• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محترم سليمان وساڻ‌ کي 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ هجي

جواب: محترم سليمان وساڻ‌ کي 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ هجي

ادا سليمان وساڻ صاحب اسان جي طرفان به اوهان اهو ٻه هزار تحريرن وارو سنگ ميل عبور ڪرڻ تي دلي طرح سان مبارڪ هجي ۔ انشاءالله زندگي ۾ هر موڙ تي ڪامياب ۽ ڪامران هجو ۔ اسان جون دعائون اوهان سان گڏ آهن۔​

ڀاء عمران اوهان جا قرب اوهان واڌايون ڏنيون

هي سنگ ميل ناهي بس هي ته هڪ اڻ کُٽ جدوجهد لاء هڪ ننڍڙي وک به ناهي

اوهان دوستن جي ڏنل موٽ ۽ محبتن ئي ته حوصلا وڌايا آهن
 
جواب: محترم سليمان وساڻ‌ کي 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ هجي

ادا مست ٻيو ڪو موضوع تيار ڪري ها ته اهڙو خوبصورت تيار نه ڪري سگهي ها اهڙي سهڻي شخصيت لاء اوهان ئي بهترين موضوع تيار ڪري سگهو ٿا جيڪو فرض توهان نڀايو الله توهان کي خوش رکي سائين محمد سليمان جن کي هن عاجز طرفان پڻ مبارڪون.

سائين مولوي رحيم بخش صاحب اوهان جا ٿورا

سچ پڇو اوهان جهڙن رهنمائن جي ڏنل صلاحن ، راين ، دعائن ۽ حوصلن ڪري ئي پاڻ ڪي وکون کڻي اڳتي لاء پيا سوچيون۔ اوهان جي ساٿ جي ڪري ئي اسان ۾ چستي پيدا ٿيندي آهي۔

پاڻهي ايندم هوت پر ڪجه آء به اڳڀري ٿيان

لک قرب اوهان جي مبارڪن ڏيڻ جا
 
جواب: محترم سليمان وساڻ‌ کي 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ هجي

ادا سليمان وساڻ صاحب

توهان کي هن فقير طرفان به 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪون هجن
اسان جون دعائون اوهان سان گڏ آهن

ادا انٽرنيشنل جهونا فقير اوهان جا قرب

اوهان جون ڏنل واڌايون به اسان لاء ڪنهن دعا کان گهٽ ناهن ۽ اوهان جون دعائون ته وري سوني تي ٽڪ آهن۔ پر فقير اسان سان ملاققات ڪانه ٿي اهو ارمان رهجي ويو۔

خير دنيا اميد تي قائم آهي۔ زندگي رهي ته وري ملاقاتون ٿينديون
 
جواب: محترم سليمان وساڻ‌ کي 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ هجي

سائين سليمان صاحب جن جي هر تحرير ۾ هر موضوع ۾ هڪ سبق ء سمجهاڻي سمايل هوندي آهي ، هر نئين دوست کي همٿائڻ،ان کي گائيڊ ڪرڻ، تمام سٺي اخلاق جا مالڪ سنڌ سلامت کي اهڙن دوستن تي فخر آهي، سائين سليمان صاحب جو ڪاوشون سنڌ سلامت لاء هر دم هر وقت موجود هونديون آهن۔ جيڪو فرض هي نڀائي رهيا آهن الله تعالي ڪري ته هميشه ائين نڀائيندا رهن الله هن کي خوش رکي ۔ آمين۔۔۔

منهنجي طرفان به دل جي گهراين سان 2000 تحريرون پوريون ڪرڻ تي مبارڪ باد هجي۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

مست جي ڪمپوزنگ لاجواب آهي


ادا عرس مهربانيون

ڀاء اسان پاڻ سکڻ جي مرحلي ۾ آهيون باقي جيڪو پاڻ سکيل آهيون اهو دوستن کي به ونڊ ڪندا آهيون۔ لکڻ به سنڌ سلامت جي دوستن کان سکيو آهي، لکڻ جي شروعات به هتان ڪئي آهي۔ مونکي ياد آهي پهريان مان ڪجه لائينون لکڻ جي قابل به ڪونه هوندو هوس پر هاڻي اوهان دوستن جي همٿائڻ کانپوء ڪجه وڌيڪ لکڻ جي عادت پئي اٿم۔

