سنڌو سڀيتا جون سوڀون

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [JUSTIFY]سنڌ سلامت جا سهڻا دوستو! ڪجهه ڏينهن اڳ فيسبڪ تي هندستان جي سنڌي نياڻي پريميڪا واسواڻي هڪ وڊيو ونڊ ڪئي هئي ۔۔۔ جيئن ته وڊيو سنڌ جي تاريخ تي آهي ۽ سنڌ جي پراڻي سڀيتا ۽ اڄ جي سڀيتا سان چٽاڀيٽي ٿيل آهي۔۔۔۔ انڪري ان وڊيو کي ڏسڻ جو حق سڀني سنڌين کي آهي ۔۔۔ مون سرسري نگاهه سان ڏٺي هئي پر ڪجهه ڏينهن اڳ ادي رشيد حڪم ڪيو ته آ ان وڊيو جو سليس ترجمو ڪري پيش ڪريان ته جيئن سڀ دوست ان مان لاڀ پرائي سگهن ۔۔۔ حڪم سر اکين تي مون پنهنجي جڏي سڏي انگريزي ۽ حال پريان نال واري سنڌي حساب سان ترجمو ڪيو آهي ۔۔۔ ممڪن جي ڪا غلطي هجي ته دوست سڌار ڪري سگهنٿا ۔۔۔ پريان سندي پار جي مڙوئي مٺائي
    ********[/JUSTIFY]


    وڊيو سنڌيءَ ۾

    Achievement of the Indus River Valley Civilization
    By: Stefen Cohen, Gunner Rainford, and Seth Zegelstein

    سنڌو سڀيتا جون سوڀون
    [​IMG]
    [/CENTER]

    [JUSTIFY]شهري ڄار

    وادي مهراڻ جو سماج دنيا ۾ پهريون معاشرو هو جت شهرن جيئان هڪ ڄار وڇايل هو، جن ۾ 30 ميٽرن کان ڊگها رستا هئا ۽ لڳولڳ گهٽيون پڻ موجود هيون. اهي اهم رستا واپارين جي گاڏين جي آمدورفت جا اهم ذريعا هئا ۽ ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ استعمال ٿيندا هئا. جنهن سبب شهرن ۾ واپار وڌندو هو ۽ مالي خوشحالي پئدا ٿيندي هئي. خاص شهر ٻن حصن ۾ ورهايل هوندا هئا ۽ ڌار ڌار چڱيءَ ريت قلعي بند هوندا هئا

    ڪني پاڻيءَ جو نيڪال

    سنڌو سڀيتا جو سماج سڃاتو وڃي ٿو پنهنجي انوکي ۽ ترقي يافته زير زمين پاڻيءَ جي نيڪال جي نظام سبب. هر هڪ گهر کي پنهنجو کوهه هوندو هو، شنان جا ڪمرا ۽ ناليون، ۽ اهي ناليون وري مکيه زير زمين نالين ۾ وڃي ملنديون هيون. شهرن جو لاهيءَ طرف رخ هجڻ سبب اهو ممڪن ٿي سگهندو هو ۽ ڪنو پاڻي شهر مان ٻاهر وهي هلندو هو. ۽ انکان علاوه پاڻيءَ جا ڊگها برج پڻ هيا جن ۾ موسمياتي مينهن جو پاڻي جمع ڪيو ويندو هو.

    حڪومت جو نظام

    حڪومتي ڪمن ۽ تنظيمن جي سوڀن سبب اسين اندازو لڳائي سگهون ٿا ته مهراڻ جي معاشري ۾ تمام اتم حڪومتي نظام موجود هو. ۽ اهو پڻ چئي سگهجي ٿو ته حڪمران يا اڳواڻ مذهبن سان پڻ جڙيل هئا، اهي سماج کي هلائڻ لاءِ سگهه يا لشڪر جو استعمال نه ڪندا هئا.

