ابو واصف
سينيئر رڪن
ادا سنڌ سلامت جي سَٿ! ٻيلي اوهان کان هڪڙو فيصلو وٺرائڻو آهي، اهو اهو ته هڪڙي دفعي مون پنهنجي هڪ دوست جي ڪمپيوٽر ۾ ونڊوز ايڪس پي انسٽال ڪيم. الله جي مهربانيءَ سان ونڊوز ته لوڊ ٿي وئي، پر ري اسٽارٽ ڪرڻ تي ڪمپيوٽر ”پاس ورڊ“ گهريو، حالانڪه مون ان کي پاس ورڊ لڳايو ئي نه هيو. ڪافي ايلاز منٿون ڪيم ته ٻيلي مون ته پاس ورڊ ڏنو ئي ڪونهي، پر ”ٻَيڪَ اُها ئي ٻي....“ ڪاوڙ ته ڏاڍي آيم، پر وَسُ ڪونه پُڳو، ڇاڪاڻ ته ڪمپيوٽر پرايو، نه ته ماڳهين کڻي ڊاهي وجهانس ها. مجبوراً نئين سر ڊرائيو فارميٽ ڪري ٻيهر ونڊوز ايڪس پي انسٽال ڪرڻي پئي.
خير....! ”هنوز دلي دور است“ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ منهنجي آفيس جي سسٽم ۾ به ساڳيو مسئلو پيش آيو. گهڻا جانٺا هڻڻ جي باوجود کيس دَسي نه سگهيم. ڪمپيوٽر جي اهڙي آڙاگوڙيءَ جي شڪايت ”سنڌ سلامت“ جي ساٿيءَ ابوزين کان پڻ ڪيم. چيائين ته اسان وٽ هڪڙو ”جادوگر“ آهي، ان کان پڇي ڏسان ٿو. مَٺيان ته ڏاڍي لڳم ته ڇا مون کان وڏو به ڪو جادوگر ٿي سگهي ٿو؟ (واضح رهي ته اهو داغ مون کي آفيس وارن لڳايو آهي. جڏهن به ڪو ڪمپيوٽر ڪنهن کان درست نه ٿيندو آهي، ته فقط منهنجي نالي ٻُڌڻ سان ڪمپيوٽر پاڻهرتو نه صرف هلڻ، پر ڊوڙڻ لڳندو آهي). بهرحال سوچيم ته مذاق ٿو ڪري.... ڪيڏانهن ويندو؟ نيٺ ته ٺهندو...! پر نه سائين! ڪمپيوٽر صاحب چوي ته ”هنوز دلي دور است“
مار...! هي ڇا...؟ هاڻي ته منهنجو پرسنل ڪمپيوٽر به ائين ئي ماڻا ۽ ٽاڻا ڪرڻ لڳو آهي، جيئن صنفِ نازڪ ڪندي آهي. ٻيلي هاڻي توهان ئي ٻُڌايو ته اها هر هر جي مذاق ڪرڻ ڪا چڱي ڳالهه آهي. بنهه پَٽڪو ئي ڌوڙ ڪري ڇڏيو اٿس. ڪا واٽ نه ڏسي آخر سوچيم ته توهان سنگت سان رابطو ڪريان، ڇاڪاڻ ته هتي ”ادي جادوگر“ کان سواءِ ”جهانداد“ به ويٺو آهي، جيڪو فيصلو به پاڻ ڪندو...! ٻيلي ان اڻ ڏنل پاس ورڊ جو ڪو ته حل ڳوليو ته اهو آخر ڇاجي ڪري ٿو لڳي وڃي؟