توهان هن سائيڪل کي هلائي ڪنهن درياهه، تلاءَ ۽ پاڻي جي ٻين ذريعن تائين پهچي سگهو ٿا، پر اها سائيڪل اهڙي انداز ۾ ٺاهي ويئي آهي جو ان مان هوا نڪرڻ جو امڪان ئي نه آهي، جڏهن ته سائيڪل سان گڏ پمپ ۽ ٻيو سامان به ٻڌل هوندو آهي. جڏهن ته انهيءَ جي ابتڙ پاڻيءَ جي فلٽر لڳائڻ جو نظام پوئين ٽائر سان لڳايو ويو آهي. جپان جي هڪ ڪمپني بنگلاديش ۾ وڏي پيماني تي هڪ اهڙي سائيڪل جي پيداوار شروع ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي جيڪا آفت سٽيل علائقن ۽ ڏارانهن ٻهراڙين جي علائقن ۾ پاڻي صاف ڪرڻ جي لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿي.
سائيڪلو ڪلين نالي ان سائيڪل ۾ پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ جو نظام لڳايو ويندو جنهن سان هڪ منٽ ۾ پنج لٽر پاڻي صاف ڪري پيئڻ جي قابل بڻائي سگهجي ٿو. عام طور تي موجوده وقت ۾ فلٽر پلانٽ ۾ لڳل موٽر بجلي سان هلندو آهي يا وري پيٽرول استعمال ٿيندو آهي پر سائيڪلو ڪلين ۾ لڳل نظام سان سائيڪل جو ڦيٿو گهمائڻ سان اهو فلٽر پلانٽ کي هلائيندو آهي. اهڙي سائيڪل ٺاهيندڙ پنون بيسڪ ڪمپني جي صدر يو چي ڪاستورا جي چوڻ موجب اهڙي سائيڪل جا ٽائر اهڙي انداز ۾ ٺاهيا ويا آهن جنهن مان هوا نڪرڻ جو امڪان نه آهي. ٽوڪيو جي ويجهو ڪاواسڪي ۾ موجود ان ڪمپني 2005ع ۾ اها سائيڪلو ڪلين سائيڪل متعارف ڪرائي هئي اڄ تائين جپان ۾ اهڙيون به سئو سسائيڪلون وڪرو ٿي چڪيون آهن. هڪ سائيڪلو ڪلين جي قيمت ڇهه هزار ڇهه سئو ڊالر آهي. گهڻو ڪري اهڙيون سائيڪلون بنگلاديش جي مقامي حڪومتن خريد ڪيون آهن. جڏهن ته ٿورڙي تعداد ۾ بنگلاديش ڪمبوڊيا، چين، انڊونيشيا، برما ۽ فلپائين ۾ به اهڙيون سائيڪلون وڪرو ڪيون ويون آهن. بنگلاديش ۾ ان سائيڪل جي طلب کي نظر ۾ رکندي جپان جي ڪمپني مقامي ڪمپني سان گڏجي گذريل سال کان مقامي طور تي گهٽ قيمت تي اهڙين سائيڪلن ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو ۽ اپريل ۾ اها ڪمپني پنهنجي باقاعدي پيداوار ڏيڻ شروع ڪندي.
جپاني ڪمپني جي عهديدارن جو چوڻ آهي ته بنگلاديش ۾ ابتدائي طور تي سئو کان ٻه سئو سائيڪلون ٺاهيون ۽ اها ملڪ ۾ لکين سائيڪل رڪشا هلائڻ وارن جي لاءِ روزڪار جو سبب به بڻجي سگهي ٿو.

عوامي آواز جي ٿورن سان