اهو ڪيڏو ته بهترين احساس هوندو آهي ته توهان ڪنهن کي اهميت ڏيو ٿا .... پر ان کان بهترين احساس اهو ته تڌهن هوندو آهي جڏهن توهان کي اهميت ڏني وڃي.. شايد ان ڳالهه کي منهنجي نظر ۾ هڪ بهترين لفظن جو مجموعو هيو .. پر سنڌ سلامت جي ڀاتي ٿيڻ کانپوءِ ان ڳالهه حقيقت جو روپ اختيار ڪيو ۽ مان سمجهان ٿو ته ان پيار، الفت ، شفقت ۽ پنهنجائپ واري احساس سبب جيڪا خوشي، مونکي ملي آهي اها شايد ئي ڪنهن نصيب واري کي ملندي آهي.. آئون تمام دوستن جو ٿورائتو آهيان جن مون جهڙي خاڪ جي زرڙي کي اهڙن بهترين ۽ پيار ڀرين لفظن سان نوازيو آهي.. خصوصا منهنجي ڀاءَ محمد سليمان وساڻ جيڪو شايد باقي دوستن کان هڪ ڏينهن اڳي آهي.. ڇو ته ان جي نظر مان شايد ئي ڪو محبت ونڊڻ موقعو نڪري ويندو هجي.. باقي ته ادا سليمان وساڻ جتي به موقعو ڏسندو آهي اتي محبتون ونڊڻ ۾ دير ناهي ڪندو... هي سنڌ سلامت منهنجو گهر آهي ۽ مونکي ان جو ڀاتي هئڻ تي فخر آهي.. آئون تمام دوستن جو دل جي گهراين سان شڪرگذار آهيان جن مون ناچيز کي ايڌو پيار ڏنو آهي جو اڄ مان پنهنجي ڪپڙن ۾ ئي نه ٿو ماپي سگهان.. دعا ۾ ياد ..
سائين محترم درويش جن کي دل جي گهرائي سان جنم ڏينهن جون مبارڪون پيش ڪجن ٿيون اميد ته قبول پونديون ، تحفه ۾ هن ناچيز وٽ دعائون آهن جيڪي ارپيان ٿو، اميد ته ربُ سائين قبول ڪندو، يا آسمان زمينن جا مالڪ ٻاجهارا ٻاجهه ڌڻي ،بيشڪ تون ڪريم رحيم آهين پانهجن بندن تي رحم ۽ ڪرم ڪندڙ آهين ،تون ئي دعائون قبول ڪندڙ آهين تون ئي اڪيلو الله آهين،تون اسان جي هن دوست درويش تي پنهجو فضل ڪر ،هن کي دنيا و آخرت جي ڪاميابي عطا فرماء،هن کي صحت و تندرست عطا فرماء،پنهجو ۽ پنهجي حبيب صلي الله عليه وسلم جن جو فرمانبردار ۽ صفت بيان ڪندڙ بناء، هن کي پنهجي وطن ۽ قوم جي خدمت جي ازم ۾ پختگي عطا فرماء،هن جي مخلص دوستن ۾ واڌارو ڪر يا رب ڪريم هر بُري نظر کان پنهجي پناه ۾ رک يا ڪريم جل جلاله،سڀ تعريف تنهجي آ مولا پاڪ تون ئي تعريف جي لائق آهين تو ئي بلند ۽ عظيم آهين،آمين
ادا عمران درويش السلام عليڪم ! اسان دل جي گهرائين سان اوهان سڄڻ کي ڄمڻ جي ڏينهن جون واڌيون ٿا چئون۔ الله پاڪ جي آڏئون نوڙت سان عرض ڪيو ن ٿا ته اوهان جي زندگي جي نئين سال جو هر ڏينهن اوهان جي لاء هميشه خوشيون کڻي اچي، ڏک اوهان کان تمام گهڻو پري هجئي۔ اوهانجون نيڪ خواهشيون الله سائين پنهنجي رحم ۽ ڪرم سان پوريون ڪري۔ محبت ۔ پيار ۽ پريت واري زنجير سان اوهان پنهنجي پيارن سان ڳنڍيل هجو۔ نفرتون توهانجو در نه ڏسن۔ هميشه خوش رهو ۔آمين
درويش کي جنم ڏينهن جون واڌايون ... اڄڪلهه گم آهي .. نه شاعري، نه ليک ، نه ڪا راءِ ... بس ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن پروگرام ۾ ملاقات ٿي وڃي ٿي. پوء به جتي هجو خوش هجو، مسڪرائيندا رهو ۽ جلد شادي جي سنبت ڪريو.
