نامياري شاعر ، نثر نويس ۽ براڊ ڪاسٽر مختيار ملڪ جو جنم خيرپور ميرس ۾ 21 ڊسمبير 1959 ۾ ٿيو. مئٽرڪ ناز پائلٽ اسڪول مان ۽ انٽر سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان پاس ڪيائين. شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان آرگينڪ ڪيمسٽري ۾ ماسٽرس ڪرڻ سان گڏ ماس ڪميونيڪيشن ۾ به ماسٽرس ڪيائون. ان کانپوء پاڻ ريڊيو پاڪستان ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي سان لاڳاپيل رهيا. 80 ۽ 90 جي دور ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي نشريات کي عروج تي پهچائڻ ۾ شوڪت خاصخيلي ، نصير سومرو ۽ مختيار ملڪ پيش پيش رهيا۔
پاڻ سٺا شاعر پڻ آهن ۽ سندن شاعري مختلف رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي. ان کانسواء سندن شاعري جا هيٺيان ڪتاب به ڇپيا
ٽم ٽم ٽانداڻا – 1981 جنهنجو مهاڳ محترم محمد ابراهيم جويو صاحب لکيو
اماس ۾ به سوجهرو – 2001 جنهن جو مهاڳ محترم تنوير عباسي صاحب لکيو
پاڻ سنڌي ادبي سنگت جا تمام متحرڪ ميمبر ۽ جنرل سيڪريٽري پڻ رهيا آهن۔ فيس بوڪ تي سندس وال تي هڪ غزل پڙهڻ لاء مليو۔ دوستن سان وند ڪجي ٿو۔

همسـفر کـان سـواءِ عـمـر ســاري اڃا
زندگــيءَ جــو ســفـر آهـي جــاري اڃا
رات جِـــي ٻـــاٽ ۾، ويــســرا ! واٽ ۾؛
تــــو ڀـــــلا ڇـــو نــه آ، لاٽ ٻــــاري اڃا
کـيت مهـڪـن پـيا، سنگَ جهومـن پيا،
ڪنهن ته سپني ۾ گُم سُم آ ناري اڃا
تـون سـُتو آن پـيو ، ازل جــي نـِنـڊ ۾،
تنهنجي قسمت نه بدلي اي هاري اڃا
مون ته ورثي جيان، آهي سانڍي رکي؛
منهنجي سمجهي نه تو انڪساري اڃا
سـمنـڊ جي وِير ميٽي ڇـڏيون لکَـتون؛
سـي سنڀاري ٿي ساحل جي واري اڃا