منهنجي مدد ڪريو
امر جليل
اوهان سڀني جو فقير
امر جليل
روزانه ڪاوش تان ورتل
امر جليل
ڪجهه سالن کان ذهني طرح سخت پريشان آهيان، مون کي لکندي سراسر پنجونجاهه سال ٿي ويا آهن، پر، اهڙا پريشان ڪندڙ سال مون اڳ ڪڏهن نه ڏٺا هئا. منهنجن ڪتابن ۽ تحريرن تي وٺ پڪڙ ٿي، آڏيون پڇائون ٿيون، ايجنسين ۽ سي آءِ ڊيءَ وارا ڪڍ پيا، ريڊيو پاڪستان ۽ پوءِ اوپن يونيورسٽيءَ ۾ گڏ ڪم ڪرڻ وارا منهنجي پاڇي کان پري ٿي ويا، پر تڏهن به اهڙو پريشان نه ٿيو هوس، جهڙو پريشان ڪجهه سالن کان ٿي پيو آهيان. سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪٿي وڃي ٻاڏايان، ڪنهن کي وڃي ايلاز ڪريان، منٿون ڪريان؟ سسئي پليجي جو در وڃي کڙڪايان؟ سيڪريٽري ڪلچر کي عرض ڪريان؟ انٽيلڪچوئل پراپرٽيءَ واري کاتي کي پنهنجي ويڌن کان آگاهه ڪريان؟ انساني حقن واري تنظيم کي مدد لاءِ پڪاريان؟ ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. ٻي ڪا واٽ نه ڏسي مان اوهان کي هيءُ خط لکي رهيو آهيان، هن خط مان اوهين اندازو لڳائي سگهندا ته هڪ پبلشر جيڪڏهن پنجونجاهه سالن کان لکڻ واري ليکڪ سان اهڙو اگرو رويو رکن ٿا، ته پوءِ نَوَن ۽ نوجوان ليکڪن جو ڪهڙو حشر ڪندا هوندا. مون هڪ ئي ناول لکيو آهي، ”نيٺ گونگي ڳالهايو“. هڪ ناول سان ٿيل ويڌن ڏسي، ٻئي ناول لکڻ تان منهنجو ارواهه کڄي ويو. ناول جا حق ۽ واسطا مون وٽ آهن، پهرئين پبلشر ناول جون ٽيهه پنجٽيهه هزار ڪاپيون وڪڻڻ کان پوءِ ناول مان هٿ ڪڍي ڇڏيو، هڪ دوست جي سفارش تي مون ٻيهر شايع ڪرڻ لاءِ ناول هڪ ٻئي پبلشر کي ڏنو. پبلشر ترت ناول ڇپائي هڪ ڪاپي مون کي ڏيکارڻ آيو. ناول جا صفحا ورائيندي منهنجو ساهه سُڪي ويو. ناول ۾ پروف جي فاش غلطي هئي، ناول جي ٻاونجاهه بابن کي پبلشر ويڙهي سيڙهي، پهرئين صفحي کان آخري صفحي تائين هڪ ڪهاڻيءَ وانگر شايع ڪري ڇڏيو هو. سمورو ناول بي معنيٰ ۽ منجهيل ٿي پيو، نه هئس منهن نه سِرُ. روس-افغان جنگ ۽ بينظير ڀٽو جي پهرئين دورِ حڪومت جي پسمنظر ۾ لکيل ناول سمجهه ۾ اچڻ کان ٻاهر نڪري ويو. پبلشر مون سان واعدو ڪري اٿيو ته هو فاش غلطيءَ وارو نسخو مارڪيٽ ۾ نه آڻيندو ۽ غلطي دور ڪري، ٻاونجاهه بابن سان ناول مارڪيٽ ۾ آڻيندو، ان ڳالهه کي پنج ڇهه سال ٿي ويا آهن. هن وقت ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ جا ٻه نسخا سنڌ ۾ وڪامي رهيا آهن، هڪ اُهو نسخو، جنهن ۾ پروف جي فاش غلطيءَ سبب باب رهجي ويا آهن ۽ ناول سمجهه ۾ اچڻ کان ٻاهر ٿي پيو آهي ۽ ٻيو ٻاونجاهه بابن وارو نسخو. منٿ ميڙ ۽ ايلاز ڪرڻ جي باوجود پبلشر پروف جي فاش غلطيءَ وارو نسخو مارڪيٽ مان واپس وٺڻ لاءِ تيار ناهي. لکڻ منهنجو شوق ناهي، نه ئي لکڻ منهنجي هابي آهي ۽ نه نامياچار جو وسيلو آهي، لکڻ منهنجي زندگيءَ جو حصو آهي، مان ڪيئن هڪ پبلشر کي پنهنجي زندگي ٽوڙي مروڙي، لولي لنگڙي ڪري پيش ڪرڻ جي اجازت ڏيان! منهنجو پڙهندڙن کي عرض آهي ته هو جڏهن به ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ وٺن ته ٻاونجاهه بابن وارو نسخو وٺن. جن پڙهندڙن پروف جي فاش غلطيءَ سان بنا بابن وارو نسخو ورتو آهي، تن جو اخلاقي ۽ قانوني حق آهي ته هو پروف جي فاش غلطيءَ وارو نسخو پبلشر کي واپس ڪري کانئس ٻاونجاهه بابن وارو نسخو طلب ڪن.
اوهان سڀني جو فقير
امر جليل
روزانه ڪاوش تان ورتل