    زراعت

    سنڌو سڀيتا زراعتي ناڻي وارو معاشرو هو، ڪڙمي ڪڻڪ، ٻاجهري، کارڪون ۽ داليون ۽ (ڪپهه) پوکيندا هئا، ان کي کپائڻ ۽ رکڻ لاءِ گودامن وارا ڪڙمين کان اناج رکڻ جو ڀاڙو وٺندا هئا. درياهه سنڌ ۽ گنگا جون نديون ٻوڏ جي وقت ۾ زرخيز مٽي کڻي اينديون هيون، پراڻو هندستان (سنڌ) اَنَ جو واپار ميسوپوٽيميا (ترڪي ۽ دجله فرات واري علائقي) سان ڪندو هو ۽ اتان سون ۽ ٻيا قميتي ڌاتو ورتا ويندا هيا


    لکڻ جو فن ۽ مهرون

    سنڌو سڀيتا جي معاشري ۾ انوکو لکڻ جو نظام موجود هو جنهنکي اڄ تائين ترجمو ڪري نه سگهيا آهيون. انکان علاوه انهن وٽ مهرون هيون، جيڪي ممڪن واپار لاءِ يا ناڻي جي شڪل ۾ استعمال ٿينديون هيون. انهن مهرن تي موجود ٺهيل صورتون اسانکي گهڻو ڪجهه ٻڌائين ٿيون

    فن ۽ ثقافت

    درياهه سنڌ جو معاشرو پهريون معاشرو هو جنهن ۾ ڪپڙي اڻائي ٿي هئي. انهن بت تراشي ايجاد ڪئي، ٿانو ۽ ڳهه تيار ڪيا، سندن سڀ کان وڏي ايجاد هئي هڪ وڏو وهنجڻ جو تلاءُ، جيڪو اسانجي سوچ ۾ ته ممڪن مذهبي رسمن ۽ عوامي سنان لاءِ استعمال ٿيندو هو

    مذهب

    وادي مهراڻ هڪ گهڻ مذهبي سماج هو، سنڌ جا ماڻهون جانورن جو شڪار پڻ نه ڪندا هئا ۽ انهن جو ايمان هو ته جانور پوتر آهن. جيئن ته هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي سماج جو خاتمو اوچتو ٿيل آهي انڪري انهن جي مذهب بابت گهڻي ڄاڻ نه ملي سگهي آهي

    وادي مهراڻ جو جديد سماج تي اثر

    وادي مهراڻ جي گهڻين سوڀن جا اڄ جي سماج تي گهرا اثر نظر اچنٿا. اڄ جي شهرن جي بناوٽ گهڻو ڪري قديم سنڌ جي شهرن جيئان آهي. جديد ڪني پاڻيءَ جي نيڪال جو نظام پڻ ساڳيو قديم سنڌ جهڙو آهي، پراڻي گودام کي اڄ جي سپر مارڪيٽ سان هڪجهڙائي ڏئي سگهجي ٿي.

    گهڻ مذهبي نظام بلڪل پراڻي زماني جيئان اڃان تائين اسانجي سماج ۾ موجود آهي. ۽ بلڪل پراڻي زماني جيئان اسان وٽ هاڻ به پوتر آسٿان يا عبادت جون جڳهئون مخصوص آهن. مذهبي نشان ۽ پٿر جا بت پڻ اڄ جي سماج ۾ گهڻو مشهور آهن.

    Bibliography:
    Vinal lal
    Chad Greenwood
    Ancient India: Land of Mystery

    [/JUSTIFY]
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌو سڀيتا جون سوڀون

    سائين اوهان جيڪي سنڌ لا ڪاوشون ڪريو پيا سي سچ پڇو ته انمول آهن، ۽ انهن جي تعريف لا اسان وٽ ڪي به لفظ نه آهن۔۔
    تمام بهترين ونڊ۔
    مهربانيون
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌو سڀيتا جون سوڀون

    سائين لک لائق۔۔۔
    جيئن ته وڊيو ۾ سنڌ جي پراڻي دور جي ثقافت ۽ ٽيڪنالاجي کي موجوده دور سان ڪمپيئر ڪندي انتهائي خوبصورتي سان ثابت ڪيو ويو آهي ته اڄ جي دور ۾ جيڪا ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي ترقي يافته تهذيبن ڪم ڪيا آهن اهڙ ڪم ته سنڌين 5000 هزار سال اڳ ئي ڪيا هئا۔۔۔۔
    سنڌين جي ذهن جي قابليت جي صاف ۽ واضح دليل مهيا ڪندڙ وڊيو تي نظر پئي ته سائين نثار جن جي سنڌي ترجمي ڪرڻ جي لاجواب قابليت تحت وڊيو ۽ ليک بڻائي سنڌ سلامت جي رڪنن آڏو آڻڻ‌لاءِ سائين جن کي درخواست ڪئي۔۔۔۔ مهرباني سائين نثار ابڙو جن جي جن پنهنجي مصروفيت باوجود مان رکندي وڊيو ترجمو ڪيو ۽ فورم جي زينت بڻائي۔۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌو سڀيتا جون سوڀون

