مشهور شاعر امداد حسيني سان شام ملهائي وئي۔۔

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2011۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو

    [JUSTIFY]
    تاريخ 22 فيبروري بروز آچر تي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ سنڌ جي مشهور شاعر امداد حسيني سان هڪ شام ملهائي وئي۔ هي پروگرام سنڌ ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران ضلعي حڪومت خاص ڪري ڊي سي او محترم علي احمد لنڊ جي تعاون سان منعقد ڪيو ويو۔
    [​IMG]


    السلام عليڪم دوستو!
    جيئن ته سائين نثار ناز ۽ ادي شبانه جي موڪليل دعوت نامي سان اوهان سڀنيءَ سان گڏوگڏ مون کي به دعوت هئي۔ ذميواري ٻيڻي هئي، سنڌ سلامت جا ڪيلنڊر به سائين نثار ناز تائين پهچائڻا هئا، ان ڪري مون اهو موقعو بهتر سمجهندي سائين نثار ناز کان فون ڪري پروگرام جي باري ۾ تفصيل پڇيا ۽ ڪالهه شام جو 6 بجه سائين نثار ناز جي آستاني تي وڃي پهتس۔۔ ويهڻ ساڻ سڀ کان پهرين ته سائين نثار ناز سنڌ سلامت جي ڪيلنڊر جي باري ۾ پڇا ڪئي جنهن جو انهن کي شدت سان انتظار هو، ڪيلنڊر سندس جي حوالي ڪيا، سائين جن ڪيلنڊر جي تمام گهڻي تعريف ڪئي۔ حال احوال کان بعد شام جو 8 بجه ادي شبانه کي سندن گهران ساڻ ڪري هن پروگرام جي جڳهه تي پهتاسين۔۔ پروگرام ٽنڊو محمد خان جي جئمخانه ۾ منعقد ڪيو ويو هو۔
    پروگرام شروع ٿي چڪو هو، تقريب جو سرموڙ سائين امداد حسيني ۽ سندن همسفر ميڊم سحر امداد پڻ پهچي چڪا هئا، ان کان علاوه مشهور اديب سائين حميد سنڌي، مشهور شاعره زيب نظاماڻي، ڊي سي او علي احمد لنڊ، ڊي پي او اياز احمد سومرو ۽ ٻيون شخصيتون پهتل هيون۔۔ سائين امداد حسيني جي شاعريءَ ۽ شخصيت کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ ٽنڊو محمد خان جا ادب دوست ۽ هر طبقي جا ماڻهو پڻ‌ وڏي تعداد ۾‌موجود هئا۔ تقريب جي ڪمپيئرنگ سيد سارنگ شاهه ڪري رهيو هو۔۔ جنهن وقت اسان هال ۾ پهتاسين ته محترم تاج ٽکڙائي، امداد حسيني جي شخصيت متعلق خيالن جو اظهار ڪيو پئي، ان کان بعد سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري محترم عزيز ٽالپور، سائين حميد سنڌي، تقريب جي صدر ۽ ضلعي جي ڊي سي او محترم علي احمد لُنڊ ۽ ٻين شخصيتن به سائين امداد حسينيءَ‌ کي تمام سهڻي انداز ۾ ڀيٽا پيش ڪئي۔
    ڊي پي او ٽنڊو محمد خان محترم رياض احمد سومرو سائين جن جي باري ۾ چيو ته اسان ننڍي هوندي کان مختلف رسالن(گل ڦل وغيره) ۽ نصابي ڪتابن ۾ سائين جي شاعري پڙهندي وڏا ٿيا آهيون، اسان ته پوڙها ٿي ويا آهيون، سائين امداد حسين پنهنجي شاعريءَ سميت اڃان جوان لڳا پيا آهن، ان ڳالهه تي هال ۾ ٽهڪڙو مچي ويو۔۔۔ ان کان بعد تقريب جي صدر ڊي سي او محترم علي احمد لنڊ پنهنجي مختصر خطاب دوران سنڌي ادبي سنگت جي لاءِ‌ ڪجهه اعلان ڪيا، جن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي آفيس قائم ڪرڻ، ان جي فنڊنگ ڪرڻ بابت چيو ۽ ان ڳالهه تي فخر جو اظهار ڪيائون ته سائين امداد حسينيءَ جي جنم ڀومي ٽنڊو محمد خان جو شهر آهي۔ اسان سڀني کي مٿن فخر آهي۔۔
    محترم حميد سنڌي صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ”امداد حسينيءَ سان منهنجون تڏهن جون شامون گهاريل آهن جڏهن سحر ۽ امداد اڃان هڪ نه ٿيا هئا۔۔ امداد حسينيءَ جي شاعري سچ جي ترجماني ڪري ٿي، ان ۾ مزاحمت جو عنصر ملي ٿو، جنهن کي گهڻا ماڻهن باغي شاعر چون ٿا پر اسان جي نظر ۾ سائين امداد حسينيءَ جهڙا شاعر قومي شاعر آهن، جيڪي ون يونٽ جي دور ۾ نروار ٿيا۔۔ ون يونٽ ۾ جتي سنڌي قوم کي ڪيترا ئي نقصان مليا اتي هڪ فائدو اهو به مليو جو سنڌي ٻوليءَ‌ جي شاعرن سنڌ تي باقاعده لکڻ شروع ڪيو۔۔ تنوير عباسي، شيخ اياز، امداد حسينيءَ‌جهڙا شاعر ان ئي دور ۾ نروار ٿيا۔۔ انهن شاعرن جڏهن گڏجي سنڌي رسالن ۾ سنڌ جي حقن جي بابت پنهنجي انداز ۾ لکڻ شروع ڪيو ته سنڌ جي ماڻهن ۾ هڪ اضطراب جاڳيو، جنهن جو فائدو اهو ٿيو جو ماڻهو سنڌ جي حقن بابت سوچڻ لڳا۔۔ اڄ به امداد جي شاعريءَ‌ ۾ اهو عنصر ملي ٿو۔ امداد جي شاعريءَ امداد کي جوان رکيو پئي اچي۔۔“ ان سان گڏ سائين جن جتي ان ڳالهه تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته ضلعي حڪومت اهڙي پروگرامن کي منعقد ڪرڻ تي جس لهڻي ۔۔ ڇو ته اهو تمام گهٽ ڏٺو ويو آهي جو سنڌ ۾ حڪومت پاران ادب شخصيتن کي مڃتا ڏني ويندي هجي۔۔ ٽنڊو محمد خان ان سلسلي ۾ خوشنصيب آهي جو ان کي علي احمد لنڊ صاحب جهڙو ادب دوست ڪامورو (ڊي سي او) مليو آهي۔۔
    شاعر کي ڀيٽا ڏيڻي هجي ته‌شاعري سڀنيءَ کان بهترين طريقو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سائڻ زيب نظاماڻي ۽ ميڊم سحر امداد جڏهن سائين امداد حسينيءَ جي زندگيءَ‌بابت پنهنجا خيالات پيش ڪيا ته اهي شاعراڻه انداز ۾ پيش ڪيا۔۔۔ ميڊم زيب نظاماڻي ”امداد انمول آهين“ جي عنوان سان هڪ غزل پيش ڪئي۔ جڏهن ته ميڊم سحر امداد مختلف شخصيتن جا سائين امداد حسينيءَ جي بابت لکيل آرٽيڪلن مان ڪجهه چونڊ خيال پيش ڪيا ۽ سندن چونڊ شاعري پيش ڪئي۔۔
    ان محفل جي سرموڙ سائين محترم امداد حسيني چيو ته ”مان عام طور تي محفلن ۾ وڃڻ‌کان لهرائيندو آهيان، پر شاعرن کي مڃتا ڏيڻ جو هي سلسلو تمام بهترين ڳالهه آهي، اها ڳالهه صرف مون لاءِ نه هجڻ گهرجي پر هر شاعر جيڪو سنڌ لاءِ لکي ٿو ان کي ڀيٽا ڏني وڃي“ پنهنجي خطاب دوران پاڻ ٽنڊو محمد خان جي باري ۾ ڪجهه پنهنجي يادن کي تازو ڪيائون ۽ ان بعد پنهنجي لاجواب شاعري پيش ڪري محفل جو رنگ تبديل ڪري ڇڏيو، سچ ۽ ڪوڙ، سياست، ڌوڪي بازي، ياري دوستيءَ ۽ ٻين بهترين موضوعن تي پنهنجي کري شاعري پيش ڪري سائين جن هر شخص کي داد ڏيڻ‌ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جڏهن شاعر پنهنجي لفظن کي پاڻ ادا ڪري ٻڌائي توهان ڇا ٿا سمجهو ته محفل جو ماحول ڇا هوندو۔پاڻ پنهنجي پراڻي شاعري به ٻڌايائون، ڇو ته سندن چوڻ مطابق پراڻي شراب جو نشو جيئن وڌيڪ هوندو آهي ايئن ئي پراڻي شاعري وڌيڪ اثر ڏيکاري ٿي۔ خاص طور تي دوستن جي فرمائش تي سندن لازوال گيت ”مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ“ پڻ‌ پڙهي ٻڌايائون، ۔ ۔۔ سائين نثار ناز کي گذارش آهي ته سندن اهڙي شاعري هتي ونڊ ڪن۔۔
    سائين امداد حسينيءَ‌ کان بعد اسٽيج تان سنڌ سلامت جي ڇپايل ڪيلنڊرن بابت اعلان ڪيو ويو ۽ سنڌ سلامت جي ٽيم (سائين نثار ناز، هي ناچيز مست ۽ ادي شبانه امتياز سمون) مٿي ٻڌايل شخصيتن کي سنڌ سلامت جا اهي ڪيلنڊر تحفي طور ڏنا۔۔ ان بعد راڳ رنگ جي محفل شروع ٿي جنهن ۾ سنڌ جي نامياري فنڪاره ثريا سومرو چند ڪلام پيش ڪيا، خاص طور تي سائين امداد حسينيءَ‌جو لکيل ڪلام ”مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آه“ پڻ پيش ڪيو ۽ ان کان علاوه اري لوگو تمهارا ڪيا، مين جانون ميرا خدا جاني۔۔ کي پنهنجي مخصوص انداز ۾ پيش ڪيو۔۔ ان کان پوءِ ٽنڊو محمد خان جي مختلف راڳين قومي گيت پيش ڪري محفل ۾ ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو،۔۔
    [/JUSTIFY]

    تصويري رپورٽ
    جيئن ته تصويرون تمام گهڻيون آهن، ڪوشش ڪندس ته چونڊ تصويرون تفصيل سان اوهان سان ونڊ ڪريان​


    تقريب ‌۾‌لڳايل بينر جو منظر۔
    [​IMG]

    تقريب جو روح روان محترم امداد حسيني پنهنجي شاعري پيش ڪري رهيو آهي..
    [​IMG]

    [​IMG]

    محترمه سحر امداد پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهي آهي..
    [​IMG]

    اعزازي مهمان محترمه زيب نظاماڻي محترم امداد حسينيءَ کي شاعريءَ سان ڀيٽا ڏئي رهي آهي..
    [​IMG]

    سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري عزيز ٽالپر هن محفل بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي.
    [​IMG]

    تقريب جو خصوصي مهمان مشهور اديب ۽ ڏاهو محترم حميد سنڌي محترم امداد حسيني ۽ هن محفل بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي..
    [​IMG]

    ٽنڊي محمد خان جو ادب دوست ڊي سي او ۽ هن محفل جو صدر محترم علي احمد لنڊ هن تقريب بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي..​
    [​IMG]

    تقريب جي ڪمپئرنگ سيد سارنگ علي شاهه ڪئي۔
    [​IMG]


     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مشهور شاعر امداد حسيني سان شام ملهائي وئي۔۔


    ٽنڊي محمد خان جو شاعر محترم تاج ٽکڙائي، محترم امداد حسينيءَ جي شخصيت بابت پنهنجيون يادگيريون ۽ ويچار ونڊي رهيو آهي.​
    [​IMG]

    ٽنڊي محمد خان جو ڊي پي او محترم رياض احمد سومرو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي
    [​IMG]

