• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

هڪ دفعي ارادو ٿيو ته ڪو ڇهه ماهي يا ٽماهي سنڌ سلامت ميگزين مارڪيٽ ۾ آڻجي جنهن سان پنهنجي ٻولي جي مواد کي هٿي ملڻ سان گڏو گڏ اهي دوست جيڪي اڃان نيٽ تي اچي نه سگهيا آهن۔۔۔ هن هارڊ ڪاپي مان لاڀ حاصل ڪن۔۔۔ پر سوچيم ته فورم ته هڪ کليل اوطاق ٿيندي آهي جتي هر قسم جا موضوع ايندا رهندا آهن۔۔۔ پر ميگزين لاءِ ڪجهه سنجيده قسم جو اهڙو مواد گهرجي جنهن کي نه صرف دوست پاڻ پڙهن پر دوستن تائين به آڻين ۔۔۔ الجهي پيس ته اهڙو مواد سنڌ سلامت تي ملندو به يا نه پر اهو ٻڌائيندي فخر ٿي رهيو آهي ته فورم تي جتي غير سنجيده مواد اچي ٿو اتي سنجيده مواد جي به گهٽتائي نه آهي۔۔۔ شابس آهي اهڙن دوستن کي جيڪي پنهنجي جستجو کي جاري رکيو اچن۔۔۔ اهڙن دوستن سائين نثار ابڙو جو مقام مٿانهون آهي۔۔۔
سائين نثار ابڙو جا لک لائق جو ايترو مصروفيت هجڻ باوجود مسلسل فورم تي حاضري ڀرائيندا رهن ٿا۔۔۔ ۽ پنهنجي خوبصورت لکڻين سان فورم کي سينگاريندا رهن ٿا۔۔۔ سندس جا اهي موضوع يقينن وڏو ملهه رکن ٿا۔۔۔ جن لاءِ سائين جا وڏا وڙ اميد ته پنهنجي اهڙن ناياب موضوعن کي جلد ئي ٻيڻو ڪندا۔۔۔

جيتري قدر گيٽ ٽوگيدر جو سوال آهي ته سال ۾ هڪ ٻه دفعا اهڙو موقعو پيدا ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ سائين نثار ابڙو جي ڪچهري ۾ ويهجي ته اٿڻ تي بلڪل به دل نه چوندي آهي۔۔۔ خواهش آهي ته سنڌ سلامت جي ٻين سالگره تي سائين نثار ابڙو اسان سان ساڻ هجن۔۔۔


جيڪڏهن سائين هوندو ته فقير به انشاالله پهچي ويندو

انتظار رهندو سالگره جو ............. سنگت سان ملاقات جو

سدائين گڏ
 
جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

مست به انشاءَ‌الله تيستائين واندو ٿي ويندو، انٽرنشپ ختم ٿي ويندي
 
جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔


attachment.php
۔
اهڙن دوستن ۾ سائين نثار ابڙو جو مقام مٿانهون آهي۔​
هڪ دفعي ارادو ٿيو ته ڪو ڇهه ماهي يا ٽماهي سنڌ سلامت ميگزين مارڪيٽ ۾ آڻجي جنهن سان پنهنجي ٻولي جي مواد کي هٿي ملڻ سان گڏو گڏ اهي دوست جيڪي اڃان نيٽ تي اچي نه سگهيا آهن۔۔۔ هن هارڊ ڪاپي مان لاڀ حاصل ڪن۔۔۔ پر سوچيم ته فورم ته هڪ کليل اوطاق ٿيندي آهي جتي هر قسم جا موضوع ايندا رهندا آهن۔۔۔ پر ميگزين لاءِ ڪجهه سنجيده قسم جو اهڙو مواد گهرجي جنهن کي نه صرف دوست پاڻ پڙهن پر دوستن تائين به آڻين ۔۔۔ الجهي پيس ته اهڙو مواد سنڌ سلامت تي ملندو به يا نه پر اهو ٻڌائيندي فخر ٿي رهيو آهي ته فورم تي جتي غير سنجيده مواد اچي ٿو اتي سنجيده مواد جي به گهٽتائي نه آهي۔۔۔ شابس آهي اهڙن دوستن کي جيڪي پنهنجي جستجو کي جاري رکيو اچن۔۔۔ اهڙن دوستن ۾ سائين نثار ابڙو جو مقام مٿانهون آهي۔۔۔
۔۔۔
سنڌ سلامت جي بهترين ۽ علم ادب واري شخصيت محترم نثار ابڙو صاحب کي هن ناچيز ممتاز علي وگهيو طرفان به سنڌ سلامت تي 500 موضون پورا ڪرڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪ هجي، سنڌ سلامت تي نه صرف بهترين ۽ بيمثال موضون ونڊ ڪندڙ سائين نثار ابڙو صاحب آهن پر سنڌ سلامت جي هر تحرير تي نظر رکي ڪري ان جو سهڻي نموني ۽ جامع جواب ڏيڻ به سائين نثار ابڙي صاحب کان سکجي۔۔۔ پاڻ تقريبن هر تحرير تي نظر رکندا آهن پر ان تحرير تي سهڻو ۽ جامع جواب پڻ ڏيندا آهن، هون ته مون کي سنڌ سلامت جي هر ميمبر جو اهيو انتظار رهندو آهي ته اهو منهنجي ڪيل ونڊ تي جواب لکن پوء اهي ڇو نه تنقيدي هجن، پر سڀ کان وڌيڪ انتظار اگر رهندو آهي ته اهي آهن محترم دوست سائين نثار ابڙا صاحب، نثار صاحب هي اسان جو دوست ڄاڻو علم ادب سان محبت جي حد تائين چاهه رکندڙ ۽ يارن جا يار ليکڪ آهن، پاڻ سنڌ ڌرتي، سنڌي ماڻهون ۽ سنڌي ٻولي سان ٻٽيهه دليون لائي ويٺا آهن جنهن جي خوشبوء سندس لکڻين مان پڻ ايندي رهندي آهي، ان ڏينهن به جڏهن محترم دوست عبدالرشيد سمون صاحب جن اسان سنڌ سلامت جي ڪجهه ساٿين سان ڪچهري ڪرڻ لاء هڪ ڪراچي ۾ هوٽل تي دعوت رکي هئي ته ان ڪچهري ۾ به اسان جن دوستن محترم ابڙي صاحب جي تمام گهڻي تعريف ڪئي، ۽ پاڻ سنڌ سلامت جا اهي ساٿي آهن جن جو اهيو پڻ ڪردار رهيو آهي ته اهي سنڌ سلامت جي مختلف ڪاوڙيل دوستن کي پڻ پرچايو آهي، دوستي ۾ دوستن کي پرچائڻ جو فن به کيس کان سکجي ته بهتر آهي، ۔۔۔ ادا ابڙا صاحب توهان سان ملڻ لاء ۽ ڪچهري ڪرڻ لاء به دل سٽون کائيندي رهندي آهي پر سائين ڇا ڪجي؟ توهان به ته سنڌ سان محبت هوندي سنڌ کان ڪوهين ڏور ويٺا آهيو، ڪجي ته ڇا ڪجي؟۔۔۔۔۔ خير زندگي آهي ۽ نصيب ۾ پڻ آهي ته اڄ نه ته سڀاڻي انشاءالله ملاقات به ٿيندي، بس دلين ۾ محبتون قائم هجن۔ بس ادا مان ته آخر ۾ اهيوئي چوندس ته ابڙا صاحب توهان سنڌ سلامت سان جيءُ ۾ جادو لائي ۽ پوء توڙ نڀايو۔بس بقول محترم عبدالرشيد سمون صاحب ته ۔۔۔ اهڙن دوستن ۾ سائين نثار ابڙو جو مقام مٿانهون آهي۔۔۔
۔

http://www.youtube.com/watch?v=TQTrAg6moo8
 
جواب: سائين نثار ابڙو کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔۔۔

هڪ دفعي ارادو ٿيو ته ڪو ڇهه ماهي يا ٽماهي سنڌ سلامت ميگزين مارڪيٽ ۾ آڻجي جنهن سان پنهنجي ٻولي جي مواد کي هٿي ملڻ سان گڏو گڏ اهي دوست جيڪي اڃان نيٽ تي اچي نه سگهيا آهن۔۔۔ هن هارڊ ڪاپي مان لاڀ حاصل ڪن۔۔۔ پر سوچيم ته فورم ته هڪ کليل اوطاق ٿيندي آهي جتي هر قسم جا موضوع ايندا رهندا آهن۔۔۔ پر ميگزين لاءِ ڪجهه سنجيده قسم جو اهڙو مواد گهرجي جنهن کي نه صرف دوست پاڻ پڙهن پر دوستن تائين به آڻين ۔۔۔ الجهي پيس ته اهڙو مواد سنڌ سلامت تي ملندو به يا نه پر اهو ٻڌائيندي فخر ٿي رهيو آهي ته فورم تي جتي غير سنجيده مواد اچي ٿو اتي سنجيده مواد جي به گهٽتائي نه آهي۔۔۔ شابس آهي اهڙن دوستن کي جيڪي پنهنجي جستجو کي جاري رکيو اچن۔۔۔ اهڙن دوستن سائين نثار ابڙو جو مقام مٿانهون آهي۔۔۔
سائين نثار ابڙو جا لک لائق جو ايترو مصروفيت هجڻ باوجود مسلسل فورم تي حاضري ڀرائيندا رهن ٿا۔۔۔ ۽ پنهنجي خوبصورت لکڻين سان فورم کي سينگاريندا رهن ٿا۔۔۔ سندس جا اهي موضوع يقينن وڏو ملهه رکن ٿا۔۔۔ جن لاءِ سائين جا وڏا وڙ اميد ته پنهنجي اهڙن ناياب موضوعن کي جلد ئي ٻيڻو ڪندا۔۔۔

جيتري قدر گيٽ ٽوگيدر جو سوال آهي ته سال ۾ هڪ ٻه دفعا اهڙو موقعو پيدا ڪري سگهجي ٿو۔۔۔ سائين نثار ابڙو جي ڪچهري ۾ ويهجي ته اٿڻ تي بلڪل به دل نه چوندي آهي۔۔۔ خواهش آهي ته سنڌ سلامت جي ٻين سالگره تي سائين نثار ابڙو اسان سان ساڻ هجن۔۔۔

محترم دوست رشيد سمون صاحب، اوهان جهڙا پيارا، ڏاها ۽ سنڌ سان سچائيءَ رکندڙ دوست ساٿ ۾ هجن ته ڪيترائي واهڙ پار ڪري وڃبا، حقيقت اها آهي ته جڏهن اوهانجي مصروفيتن کي ڏسي سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ پاڻ پتوڙيندي ڏسندو آهيان ته پنهنجي حال تي شرمده ٿيندو آهيان، ۽ سنڌ سلامت کولي ويهندو آهيان پنهنجي روح کي تازگي ڏيڻ لاءِ ۔۔۔ جيئن هاڻ آءُ اسپتال مان آيس ڊاڪٽرن آرام جو چيو آهي پر بستري تي ليٽي به سنڌ سلامت کولي ويٺو روح ريجهايان۔۔۔ خئير آهي، زندگي آهي به گهڻي ٽن ڏينهن جي هڪ ٻاراڻي وارو هڪ پوڙهپ جو ۽ وچ واري عمر وارو ڏينهن ته نه سمجهه ۾ ايندڙ ڳجهارت آهي ۔۔۔ سو ڇونه سنڌ، قوم ۽ دوستن سان گذارجي ۔۔۔

رب اوهانکي خوش ڪري پر باقي اوهانجي صلاح سٺي آهي ته هڪ ڇهه ماهي يا سالانه مئگزين ڪڍجي، مواد ته تمام گهڻو موجود آهي، جيڪڏهن هر سيڪشن مان ڪجهه ڪجهه ليک چونڊ ڪبا ته هڪ سهڻي مئگزين تيار ٿيندي ۔۔۔ پر اصل ۾ اهو ڪم به ڪل وقتي نوڪري آهي ۽ پئسي جو خرچ الڳ، پاڻ سڀ نوڪرين وارا ۽ ڪجهه سنڌ کان ٻاهر سو ٻليءَکي گهنڊڙي ڪير ٻڌي؟ اول ڳالهه ته پاڻ سڀ دوست وري آهيون به انگريزي پهاڪي جيئان ” هٿ کان وات“ ، ٻي ڳالهه ته پاڻ دوست ڪا شيئ کپائي پئسه موٽائڻ به نه ڄاڻون ۔۔۔ سو الله مالڪ آهي، ۔۔۔

باقي ها سنڌ سلامت جي سالگره ته شايد اپريل ۾ ٿيندي ۽ پنهنجو پروگرام اپريل نه پر آگسٽ جو ٺهيو آهي، انڪري اوهان دوست ڀل اپريل ۾ گڏجي هڪ دعوت کائو، جڏهن آءُ ايندس ته گڏجاڻي ڪرڻ جي منصوبه بندي ڪري وٺنداسون۔ دعا ڪريو، ڇاڪاڻ چوندا آهن ته سامان سئو ورهين جو پر پل جي خبر ناهي۔

ٿورا ناهن ٿورا سڄڻن جا ۔۔۔
 
Back
Top