جاويد نواز
سينيئر رڪن
درد وندن جي دوا جو خيال ڪر
نياز نوڙت التجا جو خيال ڪر
ڇڏ نه واري سان گڏي منهنجي وفا
ڪجهه ته منهنجي تون وفا جو خيال ڪر
سڪ ڏئي پو سڪ نه وٺ مون کان کسي
ڪيڏي ٿيندي ڪجهه گلا جو خيال ڪر
آسري تنهنجي ئي نڪتو آهيان
همسفر ٿي همنوا جو خيال ڪر
پيڪ ڪيڏي پيار مان توکي ٿو ڏئي
ساقي جي انهي ادا جو خيال ڪر
جي نه ٿو منهنجي خدا کي تون مڃين
پنهنجي ئي دلبر خدا جو خيال ڪر
آس ڪيڏي ۾ هڻان ٿو تنهنجي در
سونهن جي ننڌڙي صدا جو خيال ڪر
دل جو سڀئي گل ڪليون پونديون سڙي
ڪجهه وڇوڙي جي هوا جو خيال ڪر
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد
نياز نوڙت التجا جو خيال ڪر
ڇڏ نه واري سان گڏي منهنجي وفا
ڪجهه ته منهنجي تون وفا جو خيال ڪر
سڪ ڏئي پو سڪ نه وٺ مون کان کسي
ڪيڏي ٿيندي ڪجهه گلا جو خيال ڪر
آسري تنهنجي ئي نڪتو آهيان
همسفر ٿي همنوا جو خيال ڪر
پيڪ ڪيڏي پيار مان توکي ٿو ڏئي
ساقي جي انهي ادا جو خيال ڪر
جي نه ٿو منهنجي خدا کي تون مڃين
پنهنجي ئي دلبر خدا جو خيال ڪر
آس ڪيڏي ۾ هڻان ٿو تنهنجي در
سونهن جي ننڌڙي صدا جو خيال ڪر
دل جو سڀئي گل ڪليون پونديون سڙي
ڪجهه وڇوڙي جي هوا جو خيال ڪر
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد