فيس بوڪ کان خبر پئي ته اڄ اسان جي پياري دوست جي سالگره جو ڏهاڙو آهي ، اچو ته کيس مبارڪ ڏيون۔۔۔ سنڌ سلامت جي پياري ميمبر، نوجوان ليکڪ ۽ حقيقت پسند ڪالم نگار، عمران درويش سومرو کي سندن جنم ڏڻ تي دل جي گهرائين سان مبارڪ هجي۔۔ تنهنجي سونهن جي ڇا تعريف ڪجي، تنهنجو پاڻ سنوارڻ موهي ٿو۔۔ درويش اوجاڳا ڪيئن ڪري۔۔ تنهنجو خواب سجائڻ موهي ٿو
جواب: درويش کي جنم ڏڻ مبارڪ هجي۔۔ پياري دوست عمران کي دل جي گهراين سان جنم ڏينهن جو مبارڪون قبول پون۔
جواب: درويش کي جنم ڏڻ مبارڪ هجي۔۔ ادا درويش سنڌ سلامت انتظاميه پاران به اوهان کي دل جي گهرائين سان سالگره مبارڪون هجن الله ڪري ته توهان هر ڏکئي گهڙي ۾ ڪامياب پار پئو آمين سدائين گڏ
جواب: درويش کي جنم ڏڻ مبارڪ هجي۔۔ ادا اسد مير جت عرف ( مست ) يقين ڪريو ته اڄ حد کان وڌيڪ خوشي ٿي آهي۔ سمجهو ته اڄ درويش ڪپڙن ۾نه ٿو ماپي اوهان جي وڏي وڏي مهرباني جو هن ناچيز کي ايترو مان ڏيڻ جوڳو سمجهيو ۔۔۔ ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا ڀلايون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻيندس ڪيترا۔۔۔۔ دعا ۾ ياد۔۔۔۔۔۔ ( دوستو 25 فيبروي منهنجو حقيقي جنم ڏينهن آهي ) ۔ ۔
جواب: درويش کي جنم ڏڻ مبارڪ هجي۔۔ سائين درويش سڳوري جي خوبين جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي...يارن جو يار آهي. سندن اسان پاران به جنم ڏينهن جو لک لک واڌايون..۽ کوڙ ساريون دعائون.
جواب: درويش کي جنم ڏڻ مبارڪ هجي۔۔ ادا عمران درويش سومرو اوهان کي جنم ڏينهن جون واڌايون عمران جي هڪ ڀلي ڳاله جيڪا مون کي متاثر ڪندي آهي ته ايترو گهڻو مصروف هئڻ باوجود هو هميشه رابطي ۾ رهندو آهي ۽ ٻيو نه ته هڪ فون ڪري حال احوال ضرور وٺندو آهي۔ فون تي ساڻس کوڙ ڳالهيون ٿيون آهن ۽ هو هميشه اسان جي مدد به ڪندو رهندو آهي پر ايترن ڏينهن تائين ساڻس ملاقات نه ڪرڻ جو افسوس آهي۔ عمران شاعر هئڻ سان گڏ ڪالم نگار به آهي سندس من سچو ۽ کرو آهي۔ سندس دراز عمر ۽ صحت ڪامله لاء رب پاڪ جي حضور دعاگو آهيون ته زندگيء جو هر ڏينهن کيس بهار جون خوشيون مهيا ڪري۔ مست جي به مهرباني جو دوستن کي ياد پيو ڪري
جواب: درويش کي جنم ڏڻ مبارڪ هجي۔۔ سائين اوهانجي وڏي مهرباني اوهان جي به وڏي وڏي مهرباني۔۔ سائين فقير صاحب اوهان جي وڏي وڏي مهرباني دعا ۾ ياد۔۔۔ ادا نالي ڀائي توهان جي به وڏي مهرباني۔۔۔ ۔ ۔ ۔
جواب: درويش کي جنم ڏڻ مبارڪ هجي۔۔ ادو عمران معروف سنڌ سلامت جو درويش هن اوطاق تي آيو هو ته سندس اچڻ سان ئي مونکي محسوس ٿيو هو ته سنڌ سلامت کي هڪ سهڻو ساٿي مليو آهي۔۔۔ نيٽ تي ماڻهون هڪ ٻئي کي ڏسي ته نٿو سگهي، انڪري مونکي محسوس ٿيو هو ته هي ڪو پڪي عمر وارو معزز ۽ تجربيڪار دوست آهي ۔۔۔ سندس ڳالهين ۾ پختگي ۽ سچائي ۽ لکڻ جو انداز من موهيندڙ، حيرانگي ان وقت اڀ تي پهتي جڏهن خبر پئي ته هي دوست عمر ۾ منهنجن ننڍڙن ڀائرن کان به ننڍو آهي۔ آءُ سوچ ۾ پئجي ويس ته ڇا ڪو ماڻهون پنهنجي ننڍڙي عمر ۾ به وڏو ٿي وڃي ٿو، پوءِ ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته حڪمت ۽ ڏاهپ رب جي ڏات آهي اها ننڍڙن کي به ملي ٿي وڃي ۽ ڪيترن ماڻهن کي ته وڏي ڄمار ۾ به نه ٿي ملي ۔۔۔ عمران درويش سنڌ سلامت سميت اسانجو هڪ سچو ۽ هڏ ڏوکي دوست آهي، ساڻس منهنجي ملاقت ته ناهي ٿي پر عملن مان، لکڻ مان ۽ سوچ مان، سندس جي تصوير منهنجي ذهن ۾ من موهڻي ملوڪ جهڙي موجود آهي ۔۔۔ محترم دوست! اسانکي اوهانجي دوستيءَ تي فخر به آهي ته خوشي به ۽ رب جا لک شڪر جو هن اسانکي اوهان جهڙا دوست عطا ڪيا آهن ۔۔۔ رب العالمين اوهانکي سوڀاري ۽ تندرست حياتي عطا فرمائي ۽ هر موڙ ۽ هر گهڙي اوهانجي رهنمائي ڪندو رهي ۔۔۔ آمين