سنڌ سلامت ۽ سنڌ سلامت جا ميمبر هڪ فيملي وانگر آهن انڪري سڀ منهنجا ڀائر آهن۔

اوهان دعائون ڏنيون اوهان جون مهربانيون
 
جواب: محترم سليمان وساڻ‌ کي 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ هجي

اسان جي سنڌ سلامت جي محنتي مينيجنگ ايڊيٽر محترم محمد سليمان وساڻ کي هن ڀيڻ پاران به 2000 هزار تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون ۽ جس هُجي ته سنڌ امڙ جي خدمت ائين ئي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان سدائين ڪندا رهن۔
 
جواب: محترم سليمان وساڻ‌ کي 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ هجي

ادا سليمان صاحب نهايت خوشي جهڙي ڳالھ آهي ته اوهان 2000 تحريرون مڪمل ڪري ورتيون آهن ۔ اسان مسڪينن جي طرفان به اوهان کي واڌايون قبول پون۔

اوهان جا مضمون هن فورم جا زينت آهن الله تعالى اوهان کي اڃان مزيد توفيق عطا فرما جو ائين ئي پنهنجن تحرين سان سنڌ سلامت تي رونقون وڌائيندا رهو ۔ آمين

چوهاڻ صاحب اوهان جي مهرباني

رونقون ته سڀني دوستن جي ڪري هونديون آهن ۽ تحريرون به پڙهندڙن ۽ رايا ڏيندڙن جي لاء ئي هونديون آهن۔ سنڌ سلامت جي سڀني ميمبرن جي مهرباني آهي جو اسان ڪجه لکڻ جي قابل آهيون۔ باقي اوهان جهڙن علم دوست ۽ ڏاهن جي اڳيان اسان جون لکڻيون ته ڪجه به ناهن۔

لک قرب ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت

دعائن لاء خاص مهربانيون
 
جواب: محترم سليمان وساڻ‌ کي 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ هجي

fw3jfm.png
سنڌ سلامت جي عاشق ۽ محبتي ماڻهون محترم دوست مينيجنگ ايڊيٽر سائين سليمان وساڻ کي سنڌ سلامت تي پنهنجي 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ ‌تي هن ناچيز ممتاز طرفان به دل جي گهرائين سان مبارڪ هجي ۔۔۔ محترم دوست سليمان وساڻ صاحب هڪ زنده دل کل ڀوڳ وارو هشاش بشاس ڳالهائڻ جو ڪوڏيو محبتي ۽ جيڪو دل تي سو منهن تي چوڻ وارو پيارو دوست آهي، محترم دوست سليمان وساڻ صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات ڪراچي جي هڪ اسپتال ابن سينا ۾ ٿئي، جڏهن مان بيماري جي ڪري اسپتال ۾ داخل هئس، ۽ وري ٻئي ملاقات ڪراچي ۾ ئي سلاطين هوٽل تي ٿئي جتي سنڌ سلامت جي سرواڻ محترم دوست عبدالرشيد سمون صاحب جن اسان سنڌ سلامت جي ڪجهه ميمبرن سان هڪ ملاقات رکي ڪري اسان جي دعوت پڻ ڪئي، ( جنهن لاء مان سندس ٿورائتو آهيان جو عبدالرشيد صاحب مون کي فون ڪري دعوت ڏني) جنهن ۾ اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب، محترم دوست طاهر عبدلقيوم سنڌي صاحب محترم مرتضه وساڻ صاحب، محترم دوست عرس پريو صاحب جن به شرڪت ڪئي ۽ ان گڏجاڻي ۾ مون کي تمام گهڻو مزو آيو، جڏهن ته مان ان وقت آفيس مان ئي گهر پهچي چينجنگ ڪري ۽ گڏجاڻي ۾ پهتو هئس، ۽ مان ٿڪل به تمام گهڻو هئس پر ان جي باوجود ان گڏجاڻي ۽ ڪچهري مون کي تمام گهڻو مزو ڏنو۔ ۽ ان ڪچهري ۾ دوستن هٿان محترم دوست نثار ابڙي صاحب سعودي عرب مان سنڌ سلامت تي ٿيل ڪم جي عيوض منهنجي لاء خاص سلام مڪيا هئا جنهن لاء مان سندس ٿورائتو آهيان،۔۔۔۔۔۔ مون ڏٓٓٺو ته ان ڪچهري کي به محترم دوست سليمان وساڻ صاحب مچايو ويٺو هو، جنهن ۾ ڪجهه ڀوڳ ته ڪجهه سنجيده ڳالهيون به ڪندو پئي هليو، ۽ سندس گفتگو مان مان متاثر ٿيس، اهڙا يار ويس خوش طبيعت ۽ ڪچهري جا مور دوست تمام گهٽ ئي ملندا آهن۔ ۽ ٻئي ڳالهه ته ان ڪچهري ۾ محترم دوست علي علي صاحب به اچڻو هو جنهن سان پڻ ملڻ جو مون کي تمام گهڻو شوق ۽ سڪ هئي مگر محترم دوست علي ظفر صاحب عرف علي علي صاحب کي ڳوٓٺان ڪراچي اچڻ ۾ رستي ۾ دير ٿئي وئي ۽ اسان جي ڪچهري کي تمام گهڻي دير ٿئي وئي ۽ محترم دوست سليمان وساڻ صاحب ۽ مان مجبورن ان ڪچهري کان موڪلائي گهر پهتاسين ۔ جڏهن ته ٻئي سنگت۔۔ محترم عبدالرشيد سمون صاحب ، ڳرس پريو صاحب، ۽ طاهر سنڌي صاحب علي علي صاحب جو انتظار ڪري رهيا هئي، علي علي صاحب کي بحرين وڃڻو هو۔

