ سان ڀريل موضوعن ۾ 500 جو انگ مڪمل ڪرڻ تي دل جي گهرائين سان مبارڪ ڏجي ٿي۔
mms7b6.jpg
 
جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

ســـائـــين جن جي ڇا ڳالھ ڪجي...سڀ موضوع ڏاهپ وارا ۽...تمام سهڻي سبق وارا هوندا آهن..سنڌيت سان پيار ڪندڙ سائين نثار ابڙو صاحب جن کي مون مسڪين پاران به مبارڪون.
 
جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

سنڌ سلامت فورم جي اڱڻ تي هونءَ ته کوڙ ساترا دوست آهن جن جون خدمتون ۽ سچايون هن اڱڻ کي دائم ۽ قائم رکڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن سائين محترم نثار ابڙو صاحب پڻ هن اڱڻ جي آسمان تي هڪ چمڪندڙ ستارو آهن، جنهن جي روشنيءَ سان اسانجهڙا ڪيترائي دوست دڳ لڳي پيا آهن سائين هڪ اهڙو ستارو آهي جو جيئن اڀريو آهي ته ماشاء الله لهڻ جو سوال ئي پئدا نه ٿيو آهي . هميشه پنهنجين مصروفيتن مان وقت ڪڍي سنڌ سلامت جي ڀلي ۾، دوستن جي مدد ۾ ۽ هر وقت ڪنهن استاديءَ واري سوچ سان ڪي سهڻا ليک ونڊ ڪندو رهندو آهي ۔ انڪري هر وقت هن اڱڻ جي سونهن ۽ سينگار ۾ پاڻ ملهائيندا رهن ٿا .
سائين محترم نثار ابڙو صاحب کي دل جي گهراين سان هن اڱڻ تي 500 ٿريڊ پورا ڪرڻ تي واڌايون ۔۔۔ اميد ته دوست پنهنجي پوري جوش ۽ جذبي سان سنڌ ۽ سنڌيت جي خدمت ۾ پاڻ ملهائيندو رهندو.

هڪ دفعو ٻيهر سائين کي 500 ٿريڊ مڪمل ڪرڻ تي دل جي گهرائين سان مبارڪون هجن
دعا ۾ ياد

سدائين گڏ
 
جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

سائين محترم نثار ابڙو صاحب جي لاء مان ته صرف ايترو چوندس ته جئين ستارن ۾ چنڊ نمايان هوندو آهي ائين سائين نثار ابڙو به ائين ئي روشن، سونهن ۽ سينگار جو سر چشمو، آهي۔
سنڌ سلامت فورم جي اڱڻ کي ائين اجاريو ويٺو آهي جئين هڪ گهر جو وڏو هر شئي کي سنڀاليون ويٺو هجي۔

سنڌ ء سنڌيت سان پيار ڪندڙ سائين نثار ابڙو صاحب جن کي مون مسڪين پاران به لک مبارڪون.
 
جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

سائين نثار ابڙو صاحب جن کي 500 بهترين لاجواب موضوع پورا ڪرڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪون هجن۔۔
شال الله اسان جي حياتي به انهن کي ڏيڻ فرمائي۔۔۔آمين۔
 
جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

سائين اسان جي طرف کان به توهان کي 500 مرتبه مبارڪ...........
 
جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

سائين پرديسي صاحب جن کي هن غريب پاران به لکين واڌايون، مولا اوهان کي هميشه پنهنجي حفظ وامان ۾ رکي۔​
سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔
 
جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

سائين جن لاء هي عاجز به دعاگو آهي ته رب ڪريم پنهنجي خصوصي ڪرم سان کين صحت و عافيت واري وڏي ڄمار بخشي . ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪو ڪو ماڻهو موتيء داڻو اهڙو املهه هيرو الله تعالى اسان کي هن اڱڻ تي ملايو آهي سندن هر تحرير سبق آموز مدبرانه سوچ سان ڀريل هوندي آهي الله تعالى کين ۽ سندن اهل و عيال کي سلامت رکي.
 
جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

جو قوم جياري اهو جيئندو رهندو
جو عام اجاري اهوجيئندو رهندو
مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ
جو سنڌ سنواري سو جيئندو رهندو

سائين نثار ابڙو صاحب کي 500 موضوع موڪلڻ تي سلام ٿا پيش ڪيون۔

سائين نثار ابڙو جو هر ليک سون جي ورقن ۾ سجائڻ جهڙو هوندو آهي. سندس ڏاهپ مان اسان جهڙن جاهلن ۽ ادب کان اڻ واقفن گهڻو ڪجه سکيو آهي. سندس لفظن جي گهرائي اندر ۾ جهير وجهڻ لاء ڪافي هوندي آهي۔ ڪچهريء جو مور ، ڏاهپ جو سمنڊ ۽ دانائيء جو محور سائين نثار اسان لاء هميشه رهنما رهيو آهي۔ سندس سنڌ سان عبادت جي حد تائين عشق ڏسي مان سوچيندو آهيان ته سائين سنڌ کان هزارين ميل ڏور ڪيئن ٿو گذاري ؟

سنڌ سلامت جي سموري ٽيم کيس اهڙي سونهري پورهئي تي سلام پيش ٿي ڪري ۽ دعا ٿي ڪري ته پاڻ هميشه خوش رهن ۽ مسڪرائيندا رهن۔​
 
جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

سائين جن لاء هي عاجز به دعاگو آهي ته رب ڪريم پنهنجي خصوصي ڪرم سان کين صحت و عافيت واري وڏي ڄمار بخشي . ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪو ڪو ماڻهو موتيء داڻو اهڙو املهه هيرو الله تعالى اسان کي هن اڱڻ تي ملايو آهي سندن هر تحرير سبق آموز مدبرانه سوچ سان ڀريل هوندي آهي الله تعالى کين ۽ سندن اهل و عيال کي سلامت رکي.

آمين......
 
جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

ادا محترم مانوارا الله اوهان کي پنهنجي آمان ۾ رکي ۔ اسان جهڙن لا اوهان جا اهي 500 مضمون حوصله پيدا ڪري ڇڏيا آهن۔ جيڪر انسان ٿوري محنت ۽ وقت ڪڍي پنهنجن ڀائرن لا ڪجه دل جا احوال ، اصلاح عمل ، پنهنجي هم وطنن لا ڪجه ڪرڻ جو عزم ڪري ته اوهان هن جا مصداق آهيو ۔
دعا آهي ته اوهان جو ساٿ قائم ۽ دائم رهي ، آمين
 
جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

سائين منهنجا۔توهان کي 500 ليک هن اوطاق تي لکڻ ۽ موڪلڻ تي دل جي گهرائن سان مبارڪ ٿا پيش ڪيون۔ڪجه توهان جي تحريرون پڙهڻ جو اتفاق ٿيو آهي،ڏاڍيون ڪارائتون،وزنائتيون ۽ معلومات سان ڀريل هيون۔ا

اسان کي توهان جي پاڪستان اچڻ جو انتظار آهي۔ان موقعي تي اسان ادا رشيد سمون ۽ ٻين هن اوطاق جي صاحب اختيار ميمبرن کي گذارش ڪنداسين ته ڪا گيٽ ٽو گيدر رکن ته جيئن سڀ ميمبر هڪ ٻئي سا ن آمهون سامهون ملي سگهن۔
 
جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

سائين ابڙا صاحب الله اوهان جي علم ۾ ايترو اضافو ڪري جنهنجي ڇانوَ هر سو هجي اوهان اسان جا محترم مهربان آهيو اوهان جي انهن ڪاوشن لاءِ لفظ مبارڪ تمام ننڍو آهي پر ان جو متبادل به ٻيو ڪو لفظ ناهي سو بس اهو ئي چئؤن ٿا ته اوهان کي مبارڪون هجن ۔ وسلام
 
جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

ادا نثار 500 موضوع, مڪمل ڪرڻ تي آئون توهان کي مبارڪ منهجي لکيل هنن لفظن سان ڏيانٿو

پرديس ۾ رهي فرض سنڌهه سلامت تنهنجو نڀائينداسين
سنڌهه سلامت دنيا جي هر سندين تائين پهچا ئينداسين
چاهي وقت اسان لا ڪيترو مصروفيتن ڄار وڇائي
پو به سنڌهه سلامت تنهنجو نالو دنيا ۾ اونچو ڪنداسين
 
جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

سائين منهنجا۔توهان کي 500 ليک هن اوطاق تي لکڻ ۽ موڪلڻ تي دل جي گهرائن سان مبارڪ ٿا پيش ڪيون۔ڪجه توهان جي تحريرون پڙهڻ جو اتفاق ٿيو آهي،ڏاڍيون ڪارائتون،وزنائتيون ۽ معلومات سان ڀريل هيون۔ا

اسان کي توهان جي پاڪستان اچڻ جو انتظار آهي۔ان موقعي تي اسان ادا رشيد سمون ۽ ٻين هن اوطاق جي صاحب اختيار ميمبرن کي گذارش ڪنداسين ته ڪا گيٽ ٽو گيدر رکن ته جيئن سڀ ميمبر هڪ ٻئي سا ن آمهون سامهون ملي سگهن۔

سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب مهرباني

سچ پڇو ته اوهان منهنجي دل جي ڳاله ڪري ڇڏي آهي۔ سائين نثار ابڙو جون ڳالهيون هجن، سنڌ سلامت هجي ، سنڌ سلامت جا سڀ دوست گڏ هجن، هڪ ٻئي سان حالي احوالي ٿين ، هڪ ٻئي سان ڏک سور ونڊن ۔۔۔۔۔۔۔ بهترين آئيڊيا آهي۔

ڪاله رات جو سنڌ سلامت جي هڪ ٻئي نائب منتظم علي علي جي انتظار ۾ اسان کي رات ٿي وئي ۽ ڪجه دوست هوٽل تي ويٺي سندس انتظار به ڪيوسين ۽ سنڌ سلامت ۽ سنڌ جي اشوز تي گهڻي ڪچهري ٿي۔ دوستن ۾ ادا رشيد ، ادا ممتاز وگهيو ، ادا طاهر، ادا عرس پريو ، سائين غلام مرتضى وساڻ ۽ مان گڏ هياسون۔ سچ پڇو ته وقت ڪيئن گذريو ان جو احساس ئي ڪونه ٿيو۔

اوهان جي ڳاله جي مان ڀرپور تائيد ڪندس ۽ جڏهن سائين نثار ابڙو سنڌ ايندو ته سڀني دوستن سان گڏ سنڌ سلامت پڪنڪ پروگرام رکبو۔ مان چاهيان ٿو ته سنڌ سلامت جو نيٽ ورڪ سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ هجي ۔ ڪجه ڏينهن اڳ جڏهن سڪرنڊ ويجهو منهنجو ايڪسيڊنٽ ٿيو هو سائين مولوي رحيم بخش جن پهتا هئا ته مونکي تمام گهڻي آٿت ٿي هئي۔

ميمڻ صاحب جي تائيد ۾ پنهنجو ووٽ به آهي ۽ ادا رشيد ۽ فقير ڦلپوٽي تي اها ذميوري آهي ته هو اهو سڀ مينيج ڪندا ۽ منهنجو ساڻن ڀرپور ساٿ هوندو۔
 
بلڪل ادا۔۔ جڏهن سنڌ سلامت جا دوست هڪ ٻئي سان گڏجي ويهندا آهن ته وقت جو احساس نه ٿيندو آهي۔۔ هينئر تائين الحمد الله منهنجي سائين رشيد سمون، سائين نثار ناز، علي علي، غلام علي شاهه، عرس پريو، طاهر سنڌي سان ملاقات ٿي چڪي آهي، انهن سان ڪچهري ۾ وقت جي خبر نه پوندي آهي، اميد ته الله تعالى ٻين دوستن سان به ملائيندو۔۔ سنڌ سلامت جي ٻئين سالگره ويجهو آهي، جيڪڏهن ان موقعي تي ڪجهه اهڙو پروگرام ترتيب ڏنو وڃي ته واهه واهه۔۔ سائين نثار ناز ان سلسلي ۾ پڻ ڪجهه ڳالهايو هو۔۔۔​
 
جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

ادا نثار ابڙا صاحب الله اوهان جي علم ۾ اڃا ايترو اضافو ڪري جنهن جي ڇانوَ هر سو هجي اوهان اسان جا محترم مهربان آهيو اوهان جي انهن ڪاوشن لاءِ لفظ مبارڪ تمام ننڍو آهي پر ان جو متبادل به ٻيو ڪو لفظ ناهي سو بس اهو ئي چئؤن ٿا ته اوهان کي اسان جي طرفان به مبارڪون هجن ۔۔۔۔۔۔​
 
جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

سنڌ سلامت جي هن سهڻي اوطاق جي سڀني سنڌ دوستن جا قرب ۽ وڏي نظر جن منهنجين ننڍڙين ڪاوشن جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ نيڪ خواهشون ظاهر ڪيون آهن ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا، ڳڻي ڳڻبا ڪيترو ۔۔۔

دوستي رکجي ته نڀائجي واري اصول کي مڃيندي اسين سڀ سنڌ سلامت جا رڪن دوستي نڀائي رهيا آهيون ، دوستي سنڌ سان ۔۔۔ دوستي سنڌ جي فڪر سان ۔۔۔ دوستي سنڌ جي ادب سان ۔۔۔ دوستي سنڌ ۽ سنڌيت سان ۔۔۔ جيتوڻيڪ فرض جو بار ته گهڻو آهي پر پوءِ به جيترو فرض نڀائجي اوترو سرخرو ٿيڻ ۾ آساني ٿئي ٿي ۔۔۔ ۽ اهو فرض جڏهن گڏجي ادا ڪجي ٿو ته سنڌ سلامت جهڙي اوطاق تيار ٿئي ٿي۔

اسانجي هڪ دوست مصطفي ميمڻ هڪ صلاح پيش ڪئي آهي ته جڏهن آءُ سنڌ اچان ته دوست پاڻ ۾ هڪ گڏجاڻي رکون ۽ حالي احوالي ٿيون ۔۔۔

بيشڪ دوست مصطفي ميمڻ اوهان منهنجي دل جي ڳالهه ڪئي آهي، انشاء الله آءُ هر دفعي رمضان واري عيد اچي سنڌ ۾ پنهنجن پيارن سان ڀاڪر پائي ڪندو آهيان ۔۔۔ هن دفعي جڏهن اچبو ته هڪ دعوت جو اهتمام ڪبو ۽ هڪ سٺي جڳهه تي پڪنڪ نموني جي گڏجاڻي رکبي، جنهن ۾ سڀني دوستن کي دعوت ڏبي ۽ حالي احوالي ٿبو۔

اميد ته سڀ دوست ڀرپور موٽ ڏيندا ۽ سنڌ سلامت جي اوطاق جو اهو هڪ تاريخي عمل ٿيندو ۔۔۔ انشاء الله

هڪ دفعو ٻيهر سنڌ سلامت جي مڙني دوستن جا ٿورا ۽ قرب جن عزت افزائي ڪئي آهي ۽ مان ڏنو آهي ۔۔۔

کلان ته کامي هينئون، روئـــان ته راند،
اکڙيون ويساند، پرينءَ گڏجي ڪنديون۔
 
جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

سائين منهنجا اسان دل جي گهرائن سان آوهان کي وليڪم ڪنداسين۔توهان جي اچڻ جو انتظار رهندو۔هت هجو يا هُت هجو جٿي ب هجو آلله سائين جي فضل سان خوش هجو۔
 
جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

هڪ دفعي ارادو ٿيو ته ڪو ڇهه ماهي يا ٽماهي سنڌ سلامت ميگزين مارڪيٽ ۾ آڻجي جنهن سان پنهنجي ٻولي جي مواد کي هٿي ملڻ سان گڏو گڏ اهي دوست جيڪي اڃان نيٽ تي اچي نه سگهيا آهن۔۔۔ هن هارڊ ڪاپي مان لاڀ حاصل ڪن۔۔۔ پر سوچيم ته فورم ته هڪ کليل اوطاق ٿيندي آهي جتي هر قسم جا موضوع ايندا رهندا آهن۔۔۔ پر ميگزين لاءِ ڪجهه سنجيده قسم جو اهڙو مواد گهرجي جنهن کي نه صرف دوست پاڻ پڙهن پر دوستن تائين به آڻين ۔۔۔ الجهي پيس ته اهڙو مواد سنڌ سلامت تي ملندو به يا نه پر اهو ٻڌائيندي فخر ٿي رهيو آهي ته فورم تي جتي غير سنجيده مواد اچي ٿو اتي سنجيده مواد جي به گهٽتائي نه آهي۔۔۔ شابس آهي اهڙن دوستن کي جيڪي پنهنجي جستجو کي جاري رکيو اچن۔۔۔ اهڙن دوستن سائين نثار ابڙو جو مقام مٿانهون آهي۔۔۔
سائين نثار ابڙو جا لک لائق جو ايترو مصروفيت هجڻ باوجود مسلسل فورم تي حاضري ڀرائيندا رهن ٿا۔۔۔ ۽ پنهنجي خوبصورت لکڻين سان فورم کي سينگاريندا رهن ٿا۔۔۔ سندس جا اهي موضوع يقينن وڏو ملهه رکن ٿا۔۔۔ جن لاءِ سائين جا وڏا وڙ اميد ته پنهنجي اهڙن ناياب موضوعن کي جلد ئي ٻيڻو ڪندا۔۔۔

جيتري قدر گيٽ ٽوگيدر جو سوال آهي ته سال ۾ هڪ ٻه دفعا اهڙو موقعو پيدا ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ سائين نثار ابڙو جي ڪچهري ۾ ويهجي ته اٿڻ تي بلڪل به دل نه چوندي آهي۔۔۔ خواهش آهي ته سنڌ سلامت جي ٻين سالگره تي سائين نثار ابڙو اسان سان ساڻ هجن۔۔۔
 
Back
Top