مشهور هندي ڳائڻي سونو نگم سان مشابهت رکندڙ هن پياري دوست کي سدائين مُسڪرائيندي ڏِٺو آهي. توري تڪي ڳالهايل هن جي لفظن ۾ وڏي معنى هوندي آهي. ننڍي عُمر ۾ وڏي سوچ رکندڙ هن سچي کري ماڻهو جي علم ۽ عُمر جي اضافي جي دعا آهي.
ادا درويش السلام عليڪم! توهان کي دل جي گهرائين سان ڄمڻ جي ڏينهن جون مبارڪون ڏيون ٿا. اميد ته قبول پونديون، توهان جهڙي سلڇڻي کي الله پاڪ سڄو سال پنهنجي پناه ۾ رکندو. توهان جا هر اهئي خواب جيڪي پورا اڃا تائين نه ٿيا.آهن ،الله سبحان التعالئ پنهنجي رحم ؤ ڪرم سان انشالله اهئي سڀ خواب هن سال پورو ڪندا.محبتون ڪيو ۽ شل محبتون ماڻيون. خوشيون هميشه توهان جو در تي جهول جهليو بٺيون هونديون. الله پاڪ هر ڏک ۽ تڪليف کان اوهان کي پنهنجي پناه ۾ رکن. آمين..
قربائتا ڀائرو توهان جو قرب ونڊڻ ڪيڏو نه مَنَ کي ڀانئي ٿو. سنڌ سلامت تي اچي ڪري پنهنجائپ جو اهو احساس محسوس ٿئي ٿو جيڪو ٻن سچي دوستن ۽ سڳن ڀائرن جي وچ ۾ خالص ۽ بغير ڪنهن لالچ واري رقابت کي ملائي ڪري ٺهندو آهي. مڃان ٿو ته آئون سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جي استادن جيان هن اڱڻ تان گوسڙو بڻيل آهيان. جيڪو منهنجي لا ڪنهن وڏي جرم کان گهٽ ڪونهي. اهي غير حاضريون صرف دنياوي ڪمن نه پر مصروف ترين ڊيوٽي هئڻ جي وجهه سان پيش اچي رهيون آهن. پنهنجي زندگي جي سال کُٽن جي ڏک بجا اها خوشي ٿيندي آهي ۽ اهو انتظار رهندو آهي ته ڪڏهن ٿو سال کُٽي ۽ ڪڏهن ٿيون دوستن پاران محبتن جون ڀَريون ٻڌل ملن.. تمام مهربان ڀائرن جا لک لائق جن مون جهڙي گوسڙو کي نه فقط ياد ڪيو پر مٿان محبتن ايتري قدر ورکا ڪئي جو دل باغ بهار ٿي ويئي.. سدا جڙيا هجو آباد هجو... .
پياري دوست عمران درويش کي جنم ڏڻ جون واڌايون ..... رابطي ۾ گهٽتائي ضرور آهي، پر پوء به وسريا ناهيو. سدا خوش هجو، اوهان لاء دعائون ۽ پيار
ادا سليمان + حفيظ سڄڻن جون شڪايتون بجا آهن پر يار سنگت جا لک لائق جن درويش کي ياد رکيو.. سدا جڙيا هجو آباد هجو
ڀاءَ درويش ! اوهان کي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون، مستن کي توهان وساري سگهو ٿا پر مستن کان توهان وسريا ناهيو،