ادا ممتاز سڪ ته اسان کي به اوهان سان ۽ ادي ڏاڏل سان به ۽ سڄي سنگت سان ملڻ جي گهڻي هئي پر شآيد نصيب نه هو مان سڄي سنگت کان معذرت خواه آهيان جو انهن کي مهنجو انتظار ڪرڻو پيو انشاء الله ان ڏنڊ ۾ ايندڙ پارٽي مهنجي طرفان هوندي سڀني دوستن لاء ادي سليمان کي اصل وار نه ڏبو ۔۔۔۔
 
جواب: محترم سليمان وساڻ‌ کي 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ هجي

سليمان وساڻ ۔۔۔ سچ پڇو ته لفظ ساٿ نٿا ڏين ته ڇا چئجي، اوهانجي ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه جي ويهي پٽار ڪجي، اوهانجي دوستيءَ جي، سچائيءَ جي، سنڌ سڄڻائپ جي، ادب دوستيءَ جي، حساس شخصيت جي يا وري هڪ سهڻي انسان جي ۔۔۔؟؟؟؟

جڏهن سنڌي ادب ۽ شاعريءَ کي ٺاهي ٺڪي، سهڻو ڪري پيش ڪرڻ وارا نيٽ تي آڱرن تي ڳڻڻ جيترا به نه هئا ته ان وقت سليمان وساڻ پنهنجو سهڻيون چترڪاريون ٺاهي فيسبڪ تي لڳائيندو هو ۔۔۔ مونکي خبر پئي ته هڪ ته منهنجي خوشنصيبي ٿيندي جو آءُ سائينءَ جن جو پاڙيسري ٿيڻ وارو هيس، ٻيو وري سچل ڳوٺ جو بهادر ۽ رهنما انسان جيڪڏهن دوستيءَ ۾ هجي ته ڀاڳ ڀلا چئبا ۔۔۔ ٽيون وري جيڪڏهن هي سنڌ جو سڄڻ انسان سنڌ سلامت تي اچي وڃي ته سنڌ سلامت کي هڪ سگهه ملي پوندي ۔۔۔

بس پوءِ مون پنهنجا هٿ ادب جا ٻڌي دوست کي عرض ڪيو ۽ ياداشت ڪرائيندو رهيس، هڪ ڏينهن اوچتو ئي اچتو سائين فيسبڪ تي اچي مونکي سنڌ سلامت تي اچي پنهنجا ليک موڪلڻ جو چيو ۔۔۔ بس سچ پڇو ته منهنجي خوشيءَ جي ڪا حد نه رهي ۽ اهو ڏينهن هي ڏينهن، سليمان سنڌ سلامت جي سگهه ۽ رهنما جي حيثيت سان موجود آهي ۔۔۔ ۽ منهنجن سهڻن دوست جي فهرست ۾ سر فهرست آهي ۔۔۔

