۔
مون سوچيو ته ٻيو ڪو دوست سائين جي لاءِ موضوع تيار ڪندو پر ڪنهن نه تيار ڪيو ان ڪري مست بسم الله ڪئي...
سنڌ سلامت جي پياري رُڪن ۽ هر دلعزيز مينيجنگ ايڊيٽر سائين سليمان وساڻ کي سنڌ سلامت تي پنهنجي 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻتي دل جي گهرائين سان مبارڪ هجي۔
![]()
![]()
۔
مون سوچيو ته ٻيو ڪو دوست سائين جي لاءِ موضوع تيار ڪندو پر ڪنهن نه تيار ڪيو ان ڪري مست بسم الله ڪئي...
سنڌ سلامت جي پياري رُڪن ۽ هر دلعزيز مينيجنگ ايڊيٽر سائين سليمان وساڻ کي سنڌ سلامت تي پنهنجي 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻتي دل جي گهرائين سان مبارڪ هجي۔
![]()
![]()
ادا مست مهرباني
دوستن جي ڏنل موٽ ۽ محبتن جي ڪهڙي ڳاله ڪجي اهوئي سبب آهي جو مون جهڙو جاهل به ٻه هزار تحريرون لکڻ جي قابل ٿي ويو آهي۔ اها سنڌ سلامت فورم ، سنڌ سان عشق ۽ دوستن جي رهنمائي ئي آهي جنهن اسان کي اوهان سان جوڙي رکيو آهي۔
الله ڏاهِي َم ٿيان ، ڏاهيون ڏ کَ ڏسن
مون سان مون پرين، ڀورائي ۾ ڀال ڪيا
سنڌ سلامت تي آڻڻ ۾ سائين نثار ابڙو جو ئي هٿ هيو جيڪو مونکي زوري فيس بوڪ تان هتي وٺي آيو ۽ پوء بس اهو ساٿ هميشه لاء جڙي ويو۔ منهنجون هي تحريرون ته اوهان دوستن جي تحريرن جي تعداد اڳيان ڪجه به ڪونهن پر سنڌ سان سچي محبت جي ننڍڙي ڪوشش ضرور آهن۔
اوهان جا لک قرب
ادا سليمان وساڻ صاحب
توهان کي هن فقير طرفان به 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪون هجن
سائين سليمان صاحب هن فورم جا جاکوڙي ، محسن دوست آهن انهي جي باري ۾ جيترو لکجي سو گهٽ ٿيندو
سائين جن جي هر تحرير ۾ هر موضوع ۾ هڪ سبق سمايل هوندو آهي مان ته سائين سليمان صاحب
جي هر تحرير مان ڪجهه نه ڪجهه سکڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندو آهيان
الله سائين کي وڏي حياتي ، صحت ڪاملا عطا ڪري ،
آمين
سائين سليمان صاحب هڪ دفعو ٻيهر اوهان کي مبارڪون هجن شل فقير جو مبارڪون قبول پون .
سدائين گڏ
سائين سليمان آ اوهان کي ٻه هزار تحريرون مڪمل ڪرڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چوان ٿو واقعن اوهان سان هڪ ڀيرو ملاقات آهي ليڪن اوهان جي ڏنل محبت کي ڪنهن به صورت ۾ فراموش نه ٿو ڪري سگهجي الله اوهان کي وڌيڪ همت عطا ڪندو
مانوارا سائين توهانکي دل جي گهرائين سان مبارڪون پيش ڪيون۔توهانجون هن اوطاق لاء جيڪي جاکوڙون آهن آهي ڪنهن کان لڪل نه آهن۔توهانجا ليک پڙهڻ جو اتفاق ٿيو آهي ڏاڍا دل کي ڇهندڙ۔معنئ ڀريا ۽ معلومات سان لبريز هوندا آهن۔توهان جي ڪمنٽس مان اهو محسوس ٿيندو آهي ته اوهان هر ميمبر جا ليک غور سان پڙهي ان تي ڪارائتي رائي ڏيندا آهيو۔اسان جا ڪجه قانون جي باري ۾ لکيل ليک توهانجي ڪمينٽس جا منتظر آهن۔ميمبرس جو تعداد جيڪو قانوني مسئلاء ۽ ان جي حل جي سامهون لکجي آچي ٿو ٻڌائي ٿو ته آهي مضمون تمام گهٽ ماڻهون پڙهن ٿا۔اسان جي ته خواهش آهي ته اها معلومات سڀني ميمبرن تائين پهچايون تاڪه هو ان مان مستفيد ٿي سگهن۔
اسلام وعليڪم،
سائين اوهان کي دل جي گهراين سان 2000 رنسون پوريون ڪرڻ تي اوهان کي دل جي گهراين سان مبارڪ باد پيش ڪجي ٿي اميد ته هميشه اسان کي رهنمائي ڏيندا رهندا،
اهان جي هر لکڻي جو بيچيني سان انتظار رهندو آهي،
هڪ ڀيرو ٻيهر مبارڪون پيش پون۔۔