منهنجي مدد ڪريو ۔۔۔ امر جليل

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    منهنجي مدد ڪريو


    امر جليل

    [justify]ڪجهه سالن کان ذهني طرح سخت پريشان آهيان، مون کي لکندي سراسر پنجونجاهه سال ٿي ويا آهن، پر، اهڙا پريشان ڪندڙ سال مون اڳ ڪڏهن نه ڏٺا هئا. منهنجن ڪتابن ۽ تحريرن تي وٺ پڪڙ ٿي، آڏيون پڇائون ٿيون، ايجنسين ۽ سي آءِ ڊيءَ وارا ڪڍ پيا، ريڊيو پاڪستان ۽ پوءِ اوپن يونيورسٽيءَ ۾ گڏ ڪم ڪرڻ وارا منهنجي پاڇي کان پري ٿي ويا، پر تڏهن به اهڙو پريشان نه ٿيو هوس، جهڙو پريشان ڪجهه سالن کان ٿي پيو آهيان. سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪٿي وڃي ٻاڏايان، ڪنهن کي وڃي ايلاز ڪريان، منٿون ڪريان؟ سسئي پليجي جو در وڃي کڙڪايان؟ سيڪريٽري ڪلچر کي عرض ڪريان؟ انٽيلڪچوئل پراپرٽيءَ واري کاتي کي پنهنجي ويڌن کان آگاهه ڪريان؟ انساني حقن واري تنظيم کي مدد لاءِ پڪاريان؟ ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. ٻي ڪا واٽ نه ڏسي مان اوهان کي هيءُ خط لکي رهيو آهيان، هن خط مان اوهين اندازو لڳائي سگهندا ته هڪ پبلشر جيڪڏهن پنجونجاهه سالن کان لکڻ واري ليکڪ سان اهڙو اگرو رويو رکن ٿا، ته پوءِ نَوَن ۽ نوجوان ليکڪن جو ڪهڙو حشر ڪندا هوندا. مون هڪ ئي ناول لکيو آهي، ”نيٺ گونگي ڳالهايو“. هڪ ناول سان ٿيل ويڌن ڏسي، ٻئي ناول لکڻ تان منهنجو ارواهه کڄي ويو. ناول جا حق ۽ واسطا مون وٽ آهن، پهرئين پبلشر ناول جون ٽيهه پنجٽيهه هزار ڪاپيون وڪڻڻ کان پوءِ ناول مان هٿ ڪڍي ڇڏيو، هڪ دوست جي سفارش تي مون ٻيهر شايع ڪرڻ لاءِ ناول هڪ ٻئي پبلشر کي ڏنو. پبلشر ترت ناول ڇپائي هڪ ڪاپي مون کي ڏيکارڻ آيو. ناول جا صفحا ورائيندي منهنجو ساهه سُڪي ويو. ناول ۾ پروف جي فاش غلطي هئي، ناول جي ٻاونجاهه بابن کي پبلشر ويڙهي سيڙهي، پهرئين صفحي کان آخري صفحي تائين هڪ ڪهاڻيءَ وانگر شايع ڪري ڇڏيو هو. سمورو ناول بي معنيٰ ۽ منجهيل ٿي پيو، نه هئس منهن نه سِرُ. روس-افغان جنگ ۽ بينظير ڀٽو جي پهرئين دورِ حڪومت جي پسمنظر ۾ لکيل ناول سمجهه ۾ اچڻ کان ٻاهر نڪري ويو. پبلشر مون سان واعدو ڪري اٿيو ته هو فاش غلطيءَ وارو نسخو مارڪيٽ ۾ نه آڻيندو ۽ غلطي دور ڪري، ٻاونجاهه بابن سان ناول مارڪيٽ ۾ آڻيندو، ان ڳالهه کي پنج ڇهه سال ٿي ويا آهن. هن وقت ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ جا ٻه نسخا سنڌ ۾ وڪامي رهيا آهن، هڪ اُهو نسخو، جنهن ۾ پروف جي فاش غلطيءَ سبب باب رهجي ويا آهن ۽ ناول سمجهه ۾ اچڻ کان ٻاهر ٿي پيو آهي ۽ ٻيو ٻاونجاهه بابن وارو نسخو. منٿ ميڙ ۽ ايلاز ڪرڻ جي باوجود پبلشر پروف جي فاش غلطيءَ وارو نسخو مارڪيٽ مان واپس وٺڻ لاءِ تيار ناهي. لکڻ منهنجو شوق ناهي، نه ئي لکڻ منهنجي هابي آهي ۽ نه نامياچار جو وسيلو آهي، لکڻ منهنجي زندگيءَ جو حصو آهي، مان ڪيئن هڪ پبلشر کي پنهنجي زندگي ٽوڙي مروڙي، لولي لنگڙي ڪري پيش ڪرڻ جي اجازت ڏيان! منهنجو پڙهندڙن کي عرض آهي ته هو جڏهن به ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ وٺن ته ٻاونجاهه بابن وارو نسخو وٺن. جن پڙهندڙن پروف جي فاش غلطيءَ سان بنا بابن وارو نسخو ورتو آهي، تن جو اخلاقي ۽ قانوني حق آهي ته هو پروف جي فاش غلطيءَ وارو نسخو پبلشر کي واپس ڪري کانئس ٻاونجاهه بابن وارو نسخو طلب ڪن.
    [/justify]

