افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
هي پڙهڻ منع آهي
جي ها ، هي پڙهڻ منع آهي . پر اسين ان کي ضرور پڙهنداسين ، پر منع ڪرڻ جي باوجود پڙهي رهيا آهيون. ڇو ته اهو ٿي نه ٿو سگهي ته اسين ان کي نه پڙهون . جتي اهو لکيل هوندو آهي ته رستو ڪراس ڪرڻ منع آهي . اتي اسين رستو ضرور ڪراس ڪنداسين ، جيتوڻيڪ حادثو ئي ڇو نه ٿئي ، جتي لکيل هوندو آهي ” هڪ طرفه ٽريفڪ“ اسين اتان مخالف طرف ضرور هلنداسين ، جيتوڻيڪ چالان ئي ڇو نه ٿئي ، جتي لکيل هوندو آهي “ گل پٽڻ منع آهي“ اسين اتان ضورو گل پٽينداسين ، پر گلن جو گلدستو به تيار ڪنداسين ، جتي لکيل هوندو آهي ته ” هارن وڄائڻ منع آهي “ اتي ضرور اسين هارن وڄائيندا رهنداسين ، پر لڳاتار وڄائيندا رهنداسين ، ڪو پريشان ٿئي ته ڀل ٿئي ، جتي اهو بورڊ لڳل هوندو آهي ته ” هتي ڪچرو اڇلائڻ منع آهي “ اتي اسين ڪچري جا ڍير لڳائينداسين ، گندگي پکيڙجيٿي ته ڀل پکيڙجي ، جتي لکيل هوندو ” سگريٽ ڇڪڻ منع آهي“ اتي اسين نه صرف سگريٽ ڇڪينداسين . پر سگريٽ جو دوهون ماڻهن ڏانهن اڇلائينداسين ، انهن جو جئيڻ حرام ڪنداسين ، جتي لکيل هوندو ته ” هتي ٿڪ اڇلائڻ منع آحي “ اتي ڀتين تي ڊيزائن ٺاهينداسين ،جي لکيل هوندو ته ” هتي گاه تي هلڻ منع آهي “ اتي اسين هلڻ ته ٺهيو پر ليٿڙيون ۽ قلابازيون به پائينداسين ، گهٽين ۾ محلي ۾ رات جو دير سان موٽر سائيڪلن جي سلينسر ڪڍي ڪري تيز هلا.ئينداسين ، مڻهن جون ننڊون جحرام ٿين ته ڀل ٿين ، اسين ته آزاد آهيون . هر لحاظ سان آزاد آهيون ، سمنڊ جي ڪناري تي هر جاءِ تي بورڊ لڳل هوندا آهن ته ”هتي وهنجڻ منع آهي“ اسين وهنجڻ ته ٺهيو پر راند به ڪندا آهيون ، عقل جا تقاضا اها آهي ته جيڪا شيءَ گهٽ ٿئي ، ان تي افسوس ڪجي ۽ وڌي وڃي ته ان تي خوشي ڪرڻ گهرجي . اسان جي ناداني اها آهي ته جڏهن سال گهٽ ٿيندو آهي ته اسين خوشي وچان فائرنگ ڪندا آهيون ۽ جشن ملهائيندا آهيون ۽ هڪ سال عمر جي نقصان کي انجواءِ ڪندا آهيون.
اسين ڪنهن جي هدايت ۽ نصيحت تي عمل نه ڪندا آهيون ، اسان کي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي خوشيءَ ۽ قانون تي عمل ڪرڻ سان شرمندگي ٿيندي آهي . الائجي ڇو؟ ڇا اسين هدايت تي عمل ڪرڻ نٿا سکي سگهون ؟
هاڻي ڏسڻو هي آهي ته سڀ ڪجه پڙهڻ کان پوءِ به پاڻ ڪيترو عمل ڪريون ٿا ۽ معاشري کي عمل ڪرائڻ ۾ ڪيتري رهنمائي ۽ مدد ڪريون ٿا.
ڪتاب؛ بيمارين جا سبب ۽ جديد طبي علاج( حصو پهريون ۽ ٻيو)
حڪيم نذير احمد شيخ
ڪمپوز ؛ افتخار علي چوهاڻ