دوست سليمان مونکي فخر آهي اوهانجي دوستيءَ تي، سنڌ سلامت جي دوستن کي اوهانجي هجڻ سان هڪ اهڙي سگهه ملي آهي جنهنجو مثال ائين آهي جيئن ڪو گهر جو وڏو ڀاتي اچي ته ننڍا ڀاتي آرام ۾ اچي ويندا هجن ۔۔۔

اوهانجا ٻه هزار ليک، ممڪن ڪو ليک منهنجي نظر مان نه گذريو هجي ڇاڪاڻ جڏهن آءُ اوهانجو نالو ڏسندو آهيان ته ان ليک کي ضرور پڙهندو اهيان، انڪري ته مونکي ان مان ڪيتريون ئي راهون ملي پونديون آهن ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔

رب العالمين اوهانجو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين

سائين نثار ابڙو صاحب لک مهربانيون

سچ پڇو ته مان ڪجه به نه هئس بس سنڌي ادب جي لازوال شاعريء کي رنگ ڏئي پنهنجي ڌن ۾ مگن هوس۔ پر اوهان سنڌ سلامت تي آڻي ۽ ايڏي گهڻي حوصلا افزائي ڪئي، رهنمائي ڪئي ۽ ساٿ ڏنو جو مون جهڙو ادب جي الف ب کان واجهيل ماڻهو به 2000 تحريرون لکڻ جي قابل ٿي ويو آهي۔ هي سڀ اوهان ڏاهن جي سنگت سبب ئي ٿي سگهيو آهي۔

مُون کي مُون پِرِيَنِ، ٻَڌِي وِڌو ٻارِ ۾

اوهان جي ڏاهپ ڀرين لکڻين ۽ اسان جي لکڻين تي اوهان پاران ڪيل ڪمينٽس اسان جا حوصلا وڌايا آهن ۽ هڪ ٻي ڳاله ته اوهان سان ڪيل ڪچهرين کانپوء ۽ لکڻ کانپوء سنڌ سان هر روز وڌيڪ محبت پيدا ٿيندي ٿي وڃي۔ ٻي ڳاله ته سنڌ سلامت هڪ فيملي وانگر هجڻ سبب هر دوست سان جيسين رابطو نه ٿو ڪجي حال احوال نه ٿو وٺجي تيسين اُڻ تڻ ٿيوپوي۔

ڪنول پاڙون پاتال ۾، ڀونر ڀري آڪاس.
ٻنهي سندي ڳالهڙي رازق آندي راس
تنهن عشق کي شاباس ، جنهن محبتي ميڙيا
 
جواب: محترم سليمان وساڻ‌ کي 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ هجي