    اوهان سڀني جو فقير

    امر جليل

    روزانه ڪاوش تان ورتل
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: منهنجي مدد ڪريو ۔۔۔ امر جليل

    ادا سليمان سائين امر جليل جي پريشاني بجا آهي ، هڪ شخص محنت ڪري ڪتاب جوڙي ٿو وري مٿان پبليشرن کان اهڙيون فاش غلطيون جي سرزد ٿيڻ يقينن هڪ پريشان ڪندڙ امر آهي ۔

    دوستن کي سٺي صلاح آهي ته اهي ڪتاب وٺندي هن ڳالھ تي خيال رکن جئين صحيح نسخو وٺي سگهجي۔

    ادا سليمان مهرباني اهڙي ونڊ لا
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: منهنجي مدد ڪريو ۔۔۔ امر جليل

    امر جليل جو لکيل اهو ناول هفتيوار سنڌو ۾ ڇپجندو هو ۽ ماڻهو سڄو هفتو ٻيء قسط جو شدت سان انتظار ڪندا هئا۔ اسلام آباد ۾ سنڌين سان ٿيندڙ ويساه گهاتين تي لکيل اهو ناول انڪري به گهڻو مشهور ٿيو جو هن ۾ امر جليل بهترين مڪالما لکيا آهن۔

    سنڌ جي پبلشرن جي پنهنجي مها ليکڪن سان اهڙي رويي جي شديد مخافت ڪرڻ کپي ۽ هنن جو اخلاقي طور بائيڪاٽ به ڪرڻ گهرجي۔
     
  4. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: منهنجي مدد ڪريو ۔۔۔ امر جليل

    ادا سليمان اسان جي مھربانن نھ صرف امر جليل سان اھڙو حال ڪيو آھي پر اھڙيون مھربانيون ڪيترن اديبن سان ڪيون آھن۔
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: منهنجي مدد ڪريو ۔۔۔ امر جليل

    امر جليل جو لکيل اهو ناول هفتيوار سنڌو ۾ ڇپجندو هو ۽ ماڻهو سڄو هفتو ٻيء قسط جو شدت سان انتظار ڪندا هئا۔ اسلام آباد ۾ سنڌين سان ٿيندڙ ويساه گهاتين تي لکيل اهو ناول انڪري به گهڻو مشهور ٿيو جو هن ۾ امر جليل بهترين مڪالما لکيا آهن۔

    سنڌ جي پبلشرن جي پنهنجي مها ليکڪن سان اهڙي رويي جي شديد مخافت ڪرڻ کپي ۽ هنن جو اخلاقي طور بائيڪاٽ به ڪرڻ گهرجي۔
    ادا سائين آسان توهانجي ڳاله کان متفق آهيون۔سائين امرجليل جيڪڏنهن چاهي ت انڍر لاءَ آف ٽراٽس ( law of trots ) پبلشر جي خلاف سول ڪيس داخل ڪري سگهو ٿو ۔ڪورٽ جيڪي هن کي ذهني ۽ فنانشلي پريشاني/damge ٿيو آهي انجو معاوضو پبلشر کان وٺي ڏيندي۔جيڪڏهن وعده ڪرڻ جي باوجود آمر جليل صاحب جو ڊفيڪٽو پبلش ٿيل ڪتاب مارڪيٽ مان واپس ن ٿو کڻي۔ت پبلشر کي قانوني نوٽيس ڏيڻ کانپوءَ هن جي خلف فوجداري ڪيس (Breach of trust )انڊر سيڪشن 408 پاڪستان پينل ڪوڊ يا سول سوٽ داخل ڪري سگهن ٿا۔ڪاپي رآئٽ جي قانون جي تحت ليکڪ جا هر حق ان ڪتاب جي باري ۾ قانوني طور تي پروٽيڪٽ آهي۔قانون مطابق پبلشر هر ڪتاب جي وڪڻڻ تي ليکڪ کي رائلٽي ڏيندو آهي۔آها رائلٽي ڪورٽ جي ذريعي ب پبلشر کان حاصل ڪري سگهجي ٿي۔سائين جي مسئلي جو قانوني حل اسان توهان کي ٻڌايو آهي۔وڌيڪ هو پاڻ وس وارا آهن۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: منهنجي مدد ڪريو ۔۔۔ امر جليل

    ميمڻ صاحب مهرباني

    اوهان جو ميسيج سائين امر جليل تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪبي ، وڌيڪ سائين پاڻ ئي ڪو فيصلو ڪري سگهن ٿا

    اوهان جا لک قرب جو اوهان پنهنجي قيمتي راء ڏني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو