ادا جيئن ته مارڪيٽ ۾ موجود ونڊوز اوريجنل نه هوندي آهي ۽ لڳاتار انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ ۽ اپڊيٽ حاصل نه ڪرڻ ڪري اهڙي ونڊوز وائرسز جي خاص خوراڪ هوندي آهي۔۔۔ ان ڪري هميشه فڪر مند ماڻهون پنهنجي ڊيٽا جي بندوبست سان گڏ ونڊوز کي وائرسز کان بچائڻ لاءِ مختلف سافٽويئر اڳ ئي انسٽال ڪري ڇڏيندا آهن۔۔۔ توهان کي به گهرجي ته ونڊوز ڪرڻ کان تڪڙو پوءِ ڪو اينٽي وائرس ۽ يو ايس بي ڊسڪ سڪيورٽي سافٽويئر ضرور انسٽال ڪريو ته جيئن آئنده اهڙي صورتحال کي سامهون نه ڏسو۔۔۔۔
ادا پرنس ڪافي ذهن تي زور لڳائڻ باوجود مون کي توهان سان گهاريل ملاقات ياد نه ٿي اچي۔۔۔ (حالانڪه پاڻ اڃان علي علي وانگر پوڙهو نه ٿيو آهيان) ۔۔۔
ادا خانپور جوڻيجو ۾ منهنجا عزيز ۽ دوست به رهندا آهن۔۔۔ ڪافي دفعا چڪر لڳائڻ ٿيو آهي۔۔۔
ادا وحيد توهان ڀلا منهنجي شهر رحماني نگر (سيتاروڊ) ڀلا ڪڏهن چڪر لڳايو۔۔۔؟