fw3jfm.png
سنڌ سلامت جي عاشق ۽ محبتي ماڻهون محترم دوست مينيجنگ ايڊيٽر سائين سليمان وساڻ کي سنڌ سلامت تي پنهنجي 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ ‌تي هن ناچيز ممتاز طرفان به دل جي گهرائين سان مبارڪ هجي ۔۔۔ محترم دوست سليمان وساڻ صاحب هڪ زنده دل کل ڀوڳ وارو هشاش بشاس ڳالهائڻ جو ڪوڏيو محبتي ۽ جيڪو دل تي سو منهن تي چوڻ وارو پيارو دوست آهي، محترم دوست سليمان وساڻ صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات ڪراچي جي هڪ اسپتال ابن سينا ۾ ٿئي، جڏهن مان بيماري جي ڪري اسپتال ۾ داخل هئس، ۽ وري ٻئي ملاقات ڪراچي ۾ ئي سلاطين هوٽل تي ٿئي جتي سنڌ سلامت جي سرواڻ محترم دوست عبدالرشيد سمون صاحب جن اسان سنڌ سلامت جي ڪجهه ميمبرن سان هڪ ملاقات رکي ڪري اسان جي دعوت پڻ ڪئي، ( جنهن لاء مان سندس ٿورائتو آهيان جو عبدالرشيد صاحب مون کي فون ڪري دعوت ڏني) جنهن ۾ اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب، محترم دوست طاهر عبدلقيوم سنڌي صاحب محترم مرتضه وساڻ صاحب، محترم دوست عرس پريو صاحب جن به شرڪت ڪئي ۽ ان گڏجاڻي ۾ مون کي تمام گهڻو مزو آيو، جڏهن ته مان ان وقت آفيس مان ئي گهر پهچي چينجنگ ڪري ۽ گڏجاڻي ۾ پهتو هئس، ۽ مان ٿڪل به تمام گهڻو هئس پر ان جي باوجود ان گڏجاڻي ۽ ڪچهري مون کي تمام گهڻو مزو ڏنو۔ ۽ ان ڪچهري ۾ دوستن هٿان محترم دوست نثار ابڙي صاحب سعودي عرب مان سنڌ سلامت تي ٿيل ڪم جي عيوض منهنجي لاء خاص سلام مڪيا هئا جنهن لاء مان سندس ٿورائتو آهيان،۔۔۔۔۔۔ مون ڏٓٓٺو ته ان ڪچهري کي به محترم دوست سليمان وساڻ صاحب مچايو ويٺو هو، جنهن ۾ ڪجهه ڀوڳ ته ڪجهه سنجيده ڳالهيون به ڪندو پئي هليو، ۽ سندس گفتگو مان مان متاثر ٿيس، اهڙا يار ويس خوش طبيعت ۽ ڪچهري جا مور دوست تمام گهٽ ئي ملندا آهن۔ ۽ ٻئي ڳالهه ته ان ڪچهري ۾ محترم دوست علي علي صاحب به اچڻو هو جنهن سان پڻ ملڻ جو مون کي تمام گهڻو شوق ۽ سڪ هئي مگر محترم دوست علي ظفر صاحب عرف علي علي صاحب کي ڳوٓٺان ڪراچي اچڻ ۾ رستي ۾ دير ٿئي وئي ۽ اسان جي ڪچهري کي تمام گهڻي دير ٿئي وئي ۽ محترم دوست سليمان وساڻ صاحب ۽ مان مجبورن ان ڪچهري کان موڪلائي گهر پهتاسين ۔ جڏهن ته ٻئي سنگت۔۔ محترم عبدالرشيد سمون صاحب ، ڳرس پريو صاحب، ۽ طاهر سنڌي صاحب علي علي صاحب جو انتظار ڪري رهيا هئي، علي علي صاحب کي بحرين وڃڻو هو۔

ادا ممتاز اوهان جي تفصيلي ڪمينٽس ۽ واڌاين لاء مهربانيون

اوهان جي اها ڳاله بلڪل صحيح آهي ته مان دل ۾ رکڻ وارو ناهيان جيڪي ڳاله هوندي آهي سا دوستن جي سامهون چئي ڏيندو آهيان۔ جڏهن دوست به اوهان جهڙا دل گهريا هوندا آهن ته پوء ڪچهريء جو به مزو ايندو آهي۔

سائين نثار ابڙو ، ادا رشيد يا طاهر جڏهن به ملندا آهن ته وقت ڪيئن گزري ويندو آهي خبر ئي ڪانه پوندي آهي۔ اوهان جا قرب جو اوهان هيڏو پيار ۽ محبت ڏني۔ سڀني دوستن جون مهربانيون جيڪي مونکي برداشت ڪندا آهن۔ کو ته مان ڪڏهن ڪڏهن ترش ۽ تيز ڳالهيون به ڪري ويندو آهيان پر دوست ان کي به مزاق سمجهي در گذر ڪري ڇڏيندا آهن۔ سنڌ سلامت ته وري اسان کي ملائي هڪ ڪري ڇڏيو آهي۔ بلڪل شاه سائين جي ان شعر وانگر :

ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئن لوهار لپيٽيو،
منهنجو جيءُ جڙي، سپريان سوگهو ڪيو

سنڌ سلامت جا دوست هر هنڌ موجود آهن ۔ ڪراچي ۾ ڪافي دوست آهن، دادو ۾ به گهڻا دوست آهن، مورو ۾ محترم مولوي رحيم بخش صاحب آهي، شڪارپور ۾ ته لوڪل فقير جو راڄ آهي ، ٽنڊو محمد خان ۾ اسان جو هر دلعزيز سائين نثار ناز آهي ، ادا شبانه آهي ، حيدرآباد ۽ ڄامشوري ۾ گهڻائي دوست آهن، ڪيترا نالا وٺجن سنڌ سموري اسان جي محبتي دوستن سان ڀري پئي آهي۔ انشاء الله هڪ ڏيهن سڀني دوستن کي گڏ ڪري ڪا گڏجاڻي رکبي۔ باقي جهوني فقير ته واه جو ڪئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هل چري يارن سان ڪهڙا ليکا۔

لک مهربانيون اوهان جون
 
جواب: محترم سليمان وساڻ‌ کي 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ هجي

ادا سليمان وساڻ صاحب اوهان کي هن حقير طرفان به دلي مبارڪ، سائين هي اوهان جي هن فورم سان محبت ۽ عشق آهي جو ايترو وقت ڏيو ٿا، الله سائين اوهان جي ڪوششن کي قبول ڪري ۽ اوهان جي قلم ۾ اڃان وڌيڪ تاثير ڏي۔

مهربانيون سائين تسنيمي صاحب ،

دعا آهي ته اوهان جون اسان لاء ڪيل دعائون قبول پون ۔۔۔۔۔۔۔ آمين

لک ٿورا اوهان سڄڻن جا
 
جواب: محترم سليمان وساڻ‌ کي 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ هجي

ادا وساڻ صاحب 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي آئون توهانکي مبارڪ باد ڏيان ٿو

ادا ممتاز علي بجير اوهان جا ٿورا

اوهان دوستن مبارڪن ۾ ياد رکيو
 
جواب: محترم سليمان وساڻ‌ کي 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ هجي

اسان جي سنڌ سلامت جي محنتي مينيجنگ ايڊيٽر محترم محمد سليمان وساڻ کي هن ڀيڻ پاران به 2000 هزار تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون ۽ جس هُجي ته سنڌ امڙ جي خدمت ائين ئي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان سدائين ڪندا رهن۔

مهرباني ڀيڻ شبانه

سنڌ سلامت جي اڱڻ کي سنوارڻ ۾ اوهان سميت سڀني جو ڪردار آهي ، محنت آهي۔ مان مينيجنگ ايڊيٽر جي ناتي سان سنڌ سلامت لاء ڪو وڏو ڪم ڪرڻ ۾ ڪامياب ناهيان ٿي سگهيو۔ سچ پڇو لکڻ ۽ پڙهڻ کانپوء سنڌ جا سور وڌيڪ چِٽا ٿي سامهون ٿا اچن۔

منهنجي هيء ننڍڙي ڪوشش ته ڪجه به ناهي شاباسون هجن دوستن کي جن سنڌ سلامت لاء هيڏو سارو وقت ڪڍيو آهي، محنت ڪئي آهي، پنهنجي گهران موڙي لڳائي سنڌ سلامت کي جياريو آهي۔

اوهان جا ٿورا
 
جواب: محترم سليمان وساڻ‌ کي 2000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ هجي

ادا ممتاز سڪ ته اسان کي به اوهان سان ۽ ادي ڏاڏل سان به ۽ سڄي سنگت سان ملڻ جي گهڻي هئي پر شآيد نصيب نه هو مان سڄي سنگت کان معذرت خواه آهيان جو انهن کي مهنجو انتظار ڪرڻو پيو انشاء الله ان ڏنڊ ۾ ايندڙ پارٽي مهنجي طرفان هوندي سڀني دوستن لاء ادي سليمان کي اصل وار نه ڏبو ۔۔۔۔

هاهاهاها۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

انٽر نيشنل فقير پنهنجا فقيرن وارا ڦند کيڏڻ جا ماهر هوندا آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

خير يارن سان ڪهڙا ليکا ، سهڻن سان ڪهڙا ليکا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

اوهان جو انتظار رهندو ، اوهان جي دعوت ضرور کائبي۔۔۔۔۔۔۔ نينگر به ننڍي جمعا به گهڻا۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top