سنڌ سلامت سٿ پاران فورم جي خوبصورتي لاء ڪم ڪندڙ ادا عمران درويش سومرو کي جنم ڏينهن جون واڌايون۔ عمران جي هڪ ڀلي ڳاله جيڪا مون کي متاثر ڪندي آهي ته ايترو گهڻو مصروف هئڻ باوجود هو هميشه رابطي ۾ رهندو آهي ۽ ٻيو نه ته هڪ فون ڪري حال احوال ضرور وٺندو آهي ، اڄڪلهه گهڻو مصروف هجڻ ڪري ڪو ميسيج ئي ضرور ڪري ڇڏيندو آهي جيئن رابطو بحال رهي۔ درويش فورم جي انهن ميمبرن مان آهي جيڪي پويان رهي فورم کي خوبصورت بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا۔عمران درويش شاعر هئڻ سان گڏ ڪالم نگار به آهي سندس من سچو ۽ کرو آهي۔ سندس دراز عمر ۽ صحت ڪامله لاء رب پاڪ جي حضور دعاگو آهيون ته زندگيء جو هر ڏينهن کيس بهار جون خوشيون مهيا ڪري۔
ادا درويش جنم ڏينهن جون توهان کي لک مبارڪون ۔ ۔ ۔ ۔ شال الله سائين اوهان کي هميشه آباد رکي ۽ هن سال جي بهترين شروعات ٿئي۔ ۔ ۔ ۔
چارڻ چوريو چنگ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔،مبارڪ ، واڌايون ، شال سکيا ستابا رهو، آمين ثم آمين
هڪ ڏينهن سنڌ سلامت جي گڏجاڻي ڪوٺايل هئي جيڪا سائين محترم نٿار ابڙو صاحب کي آجياڻو هو۔۔جڏهن ان گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪرڻ لا وڃي رهيا هئا سين ته سائين محترم رشيد صاحب فون ڪئي ته رستي تان اسان جي دوست عمران درويش کي به کنيو اچجو، وڌيڪ چيائين ته عمران درويش نالي جو ئي نه پر ڏسڻ جو به صفا درويش اٿئي۔۔۔جڏهن مون اها ڳالهه ٻڌي ته يار اهو وري ڪئين صفا درويش ماڻهو کي انٽرنيٽ ڪئين ٿي هلائڻ اچي اهو وري سنڌ سلامت جو ساٿي ڪئين بڻيو۔۔ خير جڏهن هڪ اسٽاپ تي عمران صاحب کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺم ته منهنجي حيرت جي حد ئي نه رهي ته هي ته يار صفا فنٽر قسم جو برگر ڇوڪرو ٿو لڳي۔۔ان کي وري ادب ۽ ڏاهپ ۽ سنڌ سلامت جي سنجيدگي جي ڪهڙي خبر هوندي۔۔۔پر حيرت جي انتها ان کان وڌيڪ ٿي جڏهن سائين جن سان ڪار ۾ ويهندي ڪچهري ٿي۔۔ان وقت مان پنهنجو پاڻ کي ايترو حقير ۽ خسيس سمجهي رهيو هيس ته واقعي عمران درويش آهي۔۔ هن جي ظاهري ڏيک ويک کي نه پسجي پر ان لا سندس جي شخصيت جو بغور جائزو وٺبو ته عمران درويش نهايت پاٻوهه ڀريو ، باشعور سنڌي نوجوان آهي، جنهن ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي جنهنجي محنت اسان مختلف سنڌي چينلن تي ڏسي سگهون ٿا۔ وي سي آر ايڊيٽر ۽ گرافڪس جا جيڪي به ڪم آهن اهي عمران درويش ئي ڪيا آهن۔۔۔الله پاڪ کان دعا آهي ته هن سهڻي ساٿي جو ساٿ صدين تائين سلامت رهي۔۔اسان سندس جي جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪيون ٿا۔
مون سي ڏٺا ماءِ، جن ڏٺو پرينءَ کي۔ سنڌ سلامت سميت اسانکي فخر آهي ته درويش اسانجو دوست آهي ۔۔۔ رب العالمين کيس پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ محبتن جا مڻ دل ۾ سانڍي رکيل اٿس ۔۔۔ شاعري اهڙي ڪندو آهي ڄڻ پاڻ عشق ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي هجيس ۽ جڏهن پڇبو اٿس ته صفا انڪار ڪندو آهي ته سندس جو ڪنهن سان نيهن اڙيل آهي ۔۔۔ جيتوڻيڪ پڪ ڪان ٿيندي آهي پر پوءِ به دوست جي زبان تي ڀروسو آهي ۔۔۔ سچ پڇو ته ماڻهون عشق ڪرڻ جهڙو آهي ۔۔۔ مٺڙو اهڙو ڄڻ ڍير پتاشن تي مڻ ماکيءَ جو هاريل هجي۔ سدا سرها رهو دوست ۔۔۔