    سنڌ سلامت جي ميمبر ادي شبانه امتياز سمون پنهنجي ناساز طبيعت باوجود هن محفل ۾ سنڌ سلامت جي نمائندي طور شرڪت ڪئي.. سندن جيترا ٿورا مڃجن گهٽ آهن..​
    [​IMG]

    سنڌ ترقي پسند پارٽي ٽنڊو محمد خان جي عورت ونگ جي صدر محترم ثمينه خاصخيلي​
    [​IMG]

    سنڌ سلامت جو ميمبر ۽ ڪي ٽي اين نيوز ٽنڊو محمد خان جو ڪيمرامين سيد غلام علي شاهه بخاري پنهنجي ذميواري نڀائي رهيو آهي.​
    [​IMG]
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مشهور شاعر امداد حسيني سان شام ملهائي وئي۔۔


    سنڌ سلامت جي ٽيم پاران تقريب ۾ شريڪ ٿيل مشهور شخصيتن کي ڪيلنڊر ڏنا ويا۔۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مشهور شاعر امداد حسيني سان شام ملهائي وئي۔۔


    انهيءَ‌سلسلي جون ڪجهه وڌيڪ تصويرون

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    نثارناز سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر جيئي سنڌ ترقي پسند ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر ثمينه خاصخيلي کي ڏيئي رهيو آهي جڏهن ته سندس پاسي ۾ سانئڻ سحر امداد صاحبه بيٺي آهي​
    [​IMG]
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مشهور شاعر امداد حسيني سان شام ملهائي وئي۔۔

    تصويرون تمام گهڻيون آهن۔۔۔ آخر ڪار سنڌ سلامت جي سرپرستِ اعلى جي محنت آهي،

    محفل ۾ ويٺل ڪجهه شخصيتون

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مشهور شاعر امداد حسيني سان شام ملهائي وئي۔۔

    ڪيڏانهن نه وڃجو اڃان کوڙ تصويرون آهن..
    سنڌي ادب جون ٽي نالي واريون شخصيتون خوشگوار موڊ ۾..
    [​IMG]

    ميڊم سحر امداد، محترمه ثمينه خاصخيلي ۽ نامياري شاعره زيب نظاماڻي
    [​IMG]

    محترم نثار ناز ۽ محترمه زيب نظاماڻي
    [​IMG]

    [​IMG]

    هي نماڻو مست محترمه زيب نظاماڻيءَ سان گڏ..
    [​IMG]

    محترمه سحر امداد سان گڏ هن مسڪين جو هڪ ڦوٽو
    [​IMG]

    [​IMG]

    محترمه زيب نظاماڻي سندن سڳن سؤٽن سان گڏ
    [​IMG]

    [​IMG]
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مشهور شاعر امداد حسيني سان شام ملهائي وئي۔۔

    سلام آهي ٽنڊو محمد خان جي سنڌ دوست ۽ ادب دوست ساٿين کي جن گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ادب، ثقافت ۽ سڀيتا جا ڏيئا ٻاري پيا هلن ۔۔۔

    سلام آهي سنڌ سلامت جي ساٿين کي جيڪي اهڙن سهڻن پنڊالن تي ترتيب ڏنل محفلون سنڌ واسين سان ونڊ ڪري سنڌ سلامت جي اڱڻ کي سهڻو ۽ رنگبرنگي ڪندا رهنٿا ۔۔۔

    ادي اسد ميرجت عرف مست سائين جن جيڪڏهن اهڙا سهڻا ليک لکيا ته پو اسان سڀني کي کيس ئي ايلاز منٿون ڪرڻا پوندا ته يار وارو ڪر ليک تيار ڪري وٺ ۔۔۔ مطلب تمام سٺو ۽ پيرائتو ونڊ ٿيل آهي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: مشهور شاعر امداد حسيني سان شام ملهائي وئي۔۔

    ادا مست مهربانيون جو اوهان هيء تفصيلي رپورٽ اسان سان ونڊ ڪئي۔

    ٽنڊي محمد خان جي ساٿين ، ڊي سي او ۽ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ جي دوستن کي سلام جن سنڌ جي هڪ مهان شاعر کي سندس زندگيء ۾ ئي سندس سنڌي ٻوليء ۾ ڪيل خدمتن جي موٽ ڏني۔

    سيد امداد حسيني (سڄو نالو: سيد امداد علي شاهه ولد سيد فضل محمد شاهه) ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ٽکڙ شهر ۾ 1941 ۾ ڄائو. سندس ادبي نالو امداد حسيني/سانول آهي. پاڻ موجوده دؤر جو سرموڙ سنڌي شاعر آهي. پاڻ ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ ٽماهي مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر ٿي رهيو. امداد تمام سٺي شاعري ڪئي آهي ۽ نوجوان ٽهيءَ جو هميشه هيرو رهيو آهي. امداد جي شعرن جو مجموعو “امداد آهي رول” گهڻو مشهور ٿيو ، هي ڪتاب 1976 ۾ ڇپيو هو. امداد جي شاعري جو هڪ ٻيو ڪتاب “هوا جي سامهون” پڻ آهي.

    امداد حسيني دراصل پيار ۽ پريت جو شاعر آهي پر شيخ اياز چواڻي، ”شاعرِ محبت شاعرِ انقلاب ٿي سگهي ٿو پر شاعرِ انقلاب شاعرِ محبت ٿي نه ٿو سگهي“ سو اسان جي نوجوان نسل کي شيخ اياز جي شاعريءَ سان گڏوگڏ امداد حسينيءَ جي شاعريءَ پڻ بيحد متاثر ڪيو آهي. ان جو سبب امداد حسينيءَ جا نڪورا خيال ٻوليءَ جي چاشني، شاعراڻيون خوبيون ۽ انتهائي سادگي ۽ بنا رک رکاءَ واري شاعري هئڻ ڪري، سندس شاعريءَ تي به ترقي پسند تحريڪ، ترقي پسند نظرئي ۽ سنڌي عوام جي مسئلن تي نظر واهه جا جوهر ڏيکاريا. هو جڏهن به ڪنهن محفل ۾ جلسي يا ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ پنهنجي شاعري پڙهندو آهي ته هر سنڌي هم تن گوش (ڪنائتو) ٿي کيس ٻڌندو ۽ سندس سٽ سٽ داد ٿيندو آهي. سندس شاعري جو مجموعو ”امداد آهي رول“ جي هڪ نظم ”دانهن“ ۾ ڏيهي دولتئي يا جاگيردار کي مخاطب ٿيندي ۽ پنهنجي هاري ناريءَ سان ڏاڍ جي هلت هلڻ ڏانهن اشارو ڪندي هيئن ٿو مخاطب ٿئي:

    ڌارين کي ته شراب پيارين،
    پنهنجن جو ٿو رت پئين تون،
    ڌڻي نڌڻڪا ڪري ڇڏيئي ڙي،
    بي ڏوهن کي ڏوهه ڏئين تون،
    روهه رليا ڇا ڊوهه ڪيا ٿئي،
    جو به جيين سو جاڙ جيين ٿو.
    تو جو چاهيو سو ٿيو، هاڻي،
    ٿيندو سو جو هيءَ چاهيندي،
    هيءَ ڌرتي توتي دانهيندي.


    ٿورا سائين نثار ناز ۽ ادي شبانه جا جن هن محفل ۾ سنڌ سلامت جيا ڪيلينڊر سنڌ جي مهان شخصيتن تائين پهچايا۔ دعوت ملڻ باوجود اسان پروگرام ۾ شرڪت نه ڪري سگهياسين ان لاء معذرت۔

    هڪ ٻيو عرض ته اوهان تصويرن جي چونڊ وقت اهو خيال ضرور رکندا ڪيو ته ساڳي ئي قسم جون تصويرون ۽ ساڳي ئي شخصيت جون تصويرون هر هر رپيٽ نه ٿين۔ پوء به اوهان کي جس هجي جو اوهان هيڏي تفصيلي رپورٽ ونڊ ڪئي۔ ايئن پي لڳو ڄڻ اسان به اوهان سان گڏ محفل ۾ موجود آهيون۔


    [​IMG]

    [​IMG]

    [/CENTER]





     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مشهور شاعر امداد حسيني سان شام ملهائي وئي۔۔

    سنڌ جي سُريلي گلوڪاره ثريا سومرو پڻ ڪلام پيش ڪيا۔۔۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    امداد حسيني، سحر امداد ۽ ثريا سومرو جي گڏيل تصوير.

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مشهور شاعر امداد حسيني سان شام ملهائي وئي۔۔

    پنڊال جا ڪجهه منظر

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مشهور شاعر امداد حسيني سان شام ملهائي وئي۔۔


    ثريا سومرو کان پوءِ ٽنڊو محمد خان جي راڳين قومي گيت پيش ڪيا، جنهن تي مختلف دوستن جهمريون پاتيون۔۔ جن ۾ سائين نثار ناز پڻ شامل هو، پر قسمت جي ڳالهه سائين جي تصوير ڪير نه ڪڍي سگهيو ڇو ته ڪيمرا سائين وٽ هو۔۔​
    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    جڏهن محفل ۾ هڪ سنڌي فنڪار قومي گيت هن جنم هُن جنم ۾ وچن ٿو ڪريان مان جتي به هُجان او سنڌ تنهنجو ٿيان ڳايو ته سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه بي اختيار ٿي ڌرتي سان ناتو نڀائڻ لاءِ سرمستي ۾ اچي رقص ڪرڻ شروع ڪري ڏنو،

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مشهور شاعر امداد حسيني سان شام ملهائي وئي۔۔

    پيارا اسد علي مست شال جُڙيو هُجين ، تو باقائده هڪڙي بهترين رپورٽر جيان سنڌ سلامت جي خوبصورت پليٽ فارم تان هن خالص ادبي تقريب کي پوري دنيا جي سنڌين سميت سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ڪيو آهي، منهنجي اها خوشنصيبي آهي جو توهان منهنجي اڱڻ تي آيا، ۽ هڪ شام امداد حسيني جي نان ۾ پنهنجي ڀرپور شرڪت کي يقيني بنايو، دوست پهرين ڪنهن به ادبي محفل ۾ سنڌ سلامت جو مين فوٽو گرافر عبدالغفور سمون شينهن سمون نه هوندو هو ته پاڻ کي اڪيلو سمجهندو هُئس پر هيل ٽنڊو محمد خان جي هن سُرهي سانجهه ۾ مون سان گڏ تون، بحيثيت سنڌ سلامت جي ايڊيٽر جي ادي شبانه امتياز، نوجوان ميمبر سيد غلام علي شاهه ۽ نوجوان ميمبر ادو مختيار نظاماڻي مون سان گڏ هُئا، ائين پي محسوس ٿيو ته سنڌ سلامت جي سموري ٽيم ڀرپور هڪڙي انداز سان پنهنجو محبتي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، توهان سڀني سنڌ سلامت جي دوستن کي انهي ڳالهه تي مُبارڪون ڏيندي مونکي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته جڏهن مان سنڌ سلامت جي ڪئميرا کولي اسٽيج تي فوٽو گرافي لا ويس ته سڀ کان پهرين مونکي سانئڻ محترما سحر امداد سُڃاڻندي چيو ته توهان نثارناز آهيو، سنڌ سلامت ۽ فيس بوڪ تي توهان حيدرآباد کان وٺي ٽنڊو محمد خان جي هر ادبي توڻي راڳ رنگ جي محفلن جي ڪوريج ڪندا آهيو، جي سانئڻ مان اهو ئي نثار ناز آهيان۔ پاڻ تمام گهڻي خوش ٿي۔ ان مان اهو ثابت ٿيو ته سنڌ سلامت جي هر ڪارڪن ننڍي توڻي وڏي کي اسان جا اديب شاعر سُڃاڻندا آهن، سنڌ سلامت جي محبتن اسان جهڙن معمولي ماڻهن کي جياري ڇڏيو آهي۔ دوست اسد مان جڏهن ڪا ڪوريج ڪرڻ ويندو آهيان ته ان جي لاڀ صرف الله سائين کان گهرندو آهيان ۔ الله سائين سدائين توکي سوڀون منهنجون دعائون سدائين توهان نوجوانن لا آهن
     
  13. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: مشهور شاعر امداد حسيني سان شام ملهائي وئي۔۔

    ادا اسد توهان جي مهرباني جو تمام جلد محترم امداد حُسيني سان شام ملهائڻ واري تقريب جو پيرائتو احوال ونڊ ڪيو، سائين نثارناز جون به مهربانيون جو پاڻ هن پروگرام جون جملي تصويرون ۽ وڊيوز صرف سنڌ سلامت لا ڪوريج ڪيا۔
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مشهور شاعر امداد حسيني سان شام ملهائي وئي۔۔

    ادي مهرباني اوهان جي چئبي جو اوهان ناساز طبيعت جي باوجود سنڌ سلامت جي طرفان هن تقريب ۾ شريڪ ٿيا ۽ مست کي ايتري عزت ڏني۔۔۔ توهان جي پراجيڪٽ جو ڇا ٿيو ؟؟؟
     
  15. راحيلا علي

    راحيلا علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: مشهور شاعر امداد حسيني سان شام ملهائي وئي۔۔

    اللا ڪيڏي نه سٺي ۽ شاندار تۡقريب هئي مونکي به انهي  شام جي دعوت _ڏنل هئي پر ها ها يه
    مجبوري جو شرڪت ڪري نه سگًهيس ادا اسد مست توهان جي مهرباني جو اسان ائين محسوس ڪيو ڄڻ اسان پروًًگرام ۾ پاڻ ويٺا آهيون باََقي ادا نثار ناز ته وڏو ماڻهو آهي سندس ڪوريج ڪيل تصويرون به وڻيون پر اسان ًکي هُن ادبي حيثيت سان ڪابه دعوت ڪانه ڏني حالانڪه باخبر ذريعن کان خبر پئي آهي ته اسان جي نان کيس وٺ دعوت نامون به مليو هو، خير جڏهن به ادا نثار ناز ڪٿي به مليو ته کانئنس ضرور جهيڙا ڪبا۔ ته اهڙين تمام تمام پيارين شامن ۾ اسائکي ڇو ڪونه شامل ڪرڻ جو زور رکيائين۔ واقعي سنڌ سلامت تي اهڙيون تقريبون صُبح جي ٿڌڙي هير وانگر محسوس ٿين ٿيون۔
     
  16. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: مشهور شاعر امداد حسيني سان شام ملهائي وئي۔۔

    [justify]ڀيڻ راحيلا مان وڏو ماڻهو ڪڏهن کان ٿيس (الا ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏُک ڏسن ڀوريون ڀتار سين کليو کير پيئن، مون سين مون پرين ڀورائي ۾ ڀال ڪيا شاهه سائين) بلڪل ادي مونکي سنڌي ادبي سنگت وارن کان توهان جي نالي جو انويٽيشن ڪارڊ مليو هو، پر انهي ڏينهن جنهن ڏينهن اها تقريب شروع ٿيڻي هُئي مان توهان جي آفيس آيو هُئس پر اتي خبر پئي توهان پنهنجي گهر وڃي چُڪا هُئا، ۽ مون توهان جي گهر اچڻ مناسب نه ڄاتو، خير ڀيڻ ڪا ٻي ادبي تقريب ٿي ته ضرور توهان کي ان ۾ شامل ٿيڻ جو زور ڀربو، پر ادي توهان لکيو آهي ته ڪنهن ٻي ذرائع کان به توهان کي دعوت ملي هُئي پوءِ به توهان شرڪت ڪانه ڪئي، باقي هن نثار ناز سان ڀلي جهيڙا ڪيو، ڀيڻون جهيڙا ڪنديون تڏهن به دُعائون ڏينديون، نثار ناز توهان کي شهر ٽنڊو محمد خان جي فُٽ پاٿن تي ملندو، گهٽين ۾ دربدر رُلندڙ ملندو، نثارناز ايترو پري ته ڪونه آهي توهان صرف ٿورو ان کي ياد ڪري ته ڏسو ڀيڻ نثار ناز توهان وٽ هوندو۔ لک لائق ڀيڻ جو توهان ادا اسد مست جي هن ونڊ کي بهتر ڄاتو۔[/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو