محمد رمضان منڌرو
سينيئر رڪن
ممتاز علي بجير جي شاعري
هتي امن تون ايندي ڪڏهن،
ظلم جي گواهي ڏيندي ڪڏهن .
هر ماڻهون جهاتي پائي ڏسي ٿو،
هر صبح ڪو خوشين جو ڏسڻ چاهي ٿو،
هتي درد وند ديسي چاهي ٿو ،
هو بي ڏوهي ڇو گهائي ٿو ،
هي ڏتڙيل منهنجو ڏيھ چاهي ٿو،
هتي امن تون ايندي ڪڏهن،
ظلم جي گواهي ڏيندي ڪڏهن .
پنهنجا درد کڻي در در ڀٽنڪندا رهيا ٿي ،
وحشين جي شهر ۾ موڳا بڻجي لٽيا ٿي،
سخت زنجيرن ۾ ڪيئن ابتا لٽڪيا ٿي،
عزت جي خاطر هو چپ رهيا ٿي ،
تڙپي تڙپي بي مقصد مرندي رهيا ٿي،
هتي امن تون ايندي ڪڏهن،
ظلم جي گواهي ڏيندي ڪڏهن .
ظلم جي گواهي ڏيندي ڪڏهن .
هر ماڻهون جهاتي پائي ڏسي ٿو،
هر صبح ڪو خوشين جو ڏسڻ چاهي ٿو،
هتي درد وند ديسي چاهي ٿو ،
هو بي ڏوهي ڇو گهائي ٿو ،
هي ڏتڙيل منهنجو ڏيھ چاهي ٿو،
هتي امن تون ايندي ڪڏهن،
ظلم جي گواهي ڏيندي ڪڏهن .
پنهنجا درد کڻي در در ڀٽنڪندا رهيا ٿي ،
وحشين جي شهر ۾ موڳا بڻجي لٽيا ٿي،
سخت زنجيرن ۾ ڪيئن ابتا لٽڪيا ٿي،
عزت جي خاطر هو چپ رهيا ٿي ،
تڙپي تڙپي بي مقصد مرندي رهيا ٿي،
هتي امن تون ايندي ڪڏهن،
ظلم جي گواهي ڏيندي ڪڏهن .