    [justify]سائين تمام بهترين ۽ بنيادي معلومات تي مبني وڊيو ونڊ ڪري ۽ ان جو سنڌي ترجمو ڪري سنڌ جي تاريخ تي اوهان احسان ڪري ڇڏيا آهن، ڌڻي اوهان کي خوشيون عطا ڪري، ۽ سلامت رکي۔[/justify]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌو سڀيتا جون سوڀون

    اوهان سڄڻ دوستن جي آسري تري پئي هي حيات جي ٻيڙي

    لک ٿورا اوهانجا جو اهانکي هي ننڍڙي ڪاوش پسند آئي ۔۔۔ ان ساڳي وڊيو کي آ سنڌي وڊيو ۾ تبديل ڪرڻ جا جتن ڪري رهيو آهيان، هڪ دفعو وري ادي رشيد کان سهڪار وٺندي، ان وڊيو کي جلد اوهانجي هٿن تائين پهتو ڪبو۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌو سڀيتا جون سوڀون

    سائين نثار مهرباني

    فيس بوڪ تي اها وڊيو مونکي اوهان ئي موڪلي هئي۔ تاريخي وڊيو آهي جنهن ۾ سنڌ جي آڳاٽي دور جي ترقيء کي نمايان ڪيو ويو آهي۔ هن وڊيو ۾ سنڌي جي اوائلي دور جي زراعت ، ثقافت ، صحت ، فن ، سماجي ترقي ، مذهب کي نمايان ڪيو ويو آهي۔

    سنڌو سڀيتا وارن کي لک شابسون جن محنت سان هڪ لاجواب وڊيو تيار ڪئي آهي۔ اوهان جا به لک قرب جو اوهان سنڌي ترجمو ڪري اسان سان ونڊ ڪيو۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌو سڀيتا جون سوڀون

    ادا نثارابڙو کي جس هُجي جو هُن اسان کي عظيم سنڌ جي ماضي ، حال ۽ مستقبل جي ترقي وارا طويل المعياد ۽ ۽ قليل الميعاد منصوبا هن صرف ساڍن چئن منٽن ۾ واضح طور تي مشاهدو ڪرايا آهن مونکي هڪڙي انڊين فلم نالو وسري ويو اٿم جنهن ۾ فلم جو هيرو صرف هڪڙي ڏينهن واسطي پرائم منسٽر ٿيندو آهي ته ساري مُلڪ جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏيندو آهي وانگر ادا نثارابڙو به هنن ساڍن چئن منٽن واري وڊيو ۾ اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريو آهي جو اسان جي سنڌي ليڊرن کي شرم اچڻ گهرجي آئون انهن ڌرتيءَ جي دلالن کي ٻيو ڪجهه به ڪين ٿو چوان ته هُو جيجل ڌرتي لاءِ آسمان جا تارا ٽوڙي اچن پر رڳو ادا نثارابڙو جي ونڊ ڪيل هي وڊيو ڏسي منهنجي جيجل سنڌ ڌرتي جي سائنٽيفڪ نموني ايماندارانه تعمير ڪن ته قسم سان سنڌ اڳ ۾ ئي جنت نظير آهي پر ايماندارانه تعمير جي ڪري کير وانگر نکرجي اڇي اُجري ٿي پوندي، جس هُجي سنڌي سپوت ادا نثار ابڙو کي جيڪو سدائين سنڌ کي شاداب ڏسڻ جا خواب ڏسندو آهي ۽ اسان انڌن کي شاداب خواب ڏيکاريندو آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌو سڀيتا جون سوڀون

