هي پڙهڻ منع آهي جي ها ، هي پڙهڻ منع آهي . پر اسين ان کي ضرور پڙهنداسين ، پر منع ڪرڻ جي باوجود پڙهي رهيا آهيون. ڇو ته اهو ٿي نه ٿو سگهي ته اسين ان کي نه پڙهون . جتي اهو لکيل هوندو آهي ته رستو ڪراس ڪرڻ منع آهي . اتي اسين رستو ضرور ڪراس ڪنداسين ، جيتوڻيڪ حادثو ئي ڇو نه ٿئي ، جتي لکيل هوندو آهي ” هڪ طرفه ٽريفڪ“ اسين اتان مخالف طرف ضرور هلنداسين ، جيتوڻيڪ چالان ئي ڇو نه ٿئي ، جتي لکيل هوندو آهي “ گل پٽڻ منع آهي“ اسين اتان ضورو گل پٽينداسين ، پر گلن جو گلدستو به تيار ڪنداسين ، جتي لکيل هوندو آهي ته ” هارن وڄائڻ منع آهي “ اتي ضرور اسين هارن وڄائيندا رهنداسين ، پر لڳاتار وڄائيندا رهنداسين ، ڪو پريشان ٿئي ته ڀل ٿئي ، جتي اهو بورڊ لڳل هوندو آهي ته ” هتي ڪچرو اڇلائڻ منع آهي “ اتي اسين ڪچري جا ڍير لڳائينداسين ، گندگي پکيڙجيٿي ته ڀل پکيڙجي ، جتي لکيل هوندو ” سگريٽ ڇڪڻ منع آهي“ اتي اسين نه صرف سگريٽ ڇڪينداسين . پر سگريٽ جو دوهون ماڻهن ڏانهن اڇلائينداسين ، انهن جو جئيڻ حرام ڪنداسين ، جتي لکيل هوندو ته ” هتي ٿڪ اڇلائڻ منع آحي “ اتي ڀتين تي ڊيزائن ٺاهينداسين ،جي لکيل هوندو ته ” هتي گاه تي هلڻ منع آهي “ اتي اسين هلڻ ته ٺهيو پر ليٿڙيون ۽ قلابازيون به پائينداسين ، گهٽين ۾ محلي ۾ رات جو دير سان موٽر سائيڪلن جي سلينسر ڪڍي ڪري تيز هلا.ئينداسين ، مڻهن جون ننڊون جحرام ٿين ته ڀل ٿين ، اسين ته آزاد آهيون . هر لحاظ سان آزاد آهيون ، سمنڊ جي ڪناري تي هر جاءِ تي بورڊ لڳل هوندا آهن ته ”هتي وهنجڻ منع آهي“ اسين وهنجڻ ته ٺهيو پر راند به ڪندا آهيون ، عقل جا تقاضا اها آهي ته جيڪا شيءَ گهٽ ٿئي ، ان تي افسوس ڪجي ۽ وڌي وڃي ته ان تي خوشي ڪرڻ گهرجي . اسان جي ناداني اها آهي ته جڏهن سال گهٽ ٿيندو آهي ته اسين خوشي وچان فائرنگ ڪندا آهيون ۽ جشن ملهائيندا آهيون ۽ هڪ سال عمر جي نقصان کي انجواءِ ڪندا آهيون. اسين ڪنهن جي هدايت ۽ نصيحت تي عمل نه ڪندا آهيون ، اسان کي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي خوشيءَ ۽ قانون تي عمل ڪرڻ سان شرمندگي ٿيندي آهي . الائجي ڇو؟ ڇا اسين هدايت تي عمل ڪرڻ نٿا سکي سگهون ؟ هاڻي ڏسڻو هي آهي ته سڀ ڪجه پڙهڻ کان پوءِ به پاڻ ڪيترو عمل ڪريون ٿا ۽ معاشري کي عمل ڪرائڻ ۾ ڪيتري رهنمائي ۽ مدد ڪريون ٿا. ڪتاب؛ بيمارين جا سبب ۽ جديد طبي علاج( حصو پهريون ۽ ٻيو) حڪيم نذير احمد شيخ ڪمپوز ؛ افتخار علي چوهاڻ
جواب: هي پڙهڻ منع آهي ها ها ها ۔۔۔۔ ڪجهه عرصو اڳ جڏهن آءُ سنڌ آيو هيس ته ڀت تي لکيل هو ـ ديکو گدها پيشاب ڪر رها هي“ ۽ بلڪل ان جي هيٺان ئي هڪ ماڻهون پيشاب ڪري رهيو هو ۔۔۔ هڪ ڏينهن گاڏي هلائيندي ڪنهن پاسي ٿي ويس، رات جا شايد 12 ٿي ويا هيا۔ سامهون بتي ڳاڙهي ٿي ته آءُ بيهي رهيس ۔۔۔ پر بيهڻ کانپوءِ احساس ٿيو ته ماڻهون پنهنجيون گاڏيون ڪاهيندا ٿي ويا ۽ ورائي مونکي به ڏسن پيا ۔۔۔ مون دوستن سان ڳالهه ڪئي ته هنن چيو يار، ماڻهون توکي انڪري ڏسن پيا ته هي ڪهڙو بيوقوف يا چريو آهي جيڪو هن وقت ڳاڙهي بتيءَ تي بيٺو آهي ۔۔۔ سو ادا اسان ماڻهون هميشه اهو ئي ڪندا آهيون جنهن جي منع ٿيندي آهي، جيئن مون هي ليک پڙهي ورتو جيئن ته صاف لفظن ۾ لکيل هو ته هي پڙهڻ منع آهي ۔۔۔ معاف ڪجو آئينده نه پڙهنداسون ۔۔۔ لک ٿورا ونڊ ڪرڻ جا ۽ اکين کولڻ جا۔
جواب: هي پڙهڻ منع آهي ادا اوهان جي مضمون پڙهڻ سان چهري تي مسڪراهٽ آئي جڻ اسان جي محنت سڄائي ٿي وئي ۔ ادا هي حقيقت آهي اسان ۾ اهي عادتون آهن ۽ اسان کي گهرجي ته هن ڏانهن توجه ڪيون ، ڪٿي پنهنجي خوشي جي ڪري ٻين کي ته نه پيا رنجهايون ۔ ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا هڪ دفعي وري به مهرباني جو ليک ته تبصرو ڪيو اٿو
جواب: هي پڙهڻ منع آهي بروبر ادا صحيح پيا چو ، پر ادا اصل ڳالھ آهي پنهنجي اصلاح جي جنهن لا اهو مضمون ونڊ ڪيم
جواب: هي پڙهڻ منع آهي ادا افتخار صاحب۔آسلام عليڪم،آلله پاڪ انسان کي اهڙي مٽي مان ٺاهيو آهي جيڪا پابندي سولائي سان برداشت na ڪندي آهي۔جنهن شي کان هن کي روڪيو ويندو آهي اهو ضرور ڪندو آهي ۔حضرت آدم عليه وسلام جو مثال آوهان جي سامهون آهي هنن کي الله پاڪ جنهن پهل/گندم(ڪن ڪتابن ۾ گندم لکيل آهي)کائڻ کان منع ڪيائون،آهوئي کاڌئون ۽ جنت کان ٻاهر ڪڍيا ويا۔توهانجو تجزيو حقيقت تي مبني آهي۔توهانجي ليک ۾ پوشيده سمجهاڻي شل اسان کي اسانجي غلطن جو احساس ڏياري ۽ آئيندا آسان آهو غلطيون ن ورجائيون۔سائين منهنجا هڪ سٺي سمجهاڻي ڏني اٿو ۔هميشه خوش رهو۔
جواب: هي پڙهڻ منع آهي هاهاها سائين اسان پاڪستان ۾ ٿا رهون ۽ اوهان پاڻ ڄاڻون ٿا ۔۔۔۔۔۔۔۔ جيتوڻيڪ مون اڄ صبه کان هن مضمون کي پڙهڻ ڪونه پي چاهيو پر هيترا سارا ڪمينٽس ڏسي سوچيم ته شايد مان غلطي تي آهيان ۽ پڙهڻ کپي ۔۔۔ پر مونکان واقعي غلطي ٿي آهي
جواب: هي پڙهڻ منع آهي ادا افتخار۔۔۔ اوهان جيڪو هي مضمون ونڊ ڪيو آهي، اهو ڪڙو سچ آهي، بروبر پاڪستان ۾ اهو ئي پيو ٿئي، معاشري ۾ اهو ئي پيو ٿئي۔۔ جيئن تعليمي ادارن ۾ ڪاپي ڪرڻ منع آهي، پر ٿئي پئي۔۔ تعليمي ادارن ۾ هٿيار کڻي هلڻ منع آهي پر سرِ عام فائرنگون، قتل اڃان ڳالهيون ڊگهيون آهن پر سمجهڻوارا سمجهي ويندا
جواب: هي پڙهڻ منع آهي بلڪل ادا سليمان وساڻ صاحب مان به ائين ئي پئي سوچيم ته هي موضوع نه پڙهندس پر لڳاتار ان ۾ ڪمينٽس ڏٺم سو سائين افتخار صاحب پهريائين ته معاف ڪجو جو منع باوجود موضوع پڙهي ورتم :d:d:d ادا ٻيو ته مٿينون ڳالهيون فطرت ۾ شامل آهن جن جو توهان ذڪر ڪيو آهي اسان اهڙي معاشري ۾ ننڍا ٿئي وڏا ٿيا آهيون جتي اهي ڳالهيون ڪامن آهن بس وري به دعا آهي ته الله پاڪ سمجهه عطا ڪري امين سدائين گڏ
جواب: هي پڙهڻ منع آهي وعليڪم السلام سائين غلام مصطفى اوهان جو نالو هن ڪري لکندو آهيان جو مونکي گهڻو وڻندو آهي ۔ جي ادا انسان ۾ اها خصلت رکيل آهي ته جنهن شي کان پري رهڻ جي تلقين هوندي آهي دل تجسس جي بنياد تي هن جي ڪڍ لڳندي آهي ۔ جئين ته انسان خطا جو پتلو آهي ۽ انسان کان ئي غلطيون سرزد ٿينديون آهن پر پو به اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اهڙن ڪمن کان اجتناب ڪيون۔۔۔ آخر ۾ آوهان جي پسند ڪرڻ لا مهرباني
جواب: هي پڙهڻ منع آهي ادا اوهان جو ڪوبه ڏوھ ڪونهي مضمون جو نالو ئي اهڙو رکيل هيو ، دير آيد درست آيد جيان اوهان نيٺ مضمون ڏي نظر وڍي ۽ اسان کي ڪامنٽس ڏنا هن لا مهرباني اوهان جي ۔
جواب: هي پڙهڻ منع آهي جي ادا بلڪل وقت تبديلي جو تقاضه ٿو ڪري ۽ شروعات اها عوام کان ئي ٿيندي اسان سڀنن کي گهرجي ته اها تبديلي آڻيو ۔