نثارابڙو
نائب منتظم
سنڌ سلامت جا سهڻا دوستو! ڪجهه ڏينهن اڳ فيسبڪ تي هندستان جي سنڌي نياڻي پريميڪا واسواڻي هڪ وڊيو ونڊ ڪئي هئي ۔۔۔ جيئن ته وڊيو سنڌ جي تاريخ تي آهي ۽ سنڌ جي پراڻي سڀيتا ۽ اڄ جي سڀيتا سان چٽاڀيٽي ٿيل آهي۔۔۔۔ انڪري ان وڊيو کي ڏسڻ جو حق سڀني سنڌين کي آهي ۔۔۔ مون سرسري نگاهه سان ڏٺي هئي پر ڪجهه ڏينهن اڳ ادي رشيد حڪم ڪيو ته آ ان وڊيو جو سليس ترجمو ڪري پيش ڪريان ته جيئن سڀ دوست ان مان لاڀ پرائي سگهن ۔۔۔ حڪم سر اکين تي مون پنهنجي جڏي سڏي انگريزي ۽ حال پريان نال واري سنڌي حساب سان ترجمو ڪيو آهي ۔۔۔ ممڪن جي ڪا غلطي هجي ته دوست سڌار ڪري سگهنٿا ۔۔۔ پريان سندي پار جي مڙوئي مٺائي
********
********
وڊيو سنڌيءَ ۾
Achievement of the Indus River Valley Civilization
By: Stefen Cohen, Gunner Rainford, and Seth Zegelstein
سنڌو سڀيتا جون سوڀون
[/CENTER]
شهري ڄار
وادي مهراڻ جو سماج دنيا ۾ پهريون معاشرو هو جت شهرن جيئان هڪ ڄار وڇايل هو، جن ۾ 30 ميٽرن کان ڊگها رستا هئا ۽ لڳولڳ گهٽيون پڻ موجود هيون. اهي اهم رستا واپارين جي گاڏين جي آمدورفت جا اهم ذريعا هئا ۽ ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ استعمال ٿيندا هئا. جنهن سبب شهرن ۾ واپار وڌندو هو ۽ مالي خوشحالي پئدا ٿيندي هئي. خاص شهر ٻن حصن ۾ ورهايل هوندا هئا ۽ ڌار ڌار چڱيءَ ريت قلعي بند هوندا هئا
ڪني پاڻيءَ جو نيڪال
سنڌو سڀيتا جو سماج سڃاتو وڃي ٿو پنهنجي انوکي ۽ ترقي يافته زير زمين پاڻيءَ جي نيڪال جي نظام سبب. هر هڪ گهر کي پنهنجو کوهه هوندو هو، شنان جا ڪمرا ۽ ناليون، ۽ اهي ناليون وري مکيه زير زمين نالين ۾ وڃي ملنديون هيون. شهرن جو لاهيءَ طرف رخ هجڻ سبب اهو ممڪن ٿي سگهندو هو ۽ ڪنو پاڻي شهر مان ٻاهر وهي هلندو هو. ۽ انکان علاوه پاڻيءَ جا ڊگها برج پڻ هيا جن ۾ موسمياتي مينهن جو پاڻي جمع ڪيو ويندو هو.
حڪومت جو نظام
حڪومتي ڪمن ۽ تنظيمن جي سوڀن سبب اسين اندازو لڳائي سگهون ٿا ته مهراڻ جي معاشري ۾ تمام اتم حڪومتي نظام موجود هو. ۽ اهو پڻ چئي سگهجي ٿو ته حڪمران يا اڳواڻ مذهبن سان پڻ جڙيل هئا، اهي سماج کي هلائڻ لاءِ سگهه يا لشڪر جو استعمال نه ڪندا هئا.
زراعت
سنڌو سڀيتا زراعتي ناڻي وارو معاشرو هو، ڪڙمي ڪڻڪ، ٻاجهري، کارڪون ۽ داليون ۽ (ڪپهه) پوکيندا هئا، ان کي کپائڻ ۽ رکڻ لاءِ گودامن وارا ڪڙمين کان اناج رکڻ جو ڀاڙو وٺندا هئا. درياهه سنڌ ۽ گنگا جون نديون ٻوڏ جي وقت ۾ زرخيز مٽي کڻي اينديون هيون، پراڻو هندستان (سنڌ) اَنَ جو واپار ميسوپوٽيميا (ترڪي ۽ دجله فرات واري علائقي) سان ڪندو هو ۽ اتان سون ۽ ٻيا قميتي ڌاتو ورتا ويندا هيا
لکڻ جو فن ۽ مهرون
سنڌو سڀيتا جي معاشري ۾ انوکو لکڻ جو نظام موجود هو جنهنکي اڄ تائين ترجمو ڪري نه سگهيا آهيون. انکان علاوه انهن وٽ مهرون هيون، جيڪي ممڪن واپار لاءِ يا ناڻي جي شڪل ۾ استعمال ٿينديون هيون. انهن مهرن تي موجود ٺهيل صورتون اسانکي گهڻو ڪجهه ٻڌائين ٿيون
فن ۽ ثقافت
درياهه سنڌ جو معاشرو پهريون معاشرو هو جنهن ۾ ڪپڙي اڻائي ٿي هئي. انهن بت تراشي ايجاد ڪئي، ٿانو ۽ ڳهه تيار ڪيا، سندن سڀ کان وڏي ايجاد هئي هڪ وڏو وهنجڻ جو تلاءُ، جيڪو اسانجي سوچ ۾ ته ممڪن مذهبي رسمن ۽ عوامي سنان لاءِ استعمال ٿيندو هو
مذهب
وادي مهراڻ هڪ گهڻ مذهبي سماج هو، سنڌ جا ماڻهون جانورن جو شڪار پڻ نه ڪندا هئا ۽ انهن جو ايمان هو ته جانور پوتر آهن. جيئن ته هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي سماج جو خاتمو اوچتو ٿيل آهي انڪري انهن جي مذهب بابت گهڻي ڄاڻ نه ملي سگهي آهي
وادي مهراڻ جو جديد سماج تي اثر
وادي مهراڻ جي گهڻين سوڀن جا اڄ جي سماج تي گهرا اثر نظر اچنٿا. اڄ جي شهرن جي بناوٽ گهڻو ڪري قديم سنڌ جي شهرن جيئان آهي. جديد ڪني پاڻيءَ جي نيڪال جو نظام پڻ ساڳيو قديم سنڌ جهڙو آهي، پراڻي گودام کي اڄ جي سپر مارڪيٽ سان هڪجهڙائي ڏئي سگهجي ٿي.
گهڻ مذهبي نظام بلڪل پراڻي زماني جيئان اڃان تائين اسانجي سماج ۾ موجود آهي. ۽ بلڪل پراڻي زماني جيئان اسان وٽ هاڻ به پوتر آسٿان يا عبادت جون جڳهئون مخصوص آهن. مذهبي نشان ۽ پٿر جا بت پڻ اڄ جي سماج ۾ گهڻو مشهور آهن.

Bibliography:
Vinal lal
Chad Greenwood
Ancient India: Land of Mystery