    سائين محترم ناز صاحب، اوهانجا لک ٿورا جو اوهان هن عمل جي ساراهه ڪئي آهي، اصل ۾ هن ڪم لاءِ اڀار پئدا ڪيو هيو محترم رشيد سمي صاحب، جنهن هي وڊيو مونڏانهن اڳتي ڪندي چيو هو ته ممڪن ٿي سگهي ته آءُ هن جو ترجمو ڪريان، مون سندس حڪم جي بجا آوري ڪندي ترجمو ته ڪيو پر وري اهو خيال آيو ته ڇونه ان وڊيو کي ئي سنڌي ڪري ڇڏجي، بس پوءِ مون ان کي اول پاور پوائنٽ ۽ پو وري انکي تصويري صورت ۾ آندو،

    دوستن سان ڳالهه ڪيم ته ادي رشيد پهل ڪندي انکي وڊيو جي صورت ۾ اسان دوستن آڏو پيش ڪيو ۔۔۔ کيس جس هجي جو هو ايتري مصروفيت هوندي به دوستن جي همٿ افزائي سنڌيت جي خدمت ۾ پاڻ ملهائيندو رهي ٿو۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌو سڀيتا جون سوڀون

    سائين نثار سلام

    رات جڏهن ادا رشيد وڊيو ايڊٽ ڪري ڏيکاري ته بهترين لڳي۔ سنڌو سڀيتا وارن جي سهڻي ڪوشش ۽ اوهان جون سنڌيء ۾ تيار ڪيل سلائيڊس ۽ ادا رشيد جي وڊيو ايڊيٽنگ اصل چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن۔

    سنڌ جي اصلوڪي ۽ آڳاٽي ڪهاڻي سڀني جي سامهون آهي۔ اها سنڌ ۽ اڄوڪي سنڌ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڄوڪي سنڌ ۽ اڄوڪي سنڌين جي حالت ڏسي سچ پڇو ته روئڻ ٿو اچي وڃي۔ لطيف سائين جي دعا ورجايون پيا۔۔۔

    سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌو سڀيتا جون سوڀون

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: سنڌو سڀيتا جون سوڀون

    ادا اهڙيون انمول قيمتي ونڊ واه واه جس هجي توهانکي اهو ئي گس آهي ته پنهنجي تهذيب تمدن تمام آڳاٽو سڌريل اڳواڻي ڪندڙ رهيو آهي اهو ئي بيس لائين آهي اڄ پاڻ کي سڃاڻڻو پوندو ۽ اڳتي وڌڻو پوندو ماضيء جي هن بي بها ميراث کي ساڻ کڻندي ۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌو سڀيتا جون سوڀون

    لک ٿورا سائين دائود پوٽه صاحب، بيشڪ سنڌ دنيا جي مهندار رهي آهي پر افسوس جو اسان پاڻ سنڌين ان جي گهوٽ واري حيثيت ختم ڪري ڃاڄي ٺاهي ڇڏيو آهي ۔۔۔ الائجي ڇو سنڌي ماڻهن کي آزادي ۽ خودمختياري جي اهميت جو ڪو قدر ناهي ۔۔۔

    جيها ڪي تيها مون مارون مڃيا ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌو سڀيتا جون سوڀون
    ممتاز وگهيي جي ٿورن سان يو ٽيوب تي ساڳي وڊيو ڏسندا​

    فيسبڪ تي لڳايل ساڳئي وڊيو هن لنڪ تي ملندي​
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
  15. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سنڌو تهذيب بابت جيتري به کوجنا ڪري ڄاڻ ڪٺي ڪئي وئي آهي اها ڄڻ اڻپوري ٿو ڀانيا،،جس لهڻا اوهان جهڙا سڄڻ جو اهڙي مفيد معلومات هتي ونڊ ڪيو ٿا جيڪا مستقبل ۾ ايندڙن لا تمام ڪارائتي ثابت ٿيندي۔ اوهان جي هي محنت ڪڏهن رائيگان نه ويندي، اميد آهي ته اڃا به سنڌو جي تهذيب کي وائکو ڪري پيش ڪجي ته جئين ڪي به سوال ۽ خدشات باقي نه رهن۔۔مهرباني۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
  17. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
  18. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    نثار ابڙو لا منهنجا به ساڳيا رايا۔۔۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو