• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

درد وندن جي دوا

جاويد نواز

سينيئر رڪن
درد وندن جي دوا جو خيال ڪر
نياز نوڙت التجا جو خيال ڪر
ڇڏ نه واري سان گڏي منهنجي وفا
ڪجهه ته منهنجي تون وفا جو خيال ڪر
سڪ ڏئي پو سڪ نه وٺ مون کان کسي
ڪيڏي ٿيندي ڪجهه گلا جو خيال ڪر
آسري تنهنجي ئي نڪتو آهيان
همسفر ٿي همنوا جو خيال ڪر
پيڪ ڪيڏي پيار مان توکي ٿو ڏئي
ساقي جي انهي ادا جو خيال ڪر
جي نه ٿو منهنجي خدا کي تون مڃين
پنهنجي ئي دلبر خدا جو خيال ڪر
آس ڪيڏي ۾ هڻان ٿو تنهنجي در
سونهن جي ننڌڙي صدا جو خيال ڪر
دل جو سڀئي گل ڪليون پونديون سڙي
ڪجهه وڇوڙي جي هوا جو خيال ڪر
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد​
 
جواب: درد وندن جي دوا

آسري تنهنجي ئي نڪتو آهيان
همسفر ٿي همنوا جو خيال ڪر

ادا جاويد تمام بهترين شيئرنگ آهي تمام بهترين شاعري آهي مهرباني اوهان جي شيئرنگ جي
 
جواب: درد وندن جي دوا

درد وندن جي دوا جو خيال ڪر
نياز نوڙت التجا جو خيال ڪر
سڪ ڏئي پو سڪ نه وٺ مون کان کسي
ڪيڏي ٿيندي ڪجهه گلا جو خيال ڪر
آسري تنهنجي ئي نڪتو آهيان
همسفر ٿي همنوا جو خيال ڪر

تمام سهڻي شاعري آهي۔۔۔
 
جواب: درد وندن جي دوا

جي نه ٿو منهنجي خدا کي تون مڃين
پنهنجي ئي دلبر خدا جو خيال ڪر

واه سائين واه تمام سهڻا خيال، لفظن جي رواني ۽ ترنم ۔۔۔

جڙيا هجو شال
 
Back
Top