مست
سينيئر رڪن
تاريخ 22 فيبروري بروز آچر تي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ سنڌ جي مشهور شاعر امداد حسيني سان هڪ شام ملهائي وئي۔ هي پروگرام سنڌ ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران ضلعي حڪومت خاص ڪري ڊي سي او محترم علي احمد لنڊ جي تعاون سان منعقد ڪيو ويو۔
السلام عليڪم دوستو!
جيئن ته سائين نثار ناز ۽ ادي شبانه جي موڪليل دعوت نامي سان اوهان سڀنيءَ سان گڏوگڏ مون کي به دعوت هئي۔ ذميواري ٻيڻي هئي، سنڌ سلامت جا ڪيلنڊر به سائين نثار ناز تائين پهچائڻا هئا، ان ڪري مون اهو موقعو بهتر سمجهندي سائين نثار ناز کان فون ڪري پروگرام جي باري ۾ تفصيل پڇيا ۽ ڪالهه شام جو 6 بجه سائين نثار ناز جي آستاني تي وڃي پهتس۔۔ ويهڻ ساڻ سڀ کان پهرين ته سائين نثار ناز سنڌ سلامت جي ڪيلنڊر جي باري ۾ پڇا ڪئي جنهن جو انهن کي شدت سان انتظار هو، ڪيلنڊر سندس جي حوالي ڪيا، سائين جن ڪيلنڊر جي تمام گهڻي تعريف ڪئي۔ حال احوال کان بعد شام جو 8 بجه ادي شبانه کي سندن گهران ساڻ ڪري هن پروگرام جي جڳهه تي پهتاسين۔۔ پروگرام ٽنڊو محمد خان جي جئمخانه ۾ منعقد ڪيو ويو هو۔
پروگرام شروع ٿي چڪو هو، تقريب جو سرموڙ سائين امداد حسيني ۽ سندن همسفر ميڊم سحر امداد پڻ پهچي چڪا هئا، ان کان علاوه مشهور اديب سائين حميد سنڌي، مشهور شاعره زيب نظاماڻي، ڊي سي او علي احمد لنڊ، ڊي پي او اياز احمد سومرو ۽ ٻيون شخصيتون پهتل هيون۔۔ سائين امداد حسيني جي شاعريءَ ۽ شخصيت کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ ٽنڊو محمد خان جا ادب دوست ۽ هر طبقي جا ماڻهو پڻ وڏي تعداد ۾موجود هئا۔ تقريب جي ڪمپيئرنگ سيد سارنگ شاهه ڪري رهيو هو۔۔ جنهن وقت اسان هال ۾ پهتاسين ته محترم تاج ٽکڙائي، امداد حسيني جي شخصيت متعلق خيالن جو اظهار ڪيو پئي، ان کان بعد سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري محترم عزيز ٽالپور، سائين حميد سنڌي، تقريب جي صدر ۽ ضلعي جي ڊي سي او محترم علي احمد لُنڊ ۽ ٻين شخصيتن به سائين امداد حسينيءَ کي تمام سهڻي انداز ۾ ڀيٽا پيش ڪئي۔
ڊي پي او ٽنڊو محمد خان محترم رياض احمد سومرو سائين جن جي باري ۾ چيو ته اسان ننڍي هوندي کان مختلف رسالن(گل ڦل وغيره) ۽ نصابي ڪتابن ۾ سائين جي شاعري پڙهندي وڏا ٿيا آهيون، اسان ته پوڙها ٿي ويا آهيون، سائين امداد حسين پنهنجي شاعريءَ سميت اڃان جوان لڳا پيا آهن، ان ڳالهه تي هال ۾ ٽهڪڙو مچي ويو۔۔۔ ان کان بعد تقريب جي صدر ڊي سي او محترم علي احمد لنڊ پنهنجي مختصر خطاب دوران سنڌي ادبي سنگت جي لاءِ ڪجهه اعلان ڪيا، جن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي آفيس قائم ڪرڻ، ان جي فنڊنگ ڪرڻ بابت چيو ۽ ان ڳالهه تي فخر جو اظهار ڪيائون ته سائين امداد حسينيءَ جي جنم ڀومي ٽنڊو محمد خان جو شهر آهي۔ اسان سڀني کي مٿن فخر آهي۔۔
محترم حميد سنڌي صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ”امداد حسينيءَ سان منهنجون تڏهن جون شامون گهاريل آهن جڏهن سحر ۽ امداد اڃان هڪ نه ٿيا هئا۔۔ امداد حسينيءَ جي شاعري سچ جي ترجماني ڪري ٿي، ان ۾ مزاحمت جو عنصر ملي ٿو، جنهن کي گهڻا ماڻهن باغي شاعر چون ٿا پر اسان جي نظر ۾ سائين امداد حسينيءَ جهڙا شاعر قومي شاعر آهن، جيڪي ون يونٽ جي دور ۾ نروار ٿيا۔۔ ون يونٽ ۾ جتي سنڌي قوم کي ڪيترا ئي نقصان مليا اتي هڪ فائدو اهو به مليو جو سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن سنڌ تي باقاعده لکڻ شروع ڪيو۔۔ تنوير عباسي، شيخ اياز، امداد حسينيءَجهڙا شاعر ان ئي دور ۾ نروار ٿيا۔۔ انهن شاعرن جڏهن گڏجي سنڌي رسالن ۾ سنڌ جي حقن جي بابت پنهنجي انداز ۾ لکڻ شروع ڪيو ته سنڌ جي ماڻهن ۾ هڪ اضطراب جاڳيو، جنهن جو فائدو اهو ٿيو جو ماڻهو سنڌ جي حقن بابت سوچڻ لڳا۔۔ اڄ به امداد جي شاعريءَ ۾ اهو عنصر ملي ٿو۔ امداد جي شاعريءَ امداد کي جوان رکيو پئي اچي۔۔“ ان سان گڏ سائين جن جتي ان ڳالهه تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته ضلعي حڪومت اهڙي پروگرامن کي منعقد ڪرڻ تي جس لهڻي ۔۔ ڇو ته اهو تمام گهٽ ڏٺو ويو آهي جو سنڌ ۾ حڪومت پاران ادب شخصيتن کي مڃتا ڏني ويندي هجي۔۔ ٽنڊو محمد خان ان سلسلي ۾ خوشنصيب آهي جو ان کي علي احمد لنڊ صاحب جهڙو ادب دوست ڪامورو (ڊي سي او) مليو آهي۔۔
شاعر کي ڀيٽا ڏيڻي هجي تهشاعري سڀنيءَ کان بهترين طريقو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سائڻ زيب نظاماڻي ۽ ميڊم سحر امداد جڏهن سائين امداد حسينيءَ جي زندگيءَبابت پنهنجا خيالات پيش ڪيا ته اهي شاعراڻه انداز ۾ پيش ڪيا۔۔۔ ميڊم زيب نظاماڻي ”امداد انمول آهين“ جي عنوان سان هڪ غزل پيش ڪئي۔ جڏهن ته ميڊم سحر امداد مختلف شخصيتن جا سائين امداد حسينيءَ جي بابت لکيل آرٽيڪلن مان ڪجهه چونڊ خيال پيش ڪيا ۽ سندن چونڊ شاعري پيش ڪئي۔۔
ان محفل جي سرموڙ سائين محترم امداد حسيني چيو ته ”مان عام طور تي محفلن ۾ وڃڻکان لهرائيندو آهيان، پر شاعرن کي مڃتا ڏيڻ جو هي سلسلو تمام بهترين ڳالهه آهي، اها ڳالهه صرف مون لاءِ نه هجڻ گهرجي پر هر شاعر جيڪو سنڌ لاءِ لکي ٿو ان کي ڀيٽا ڏني وڃي“ پنهنجي خطاب دوران پاڻ ٽنڊو محمد خان جي باري ۾ ڪجهه پنهنجي يادن کي تازو ڪيائون ۽ ان بعد پنهنجي لاجواب شاعري پيش ڪري محفل جو رنگ تبديل ڪري ڇڏيو، سچ ۽ ڪوڙ، سياست، ڌوڪي بازي، ياري دوستيءَ ۽ ٻين بهترين موضوعن تي پنهنجي کري شاعري پيش ڪري سائين جن هر شخص کي داد ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جڏهن شاعر پنهنجي لفظن کي پاڻ ادا ڪري ٻڌائي توهان ڇا ٿا سمجهو ته محفل جو ماحول ڇا هوندو۔پاڻ پنهنجي پراڻي شاعري به ٻڌايائون، ڇو ته سندن چوڻ مطابق پراڻي شراب جو نشو جيئن وڌيڪ هوندو آهي ايئن ئي پراڻي شاعري وڌيڪ اثر ڏيکاري ٿي۔ خاص طور تي دوستن جي فرمائش تي سندن لازوال گيت ”مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ“ پڻ پڙهي ٻڌايائون، ۔ ۔۔ سائين نثار ناز کي گذارش آهي ته سندن اهڙي شاعري هتي ونڊ ڪن۔۔
سائين امداد حسينيءَ کان بعد اسٽيج تان سنڌ سلامت جي ڇپايل ڪيلنڊرن بابت اعلان ڪيو ويو ۽ سنڌ سلامت جي ٽيم (سائين نثار ناز، هي ناچيز مست ۽ ادي شبانه امتياز سمون) مٿي ٻڌايل شخصيتن کي سنڌ سلامت جا اهي ڪيلنڊر تحفي طور ڏنا۔۔ ان بعد راڳ رنگ جي محفل شروع ٿي جنهن ۾ سنڌ جي نامياري فنڪاره ثريا سومرو چند ڪلام پيش ڪيا، خاص طور تي سائين امداد حسينيءَجو لکيل ڪلام ”مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آه“ پڻ پيش ڪيو ۽ ان کان علاوه اري لوگو تمهارا ڪيا، مين جانون ميرا خدا جاني۔۔ کي پنهنجي مخصوص انداز ۾ پيش ڪيو۔۔ ان کان پوءِ ٽنڊو محمد خان جي مختلف راڳين قومي گيت پيش ڪري محفل ۾ ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو،۔۔

تصويري رپورٽ
جيئن ته تصويرون تمام گهڻيون آهن، ڪوشش ڪندس ته چونڊ تصويرون تفصيل سان اوهان سان ونڊ ڪريان
تقريب ۾لڳايل بينر جو منظر۔

تقريب جو روح روان محترم امداد حسيني پنهنجي شاعري پيش ڪري رهيو آهي..

محترمه سحر امداد پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهي آهي..

اعزازي مهمان محترمه زيب نظاماڻي محترم امداد حسينيءَ کي شاعريءَ سان ڀيٽا ڏئي رهي آهي..

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري عزيز ٽالپر هن محفل بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي.

تقريب جو خصوصي مهمان مشهور اديب ۽ ڏاهو محترم حميد سنڌي محترم امداد حسيني ۽ هن محفل بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي..

ٽنڊي محمد خان جو ادب دوست ڊي سي او ۽ هن محفل جو صدر محترم علي احمد لنڊ هن تقريب بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي..

تقريب جي ڪمپئرنگ سيد سارنگ علي شاهه ڪئي۔